لـــکـڻ زندگي، لکڻ ڪيئن ڇڏجي، پـڙهڻ زندگي، پڙهڻ ڪيئن ڇڏجي ڏکــــي کان، ڏکيو، عشق اکرن جو، رکي دوســــــــتـــــــي اکرن سان، پــــوءِ ڇـــــــنـــــڻ ڪيئن سکجي. تون تاريخ ۾ ڳوليندين، ته آءُ ڪتاب ٿي ملندس۔ جي خيالن ۾ ڳوليندين، ته آءُ خواب ٿي ملندس۔ اي استاد! آءُ حُسن جو شهزادو ته نه آهيان، پر تون گُلن ۾ ڳوليندين، ته آءُ گُلاب ٿي ملندس۔ گلن جي گلستان تائين نه پهتاسين حسرتن جي آسمان تائين نه پهتاسين محبت جي ميدان تائين نه پهتاسين ڏس ماڻهو چنڊ تي وڃي پهتا، بخاري اسان هڪ انسان تائين نه پهتاسين
جواب: گُلاب ٿي ملندس واه سائين استاد جي ڇا ڳاله ڪجي۔ اغيار سان اقرار اهو ڪيئن ٿيندو ۽ يار سان انڪار اهو ڪيئن ٿيندو استاد بخاريء کي ڀلي دفن ئي ڪيو ڌرتيء کان مگر ڌار اهو ڪيئن ٿيندو
جواب: گُلاب ٿي ملندس سائين بهترين ونڊ آهي۔ اکيون ٻنهي جو اڃون هيون، بدن ٻنهين جو بکيو هيو، دکي دکي ڪجهه پڇيو هيو هن، ڌڳي ڌڳي مون ڪڇيو هيو۔ کلي فضا ۾ ملهي ملياسين زمين جهومي پئي بخاري، ائين لڳو ٿي ازل _ ابد جو حسين جهولو جهليو هيو