سنڌ جي تاريخ متعلق هڪ نئون انڪشاف
ڪتاب لکي ٿو ته يزيد جون ڪيتريون ئي گهر واريون هيون پر انهن ۾ 2 جن ۾ هڪ ڪافر هئي سندس نالو هندُ هو ۽ ٻيءَ مسلمان هئي ۽ سندس نالو سنڌ هو. جڏهن يزيد مرتد ٿي ويو ۽ پنهنجي هٿ بيعت لاءِ حضرت امام حسين عليه السّلام سان جنگ جو اعلان ڪيائين ته اهي ٻئي عورتون يزيد جي ان نهايت ئي بيحوده عمل تي سخت پشيمان ٿيون ۽ انهن بغاوت ڪرڻ چاهي مگر ڪامياب ٿي نه سگهيون ۽ انهن حضرت امام حُسين عليه السّلام جي شهادت کي عظيم قرباني ۽ ڪارنامون قرار ڏنو ۽ يزيد جون گهر واريون هئڻ جي باوجود به انهن يزيد جي سخت مخالفت ڪئي ۽ آخرڪار يزيد مرتد جي موت کان پوءِ انهن ٻنهي عورتن هجرت ڪئي. انهن ۾ هڪ جنهن جو نالو هندُ هو، سا ان علائقي ۾ اچي آباد ٿي ۽ رهائش پذير ٿي جتي اڄ هندستان آهي ۽ آخر تائين ڪافر هوندي به حضرت امام حسين عليه السّلام سان سندس محبت ۽ عقيدت رهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو پوريءَ دنيا جي مذهبن ۾ هندو مذهب اهو واحد مذهب آهي جيڪو پنهنجي هڪ الڳ دين هئڻ جي باجود به جڏهن حضرت امام حُسين جو نالو نهايت ئي عقيدت سان سندس وٺندو آهي ۽ پڻ سندن وڏا وڏا پنڊت ۽ برهمڻ به حضرت امام حُسين عليه السّلام جي قرباني کي دنيا جي عظيم قرباني قرار ڏين ٿا. ۽ يزيد جي ٻئي گهر واري سنڌُ، جيڪا مسلمان هئي اتي اچي آباد ٿي. جتي اڄ اسان جي سونهاري سنڌ آهي ۽ صدين کان سنڌ آباد ۽ شاداب آهي.
۽ ائين پوءِ سندن نالن يعني هندُ جي پويان پاڪستان کان اڳ هندستان وارو علائقو ڪافي عرصي تائين هندُ سڏجندو رهيو ۽ اسان سنڌين جو علائقو سنڌُ سڏجندو رهيو. پر هندُ بعد ۾ ورهاڱي کانپوءِ هندستان جي نالي سان مشهور ٿي ويو ۽ سنڌ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به سنڌ صوبي جي نالي سان اڄ به سنڌ ئي سڏجي ٿو. ان ڪتاب اهو واضح ڪيو آهي ته هندُ ۽ سنڌ تي اهي نالا ڪن عورتن جي نالن تان ئي پيا آهن. پر مٿين ڳالهه ۾ ڪيترو وزن آهي. اهو مستقبل قريب ۾ ان متعلق ڪجهه نيون آگاهيون ۽ حقيقتون سامهون اچڻ سان ئي خبر پوندي.