نثارابڙو
نائب منتظم
سنڌ سلامت جا دوستو؛
ڇا اوهانکي خبر آهي ته ڪالهه جيتوڻيڪ ڀيڻ بينظير جو جنم ڏينهن هو، جنهن لاءِ اسانجي دوست سائين رشيد سمون صاحب هڪ پوسٽنگ ڪئي به هئي پر اهو ساڳيو ڏينهن 21 جون، اسانجي هڪ محترم شخصيت، سنڌ جي حقيقي اڳواڻ، غريبن ۽ هارين جي همدرد سائين حيدر بخش جتوئيءَ جو مرڻ ڏينهن به هو ...
افسوس جو اسين دوست سندس مرڻ جي ڏينهن تي کيس ڪو خراج عقيدت پيش ڪري ڪون سگهياسون، پر چوندا آهن ته دير آيد درست آيد، سو دوستو آءُ، سنڌ سلامت جي پوري ٽيم پاران سائين حيدر بخش جتوئيءَ کي خراج عقيدت ٿو پيش ڪريان ... ۽ ممڪن ٿيو ته سندس زندگي ۽ جدوجهد تي ڪو سٺو ليک هڪ ٻن ڏينهن اندر اوهان آڏو پيش ڪريان ....
دوستو، جي اوهان وٽ ڪو سٺو ليک آهي ته مهربان ڪري ونڊ ڪندا ...
الله اسانکي سنڌ جي حقيقي اڳواڻن جي راه تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي ... آمين
سدائين گڏ
نثار ابڙو