”ايڪتا ” سمورين وڇوٽين کي وسارڻ گهرجھي.............

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ حفظ الله ڪاڪا طرفان آندل موضوعَ ‏4 ڊسمبر 2010۔

  1. حفظ الله ڪاڪا

    حفظ الله ڪاڪا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    54
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    358
    سنڌ جي هر گهٽي ۽ گلي مان اجرڪ ۽ ٽوپي جي خوشبو اچڻ سان سنڌ جي روح کي راحت ملي رهي آهي ۽ گهڻي وقت کان پوءِ ان سوال جو جواب پڌرو ٿي رهيو آهي، جيڪو ڪنهن شاعر هن لفظن ۾ چيو ته
    “متان ائين نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي
    ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي”.
    سنڌي قوم اڄ انهن سمورن لفظن ۾ ڀريل ڏک جي داستان جي چٽي طور عڪاسي ڪندي ان ڏکويل لفظن کي پنهنجي آجپي جي آڌار تي اها خاطري ڪرائڻ جو عزم ڪيو آهي ته سنڌ ۽ سنڌي ٻولي دنيا جي تاريخ ۾ هميشه زندهه رهڻ جو وچن ڪري وجود ۾ آئي آهي ۽ سنڌي ان جي بقا لاءِ هر روز هڪ نئي پليٽ فارم تي گڏ ٿي اهڙن ڏکن کي هميشه لاءِ ڏور ڪندي. هنن ڏينهن کي ملهائڻ لاءِ جتي پوري سنڌ هڪ نظرئي تي گڏ ٿي رهي آهي ته اتي اسان کان پنهنجا توڙي پراوا ان ڳالهه جو اسرار ڪن ٿا ته وقت جي هن ههڙي ويران موجن جي وسيع وهڪري ۾ وڪوڙجي ويل سنڌ جي سمورن امڙين، ٻارڙن ۽ ان سمورين انهن اداس اکڙين جي نيڻن ۾ نرواري آڻڻ لاءِ اسان ڪهڙي ريت جفاڪشي جي جوءِ ۾ جهاتي هنئي آهي. ٻوڏ جي وهڪري ۾ وهي ويلن جي سار اسان کي هنن ڏينهن تي ضرور لهڻ گهرجي.
    پنج هزار سال پراڻي ثقافت کي ميسارڻ لاءِ ڪيترا ئي هيلا ۽ وسيلا ڪت آندا ويا پر هر دور ۾ ان کي ناڪام بڻائڻ ۾ سنڌ ڪڏهن به نه ڪيٻائيو. سنڌ ڪڏهن به قربانين کان نه ڪيٻايو آهي، هوشو شيدي جي لفظن “مرويسون مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون” سنڌ جي رٺل راڻن ۾ روح ڦوڪيو ۽ انهن کي پنهنجي جوءَ ۾ جيئڻ لاءِ سگهه پيدا ڪرڻ تي مجبور ڪيو.
    سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ سومرن، سمن، مغلن ۽ فرنگين جي آڙ ۾ به سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ٿي پر تنهن وقت به سنڌين جي وجود ۾ اهو ولولو موجود هئو جنهن ويرن کي ورڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو. اهڙن سمورن مامرن جي پسمنظر ۾ وڃڻ کان پوءَ ان ڳالهه تي اتقاق ڪرڻ کان انڪار نه پيو ڪري سگهجي ته سنڌ ۽ سنڌ جا رهواسي ڪڏهن به پاڻ کي ڪنهن ڪم ظرف ۽ ويڪو جي فطرت ۾ وڪڻجڻ ۽ سنڌ جي روايتن تي سوديبازي ڪرڻ بدران ڪنڌ ڪپائڻ کي ترجيح ڏني.
    ڪجهه تڪرارن اڄوڪي ڏنهن ته به ماٺ نه ڪئي آهي، ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ گهمندي هڪ غير سنڌ وٽان ڪجهه ڇرڪائيندڙ لفظ ٻڌڻ ۾ آيا.. “سنڌين ۾ پاڻ ۾ اتحاد ناهي ۽ ثقافت جا ڏينهن ملهائي رهيا آهن، لڳي ائين ٿو ته سنڌن جو ثقافت جو ڏينهن حڪومت ۽ ميڊيا ڌرا ڌار طئي ڪندا آهن” اهي لفظ ٻڌي انهن تي غور ڪرڻ مناسب سمجهم ۽ ان کي حقيقت تي مذاق سمجهڻ جي ڪوشش ڪيم، پر ان غيرسنڌي جي چيل لفظڻ ۾ ڪجهه حقيقت جو روپ نظر اچي رهيو هو. مون ساڻس بحث ڪري کيس سمجهائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر هو اهو ئي جواز ڄاڻائي پنهنجي ڳالهه تي بضد رهيو ته ڪڌهن ڪو چينل 5 ڊسمبر ته ڪڏهن حڪومت ۽ پيپلز پارٽي 4 ڊسمبر تي ثقافتي ڏنهن ملهائڻ جا اعلان ڪري رهي آهي. واقعي ان ڳالهه تي ڪجهه حيرت ٿي ته ڌار ڌرا ڏينهن ملهائڻ سان سنڌي قوم کي ڪهڙو فائدو يا نقصان ٿيندو. پر ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ ٽي وي چينل تي پيپلز پارٽي جي هڪ ايم پي اي کان پچل سوال جي جواب ۾ هڪ چٽو ۽ واضح جواب مليو ته خوشي جا تي ڏينهن ملهائيا ويندا آهن، سنڌي قوم ٻه ڏينهن ملهائيندي، ان ۾ اهڙي ڪا به خطا نه آهي. ان جواب کان پوءِ سنڌي قوم کي وڌيڪ هڪ ڏينهن ملهائڻ جو موقعو مليو آهي. سنڌي قوم هنن ڏينهن کي ملهائي اهو واضح ڪندي ته ڪير به سنڌ جي ثقافت ۽ تمدن کي نقصان پهچائڻ جي سگهه نه ٿو رکي سگهي.
    حفظ الله ڪاڪاHifzullah kaka”
     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ”ايڪتا ” سمورين وڇوٽين کي وسارڻ گهرجھي.............

    بيشڪ ادا سنڌو ماٿريء جا وارث اڄ پنهنجي ثقافت جو ڏهاڙو ملهائي
    اهو ثابت ڪندا ته اسين سڀ هڪ قوم آهيون۔۔۔۔

    بيشڪ اڄ پوري سنڌ مان اجرڪ ۽ ٽوپي جي خوشبو اچڻ سان سنڌ جي روح کي راحت ملي رهي آهي
    سنڌي قوم اڄ انهن سمورن لفظن ۾ ڀريل ڏک جي داستان جي چٽي طور عڪاسي ڪندي ان ڏکويل لفظن کي پنهنجي آجپي جي آڌار تي اها خاطري ڪرائڻ جو عزم ڪيو آهي ته سنڌ ۽ سنڌي ٻولي دنيا جي تاريخ ۾ هميشه زندهه رهڻ جو وچن ڪري وجود ۾ آئي آهي۔۔۔

    اڄوڪي ڏينهن تي اهو وچن ڪرڻ گهرجي ته پاڻ ۾ سڀ وڇوٽيون ختم ڪري هڪ ٿي وڃجي

    انشاالله
     
    حفظ الله ڪاڪا هيء پسند ڪيو آهي.
  3. حفظ الله ڪاڪا

    حفظ الله ڪاڪا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    54
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    358
    جواب: ”ايڪتا ” سمورين وڇوٽين کي وسارڻ گهرجھي.............

    مهرباني ادا سائين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ”ايڪتا ” سمورين وڇوٽين کي وسارڻ گهرجھي.............

    رات جڏهن سنڌ جا ٽي وي چينل ڏسندي سنڌين کي سنڌي ثقافتي عيد ملهائڻ جون تياري ڪندي ڏٺو، سندن چهرن تي مرڪون، جهمريون ۽ لاڏا، سنڌ جا نعرا ۽ سنڌ جا گيت ٻڌا ته خوشي منجهان اکين مان ڳوڙهن جون لارون وهي نڪتيون ۽ دل مان دعائون ته رب العالمين اهڙو ڏينهن آڻي جو دنيا ۾ سنڌ هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ سان سڃاتي وڃي ته جيئن اهو سهڻي ثقافت پوري دنيا کي ڏيکاري سگهجي ۔۔۔

    ڪالهه هت مڪي ۾ هڪ آفريڪي ماڻهون کي سنڌي ٽوپي پاتل ڏٺم ته هو ڪارو انسان به سهڻو ٿي لڳو ۽ دل چاهيو ته ڀڄي وڃي سندس چلڪندڙ ڪارن ڳلن تي چمي ڏيان ۔۔۔

    رب سنڌين جو حامي ۽ ناصر هجي ۔۔۔ آمين
     
    حفظ الله ڪاڪا هيء پسند ڪيو آهي.
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ”ايڪتا ” سمورين وڇوٽين کي وسارڻ گهرجھي.............

    جي ادا بلڪل .................
     
    حفظ الله ڪاڪا هيء پسند ڪيو آهي.
  6. حفظ الله ڪاڪا

    حفظ الله ڪاڪا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    54
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    358
    جواب: ”ايڪتا ” سمورين وڇوٽين کي وسارڻ گهرجھي.............

    سائين اسان ته اهڙين سارن کي سدائين لا الوداع ڪرائڻ جي آڌار ۾ اڙيل هياسين پر اسان کي ان مان آجپو آڻڻ لا آساني ٿي سگهي ٿي۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  7. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: ”ايڪتا ” سمورين وڇوٽين کي وسارڻ گهرجھي.............

    ادا سنڌي ماڻهو ۽ سنڌي ٻولي لاء اوهان جا ويچار قابل تعريف آهن۔سنڌي ماڻهن جيڪڏنهن سڀ ويڇا وساري ٻانهن ٻهلي ٿي ڪم ڪن ته سنڌ جي تر قي کي ڪير به روڪي نه ٿو سگهئ۔اسان کي ته پنهنجائي هيسائن ٿا ورنه ٻاهرين (ٻين قومن) کان اسان زور آهيون۔تعليم ۽ ٻين ميدانن ۾ محنت سان آڳيان نه آيندسين ته ايندڙ وقت ۾ اسان پنهنجي سنڌي هئڻ جي شناخت نه وڃائي ويهون۔
     
    حفظ الله ڪاڪا هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو