ثقافتي ڏهاڙن جي تاريخ مرلي ڌر ثقافتي ڏينهن پهريون دفعو 1948ع ۾ جاپان ۾ ملهايو ويو، اهو ڏهاڙو 3 نومبر 1946ع جي جاپانين جي جنگ کان پوءِ واري آئين جڙڻ جي خوشيءَ ۾ ملهايو ويو هو. ان ڏينهن جو مقصد ثقافت، آرٽ ۽ تعليمي حاصلات کي اُجاگر ڪرڻ هو. ثقافتي ڏهاڙا سڄي دنيا ۾ ملهايا ويندا آهن، انهن ڏهاڙن ملهائڻ جو مقصد ثقافت کي هٿي وٺرائڻ هوندو آهي. ان ۾ ثقافتي ميلا، ريليون ۽ گڏجاڻيون ڪيون وينديون آهن، ان ڏهاڙي تي اُنهن شخصيتن کي ايوارڊ ڏنا ويندا آهن، جن آرٽ، ڪلچر، سائنس، تعليم، ميوزڪ ۽ ادب جهڙن شعبن ۾ ڪا نمايان ڪاميابي حاصل ڪئي هوندي آهي. ان ڏينهن کي ثقافت کي سگهارو بڻائڻ لاءِ به استعمال ڪري سگهجي ٿو. اهي ڏينهن آمريڪا جي اسڪولن ۾ به ملهايا ويندا آهن. ڪاموپوليٽن علائقن ۾ جيئن ته مختلف زبانن ڳالهائڻ وارا ماڻهو رهندا آهن اُتي دنيا جا ثقافتي ڏهاڙا ملهايا ويندا آهن، انهن ڏهاڙن تي جيڪي ٻارڙا تعليم ۾ پوئتي رهجي ويندا آهن، انهن کي هٿي ڏيڻ ۽ مدد ڪرڻ به شامل هوندو آهي. آمريڪا جي اسڪولن ۾ دنيا جا ثقافتي ڏهاڙا باقاعدهه سان ملهايا ويندا آهن ۽ شاگردن کي ٻين ثقافتن جي باري ۾ ٻڌايو ويندو آهي. عرب، ثقافتي ڏينهن 5 ڊسمبر کان 11 ڊسمبر تائين ملهائيندا آهن، انهن ڏينهن تي عرب ثقافت بابت مختلف فلمون ڏيکاريون وينديون آهن ۽ اهو ٻڌايو ويندو آهي ته ٻين ثقافت سان انهن جي ڪهڙي هڪجهڙائي آهي. عرب ميوزڪ، ڊانس ۽ نمائشون ترتيب ڏنيون وينديون آهن. عرب ڪلچر ڏينهن يونيسڪو جي ڍانچي يونيسڪو عربيه پلان تحت ملهايو ويندو آهي. سائوٿ آفريڪا ۾ اهو ڏينهن ڪلچر ميلن ٽوئر ۽ ڳوٺن ڏانهن دورا ڪري ملهايو ويندو آهي. چائنا ۾ روزاني جي بنيادن تي ثقافتي ٽوئر ۽ ڏينهن ملهايا ويندا آهن. ٿائي ثقافتي ڏينهن 1993ع ۾ پهريون دفعو ٿائي ڪميونٽي آرٽس ۽ ڪلچر سينٽر ملهايو هو. اهو هر سال سيپٽمبر ۾ ملهايو ويندو آهي. ٿائي ثقافتي ڏهاڙي جو مقصد ٿائي آرٽ ۽ ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ هو. ان ۾ تعليمي ۽ تفريحي سرگرمين ذريعي ۽ مختلف ثقافتي ڌرين سان ميل ميلاپ ڪري اهو ڏينهن ملهايو ويندو آهي. ان ۾ ڪلچر، آرٽ، ميوزڪ، رانديون ۽ رڌ پچاءَ جا طريقا به شامل آرٽسٽ هوندا آهن. اهو ڏهاڙو لاس اينجلس علائقي ۾ ملهايو ويو. ڪئناڊا ۾ ڪئناڊين آرٽسٽ طرفان اهو ڏينهن ملهائڻ شروع ڪيو ويو. بنگلاديش پنهنجي ثقافت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهو ڏينهن ماسڪو ۾ ملهايو ۽ پنهنجي ثقافت کي روشناس ڪرايو. اهي ڏهاڙا ملهائڻ انتهائي اهم آهن ۽ ڪوشش ڪجي ته ٻين ثقافتي ڌرين کي به ان ۾ شامل ڪجي. سنڌ کان ٻاهر به اهي ڏينهن ملهائجن مثال طور تي ٻين صوبن ۾ ۽ ٻين ملڪن ۾ ان سان سنڌ جي ثقافت، آرٽ کي وڏي هٿي به ملندي، اهو معاشي طرح به ماڻهن کي سگهارو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. اهو ڏينهن ماڻهن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن ڏهاڙي ڪيتريون ئي شيون ڪري سگهجن ٿيون، هر اها شئي جيڪا تخليقڪار کي عوام جي ويجهو ڪري شاگرد پنهنجي اسڪولن ۾ اهو ڏهاڙو ملهائي سگهن ٿا. نئين قسم جو ڪلچر برپا ڪجي. ڪا نواڻ پيدا ڪجي، ٽوئر ميوزڪ، ورڪشاپس، پراڻن ماڳن جا دورا، چٽاڀيٽي وارا مقابلا، اهو سمورو ڪجهه هن ڏينهن تي ڪري سگهجي ٿو. ماڻهن جي وڏي پئماني تي شموليت ۽ چرپر، ماڻهن ۾ اتساهه پيدا ٿي ڪري. ثقافتي ڏهاڙا ملهائي اسين نئون سماج جوڙي ٿا سگهون. دوستي، امن، ڀائيچاري جو نئون ڪلچر پيدا ڪري سگهون. پنهنجي ثقافت کي هٿي ڏياري ٿا سگهون ۽ ٻين ثقافتن سان هڪ نئون رشتو جوڙي ٿا سگهون. سڀئي ڌريون ٻڌيءَ جو هڪ نئون باب تشڪيل ٿيون ڏئي سگهن. ڏهاڙو هر سال هن ئي تاريخ تي ملهائڻ جو وچن به ضرور ڪجي. سنڌڙي سپنو ناهي سائين راز ناٿن شاهي اڄوڪي ڏهاڙي تي مون سميت اُهي سنڌي سانگيئڙا جيڪي سنڌڙيءَ سون سريکيءَ سان تمام گهڻو پيار ڪن ٿا، سنڌ جي صدين پراڻي ثقافت تي ساهه ڏين ٿا، مهراڻ ماٿريءَ جي يادگار ماڳن ۽ مڪانن کي جيءَ ۾ اڃا به سانڍيو اچن ٿا، اڪيلائيءَ ۾ لطيف سائينءَ جا بيت چپن تي چورين ٿا ۽ سدا حيات لوڪ گيتن جي ڌنن تي بي اختيار جي جهومن ٿا سي سڀ تمام گهڻو خوش آهن، ڇو جو سنڌي ثقافت ۽ سنڌ واسين جي شاهوڪار تهذيب جا ڏينهن نه صرف سٻاجهڙي سنڌ پر دنيا جي هر اُن شهر ۽ ڳوٺ ۾ به سنڌ سان پيار جي اظهار جا جشن ملهايا پيا وڃن، جتي سنڌي آباد آهن. سڄي ڀونءِ ڀلاري سنڌڙيءَ جي رنگن کي محسوس ڪري سنڌ واسين جي چمڪندڙ چهرن ۽ روشن نيڻن کي ڏسي هڪ عظيم جذبو ڏسي وٺندي، اسان ۽ توهان ڪيڏا نه خوش نصيب آهيون جو پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي اهڙا خالص سنڌي ثقافتي ڏينهن ڏسون ٿا!!! اهڙن يادگار ڏهاڙن ۽ پنهنجي سنڌڙي ماءُ سان کليل لفظن ۾ هر شهر جي هر چوڪ ۾ بيهي وڏي واڪي اظهار ڪرڻ ڪنهن دور ۾ تمام گهڻو ڏکيو هو ۽ اهڙا سپنا سهانا پنهنجن نيڻن ۾ کڻي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، سائين جي ايم سيد، اسان جو ڳوٺائي ڪامريڊ محمد بخش مشوري، جيل جو ساٿي يوسف جکراڻي ۽ ٻيا اڏول انسان هن جيجل سنڌڙيءَ جي مهان مٽيءَ ۾ وڃي آرامي ٿيا. اڄ کان ٻائيتاليهه سال پوئتي جي تاريخ جو هڪ هلڪو منظر توهان اڳيان پيش ٿو ڪريان، هي 7 اپريل 1972ع جمعي جو ڏينهن آهي، ملڪ ۾ سول مارشل لا ائڊمنسٽريٽر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو آهي ۽ سنڌ جو گورنر ممتاز علي ڀٽو آهي، جنهن جي حڪم تي مون سان گڏ ٽنڊي الهيار جي انقلابي رهنما مولانا عبدالحق رباني، يوسف جکراڻي، منشي ابراهيم، يوسف لغاري، شيام لال، شنڪر لال، نند لال ۽ سکر کان گهنشام داس کي مارشل لا ضابطي نمبر اي/89 تحت گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو ويو!! ۽ صبح جو سڀني سنڌي ۽ اردو اخبارن جي ليڊ اسان جي گرفتاري ۽ گورنر ممتاز علي ڀٽي جي پريس ڪانفرنس هئي، جنهن ۾ گورنر صاحب اسان لاءِ سنڌ جي عوام کي ٻڌايو هو ته ”هي سڀ ماڻهو جيڪڏهن آزاد هجن ها ته اڄ سنڌ جي گهٽي گهٽيءَ ۾ خون وهي ها“. اسان سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ هئاسين، فوجي ڪورٽ حيدرآباد ۾ ڪيس هليو، جنهن ۾ فيصلي ڪرڻ جو حق اداڪار ڪمال جي ڀاءُ ميجر جلال کي هيو، اسان جا وڪيل حفيظ قريشي ۽ مهربان رسول بخش پليجو هئا، منهنجي قيد ڪهاڻي آزاد ٿيڻ کان پوءِ گاجن مستوئي جي رسالي ”انقلاب“ ۾ سلسليوار شايع ٿي هئي. هي اُهي ڏينهن هئا جن ڏينهن ۾ سنڌ جو نالو وٺڻ، سنڌ واسين جي حقن لاءِ ڳالهائڻ، سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ سوچڻ، ڪيٽي بندر کان ڪشمور تائين هڪ جرم سمجهيو ويندو هو. جشن روح رهاڻ ٿيندو هو ته بسنت هال کان وٺي گاڏي کاتي، ريڊيو پاڪستان، حيدري ۽ ڪراچي هوٽل تائين خابرو رياستي ادارن جا ماڻهو پکڙيل هوندا هئا. پوءِ به سکر کان شيخ اياز، فتاح ملڪ، ڪنڌڪوٽ کان قمر شهباز، جيڪب آباد کان عبدالڪريم گدائي، ڪراچيءَ مان شمشير الحيدري، الطاف عباسي ۽ تاج بلوچ، دادوءَ کان شوڪت سنڌي، خيرپور ناٿن شاهه کان محسن ڪڪڙائي، آثم ناٿن شاهي، وفا ناٿن شاهي، ٺٽي کان غلام حسين رنگريز، سجاول کان سرويج سجاولي ۽ ٻيا ساٿي پنهنجا سنڌ ڌرتيءَ سان پيار ڀريل گيت ٻڌائڻ کان نه ڪيٻائيندا هئا. اهڙين ڏکين حالتن ۾ به شوڪت شورو ”چوڏس“ رسالو، خالد سنڌي ”ٻيجل“ مدد سنڌي ”اڳتي قدم“ حميد سنڌي ”روح رهاڻ“ هر مهيني پڌرو ڪرڻ کان نه گهٻرائيندا هئا. ڄام ساقي، مير ٿيٻو، اقبال ترين، پناهه جگر، قاسم پٿر يا اشوڪ گنگواڻي ڪجهه عرصو انڊر گرائونڊ ضرور ٿيندا هئا پر ڪراچي هوٽل جي ڪچهرين ۾ ضرور شريڪ ٿيندا هئا. طارق اشرف کي ماهوار ”سهڻي“ شايع ڪرڻ وقت وس وارن ڪيترا ڏک ڏنا، جيل ۾ وڌو پر پوءِ به سنڌ سڳوريءَ سان هن جو عشق گهٽ نه ٿيو، مان ان دور ۾ حيدرآباد جي هڪ روزاني اخبار ۾ ڪم ڪندو هئس، جيڪا پيپلز پارٽيءَ جي اخبار هئي، آزاد ٿيڻ کان پوءِ مون هن اخبار منجهان احتجاج طور استعيفيٰ ڏني هئي ۽ بعد ۾ ساڳي اخبار ڪراچيءَ منجهان شايع ٿيڻ وقت مون کي جوائن ڪيو هو. دوستو انهيءَ کي چئبو آهي وقت وقت جي ڳالهه، دور دور جا رنگ، پراڻي دور ۾ اڄ کان ٻائيتاليهه سال اڳ به پيپلز پارٽي جي حڪومت هئي، جنهن ۾ مولانا عبدالحق رباني جو ڏوهه اهو هو جو هو دانشور سنڌ جي مظلومن جي ڳالهه ڪندو هو، يوسف لغاري، يوسف جکراڻي، شيام لال، شنڪر لال، نند لال ۽ گهنشام داس جو گناهه اهو هو جو هو سنڌ جي هر تعليمي اداري ۾ سنڌ جا نعرا هڻندا هئا!! منشي ابراهيم ۽ راز ناٿن شاهيءَ جو ڏوهه اهو هو جو اسان سنڌ سان نينهن واري شاعري ڪندا هئاسين، ڄام ساقي، اقبال ترين يا مير ٿيٻو اهو گناهه ڪري ويٺا جو سٻاجهڙن سنڌين سان ٻڌيءَ جو اقرار ڪري ڪنهن ٻاٽ ۾ لاٽ جلائيندا هئا، پناهه جگر يا قاسم پٿر انهيءَ ڪري قصور وار هئا جو هي نوجوان هارين ۽ مزدورن جي حقن جي ڳالهه ڪندا هئا. پراڻيون دردن واريون ڪهاڻيون تمام گهڻيون طويل آهن، جن تي تفصيل سان لکڻ لاءِ اوتروئي وقت درڪار آهي پر سنڌ واسين لاءِ ٿورا گهڻا ڏک ۽ درد سهڻ، اخبارن ۽ رسالن تي بندش پوڻ، ليکڪن ۽ دانشورن کي جيل موڪلڻ واريون سڀ وارداتون اُن ڏينهن جي شايع ٿيندڙ اخبارن جي رڪارڊ ۾ ۽ ساڃاهه وند سنڌين جي ذهن واري ڪمپيوٽر ۾ اڄ به محفوظ آهن ۽ جڏهن به سنڌ ڌرتيءَ، سنڌي ثقافت، سنڌي قومي ادب ۽ سنڌ سجاڳيءَ واري ڳالهه ورجائبي ته گذريل ڏينهن وسارڻ تمام ڏکيو ڪم آهي. مون شروع ۾ ئي عرض ڪيو هو ته سنڌ واسي هن وقت ڪيڏا نه خوش قسمت آهن جو سنڌ ۾ ٻڌيءَ جو ڏينهن، سنڌ جي شاهڪار ثقافت جو ڏينهن، مٽيءَ ماءُ سان وفا جو ڏينهن، سنڌ سرڪار سان گڏوگڏ سنڌي اخبارون، سنڌ ٽي وي چئنل ۽ سنڌ جا ماروئڙا پوءِ اهي سنڌ ۾ هجن يا سنڌ کان ٻاهر هجن هڪ نئين جشن جي طريقي سان وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهيا آهن ۽ اها خوشي پورا ٻه ڏينهن سنڌ ۾ نوان رنگ پکيڙي ڇڏيندي ۽ سنڌ جي ڀلائيءَ، سنڌ جي ترقيءَ لاءِ نئين سوچ جون راهون به ڏيکاريندي. ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي دوست پروفيسر اعجاز قريشيءَ پنهنجي هڪ مضمون ۾ تمام سهڻيون صلاحون ۽ مشورا سجاڳ وس وارن کي ڏنا هئا جن ۾ هڪ خاص عمل جيڪو اجتماعي فائدي وارو آهي، اهو آهي ته ”سنڌي ٻولي ايڪٽ 1972ع“ تي عمل ڪرڻ واري راءِ بحال ڪرڻ. مون کي اها ڳالهه ان ڪري به ورجائڻ جي ضرورت پيش آئي ته جڏهن اها قرارداد سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪئي وئي هئي ته ڪجهه هم خيال دوستن سان گڏ مان به ڪراچيءَ ۾ هيس ۽ اُها رات اسان خوشيءَ سان جهومندي اکڙين ۾ اوتي هئي پر صبح جو جڏهن حيدرآباد آفيس پهتو هئس ته مون لاءِ هڪ تمام وڏي دهشتناڪ خبر انتظار ۾ هئي، جمعي جو ڏينهن جولاءِ 1972ع جي مهيني جي ستين تاريخ منهنجي بابا سائين هن جڙتو جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو ۽ انهيءَ وقت مان ڳوٺ لاءِ روانو ٿي ويو هئس، مون ڳالهه پئي ڪئي سنڌي ٻولي ايڪٽ 72ع جي ته واقعي اها وڏي حيرانيءَ واري ڳالهه آهي ته هڪ اُها قرارداد جيڪا چونڊيل اسيمبليءَ، عوامي ووٽن سان وڏي طاقت واري سرڪار هٿان منظور ٿئي پر پوءِ به ان تي عمل نه ٿئي!!!. اها ئي ساڳي عوامي جمهوري حڪومت ڪيترائي ڀيرا اقتدار ۾ اچڻ باوجود هن قرارداد تي عمل نه ڪرائي سگهي ته ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن؟ يا اُهي ڪهڙيون سگهاريون قوتون آهن، جيڪي اهو پسند نٿيون ڪن ته سنڌ ۾ سرڪاري ٻولي سنڌي هجي!؟؟ اهي ڪهڙا طاقتور انسان آهن جيڪي هن ٻلوانن جي ٻوليءَ سان ٺاهه نٿا ڪن!!؟ ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون ڳالهيون سامهون ايندي مون کي اُهي ساڳيا حيدرآباد وارا پراڻا گهاريل ڏينهڙا ياد ايندا آهن، جن ۾ سنڌين جي صدين پراڻي تهذيب ۽ تمدن کي تباهه ڪرڻ جا منصوبا ترتيب ڏنا ويندا هئا، جن ۾ سنڌ يونيورسٽي، اولڊ ڪيمپس ۾ قائم ڪيل سنڌالاجيءَ کي باهه ڏيڻ وارو ڏکائتو واقعو به رڪارڊ تي آهي، جنهن حادثي تي مون سميت تمام گهڻن سنڌ دوستن پنهنجين تحريرن، نثر توڙي نظم ۾ ڀرپور مذمت ڪئي هئي، جيئن ته هن وقت به عوامي حڪومت آهي ۽ هن کي پنهنجي پهرئين دور واري اسيمبلي منجهان وڏي اڪثريت ۽ پاس ٿيل قرارداد تي عمل ڪرائي پنهنجي مٺڙي ۽ مانائتي، شانائتي ۽ تاريخي ٻولي سنڌيءَ کي سنڌ پرڳڻي جي سرڪاري ٻوليءَ جو پختو اعلان ڪري مهراڻ ماٿريءَ، سنڌ جي سانگيئڙن ۽ پنهنجي نج سنڌي ثقافتي ترجمان هئڻ جو ثبوت ڏئي هن خوشيءَ واري موقعي کي وڌيڪ سگهارو ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سنڌي عوام جي دلين کي باغ بهار ڪري ڇڏي. سنڌي ثقافت رڳو ٽوپي ۽ اجرڪ جو نالو ناهي پر هن ۾ ته هزارين رنگ آهن، مچ ڪچهريون، چنگ ۽ يڪتاري جون صدائون، گهڙي ۽ چپڙيءَ جي لئه تار، گهوٽ کي ٻڌل موڙن ۾ پويل لونگ ۽ ڦوٽن جي خوشبو ڪنوار جي هٿن تي لڳل ميهڙ جي مينديءَ جو هُڳاءُ، پنج هزار سالن کان هن جرڪائيندڙ ۽ مهڪندڙ ثقافت کي ياد ڪرڻ لاءِ، سلام ڪرڻ لاءِ، نوڙي نياز ڪرڻ لاءِ صرف هڪ ڏينهن ته سائين تمام گهٽ آهي!! سڄي دنيا کي هن شاندار ۽ شاهوڪار تاريخي ثقافت سان مڪمل روشنائي ڪرائڻ لاءِ سڀني سنڌين کي، سنڌ ڄاون کي، پنهنجي ثقافت، پنهنجي ٻوليءَ کي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙجي اڃا به ضرورت آهي. منهنجي دُعا آهي ته ايندڙ سال سنڌ سرڪار، سنڌي اخبارون، سنڌي ٽي وي چينلز هن يادگار، شاندار ميلي کي ڀرپور نموني ملهائي عوام سان گڏ هڪ آواز ٿي هڪ سگهارو پڙلاءُ ٿي سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويندا. بشڪريه عوامي آواز سنڌي ٽوپي ڏينهن 2010 جي رپورٽ http://www.youtube.com/watch?v=rQP3HmL3Jq8 http://www.youtube.com/watch?v=h2-rqoYkAyg http://www.youtube.com/watch?v=dElOB7D3htE
جواب: سنڌڙي سپنو ناهي سائين سنڌي ٽوپي آ شان اسان جو اجرڪ ٽوپي مان اسان جو ڪوڏر ڪهاڙي نشان اسان جو قيمتي ليک آهن ۔ سٺي ڄاڻ سان ڀرپور۔ ثقافتي ڏهاڙو ڪنهن عيد کان گهٽ ڪونه پيو لڳي۔ هر طرف ٽوپين ۽ اجرڪن جا نگ ته ڪٿي پٽڪو ته ڪٿي رنگين ڀرت سان ڀريل چولا۔ ڇا ڳاله ڪجي اڄوڪي ڏينهن جي۔