سنڌ سلامت ريڊيو ۾ نعت ۽ سنڌي قومي گيتن جو واڌارو

'سنڌ سلامت اسٽوڊيو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏4 ڊسمبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ سلامت جا دوستو سڀني کي سنڌي ثقافت جو ڏينهن مبارڪ هجي۔

    دوستن جي راين کي موٽ ڏيندي سنڌ سلامت جي انتظاميه سنڌ سلامت ريڊيو جي سيڪشن ۾ ڪجه واڌارو ڪيو آهي۔ خاص ڪري ادا طاهر سنڌي جي صلاح هئي ته هڪ البم نعت، حمد ۽ منقبت جو شامل ڪجي۔

    لسٽ نمبر هڪ ۾ سنڌي ڪلاسيڪل ڪلام شامل ڪيا ويا آهن

    لسٽ نمبر ٻه ۾ سنڌي قومي گيت شامل آهن

    لسٽ نمبر ٽي ۾ سنڌي صوفي راڳ شامل آهي

    لسٽ نمبر چار ۾ نعت ، حمد ۽ منقبت کي شامل ڪيو آهي۔


    دوستن کي گذارش آهي ته جيڪڏهن هنن وٽ نعت ، حمد ۽ قومي گيتن جي آڊيو ڪليڪشن آهي ته موڪلي ڏين يا وري اپلوڊ ڪري ان جي لنڪ موڪلين ته جيئن ريڊيو جي سيڪشن ۾ واڌارو آڻجي۔

    اوهان جي راين ۽ صلاحن جو انتظار رهندو۔

    مهرباني
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ سلامت ريڊيو ۾ نعت ۽ سنڌي قومي گيتن جو واڌارو

    شل ٻچا جيئني

    تمام وڻندڙ خبر ٻڌائي اٿئي

    تمام بهترين قدم آهي خاص طور تي لسٽ نمبر چار ۾ حمد ۽ نعت رکي ڪري اصل ٿڪ ئي لاهي وڌو هاڻي سنڌ سلامت فورم تي رهندي اسان حمد ۽ نعت به ٻڌي سگهو ٿا

    سدائين گڏ
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ سلامت ريڊيو ۾ نعت ۽ سنڌي قومي گيتن جو واڌارو

    فقير سائين اونئن نه ٻڌندا هئاسين ڇا ۔۔۔؟؟؟‌ ها ها ها۔۔
    ادا سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ريڊيو تمام بهترين واڌارو آهي ۽ توهان ان جي ريڊيو سروس کي به سٺي نموني هلائيندا پيا اچو۔۔۔۔
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سلامت ريڊيو ۾ نعت ۽ سنڌي قومي گيتن جو واڌارو

    لک لائق پيارا دوست۔
    ٿورا انتظاميه جا لکين، جو هن عاجز جي فرمائش تي اهڙو بهترين ۽ لاجواب قدم کنيو ويو آهي۔
    يقينن جيسين تلاوت حمد نعت هن فورم تي ٻڌا ويندا ته ان شاءَ الله مون سميت هن پروجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ دوستن جا درجا بلند ٿيندا رهندا، ۽ قيامت تائين جيڪو به ٻڌي فائدو حاصل ڪندو تنهن جو ان کان سواءِ پنهنجي ٽيم کي به ان شاءَ الله قيامت تائين ان جو اجر و ثواب صدقه جاريه طور رهندو۔
    لکين ٿورا دوستن جا۔
    ۽ ساري سنڌين کي هي عظيم ڏينهڙو مبارڪ هجي۔
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سلامت ريڊيو ۾ نعت ۽ سنڌي قومي گيتن جو واڌارو

    [justify]عرض ڪندو هلان ته نعت سيڪشن ۾ نعت نمبر 2 نه ٿي هلي شايد ڪا ٽيڪنيڪل خرابي هجي۔

    هڪ ٻي به گذارش آهي ته ٽريڪ ۾ جي ٿي سگهي ته اهڙو سسٽم رکجي جو هڪ نعت يا گيت هلائڻ کان بعد ٻيو ٽريڪ آٽو پاڻ ئي اسٽارٽ ٿي وڃي ڇو ته هاڻ هڪ هڪ نعت يا گيت کي مينوئل هلائڻو ٿو پوي۔
    تجويز ڪيئن لڳي ضرور ٻڌائيندا۔ [/justify]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو