جواب: ڀلا هنن کي سڃاڻو ته ڪير آهن؟؟!! سنڌ سلامت جا سهڻا دوست منهنجي سهڻي ڳوٺ ۾ هجن ۽ مان نه هجان، رشيد سمون هجي ۽ مان نه هجان، سليمان سان گڏ پريو مڙس هجي ۽ ساٿ ۾ هجي طاهر سنڌي ۽ مان نه هجان ۔۔۔ ڳولهيو ڪنهن پاسي ۾ منهنجو روح پڻ بيٺو سنڌ جي خوشين ۾ گد گد ٿيل هوندو ۔۔۔ تصوير نه آئي آهي ته ڇا ٿيو ۔۔۔ نظر نه لڳي ۔۔۔ سنگت سلامت هجي ۔۔۔
جواب: ڀلا هنن کي سڃاڻو ته ڪير آهن؟؟!! مون کي يقين هو ته ڳجهارت تڪڙي ڀڄي پوندي۔۔ سائين نثار ابڙو جي گهر جي گهٽي ۾ ٽقافتي عيد ملهايل اها يادگار شام وري سنڌ سلامت سنگت ۔۔۔ جهڙو ادا سليمان يارن جو يار تهڙو ادا طاهر ۔۔۔ جنهن جي لاءِ سائين افتخار سندس سان رچايل رهاڻ کان پوءِ اسان جي خواهش کي وڌائي ڇڏيو هو۔۔ جنهن کي الله پاڪ پورو ڪيو ۽ ادا طاهر سان ڪافي ڊگهي ملاقات رهي۔۔۔ جي سائين توهان ته اسان کي هر پاسي ٿي نظر آيو ۔۔۔ جڏهن ڪنهن تقرير ڪندي سنڌ سان محبت جي اظهار ۾ اکين جي چمڪ ٿي ڏيکاري ته اکيون توهان جون ٿي لڳيون ۔۔۔ جڏهن ڪنهن محبت سان ڳلي ٿي لڳايو ته سندس جذبي جي خوشبو توهان واري ٿي لڳي ۔۔۔ جيڪڏهن ڪنهن سنڌ ۽ سنڌي ثقافت وارا جذبات سان ڀريل لفظ تي ٻڌايا ته اهي لفظ توهان جا ٿي لڳا۔۔۔ مطلب ته ٻارن جا دمڪندڙ چهرا هجن يا جوانن جا جوشيلا جذبا ۔۔۔ هر جاءِ تي توهان کي پنهنجي ويجهو پئي محسوس ڪيوسين۔۔۔ توهان بلڪل به اسان سان گڏ هيو۔۔ ان گذاريل شام جو وڌيڪ تفصيل ادا سليمان پنهنجي لفظن ۽ تصويري جهلڪ سان ڏيندو جنهن جو انتظار آهي۔۔
جواب: ڀلا هنن کي سڃاڻو ته ڪير آهن؟؟!! ڦلپوٽا منهنجي ۽ ادا سليمان جي وچ ۾ ٻي قطار ۾ ويٺل سنڌ سلامت جو هڪ وڌيڪ رڪن به آهي۔۔۔ ڀلا ٻڌا اهو ڪير آهي۔۔۔؟
جواب: ڀلا هنن کي سڃاڻو ته ڪير آهن؟؟!! يار اهو ڪو مسئلو ئي ناهي ان کي سڃاڻڻ جو باقي مون کي مست منع ڪئي آهي ته ان جو راز مان پاڻ فاش ڪندس سو هاڻي وري مست چئي ۽ مان انڪار ڪريان ائين ته ٿئي ئي نه ٿو سگهي سو وڌيڪ مست ڄاڻي ۽ اهو ميمبر ))))))) سدائين گڏ
جواب: ڀلا هنن کي سڃاڻو ته ڪير آهن؟؟!! سائين ماشاء الله اوهان دوستن جو گڏ ٿيڻ ڄڻ سڄي سنڌ سلامت فورم جو ڳڏ ٿيڻ جي مثل آهي۔ تمام بهترين تصوير نڪتل آهي هن تصوير بهاني دوستن جو ديدار ٿي ويو آهي۔ الله ڪري ائين دوست ملندا رهن ۽ ميلا لگندا رهن۔ سنڌ سلامت۔۔۔۔ ساٿ سلامت۔۔۔۔۔
جواب: ڀلا هنن کي سڃاڻو ته ڪير آهن؟؟!! ادا طاهر ڦوٽو کڻي 5 ايم بي جو هجي توهان اميج شيڪ تي اپ لوڊ ڪري سنگت سان ڦوٽو شيئر ڪندا وڄو پرواه ئي نه ڪر مست آهي نه ته پرواه ڇا جي .....=d> ماشاالله سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جو بينر به نظر ۾ اچي پيو پر جيڪڏهن سڄي بينر جي تصوير اچي هجي ته اها ضرور ونڊ ڪجو سدائين گڏ
جواب: ڀلا هنن کي سڃاڻو ته ڪير آهن؟؟!! ادا طاهر۔۔۔۔۔۔۔۔۔ توهان جي وڏي مهرباني جو توهان اهڙي پياري سنڌي تهوار تي گڏ ٿيل هن پياري سنگت جي تصوير اسان سان ونڊ ڪري ڇڏي۔۔ مطلب ته سنڌ سلامت ۽ ان جي رڪنن هي پيارو ثقافتي ڏهاڙو پاڻ ملهايو آهي۔۔ دوستن جو هڪ جاءِ تي اهڙي پياري انداز سان گڏ ٿيندي، سنڌ جي شاندار ثقافتي لباس ۾ملبوس هجي ڏسڻ ايڏو ته پيارو ٿو لڳي جو ۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔۔ بس الله ڪري شل نظر نه لڳي۔۔۔
جواب: ڀلا هنن کي سڃاڻو ته ڪير آهن؟؟!! ادا طاهر منهنجو خيال آهي ته ڪجهه تصويرون سائين سليمان کي ونڊڻ ڏجو ۔۔۔ جو انهن کي ملهايل ان سموري ڏينهن جو حوال به ڏيڻو آهي۔۔۔ باقي رهي ڳالهه تصوير جي وزنائتي هجڻ جي ته ان لاءِ توهان تصوير کي کي پينٽ پروگرام ۾ کوليو ۽ Save As آپشن استعمال ڪندي تصوير کي ٻيهر محفوظ ڪريو۔۔۔ هن دفعي چيڪ ڪيو توهان کي تصوير 75 فيصد وزن ۾ گهٽ لڳندي۔۔۔ ڳالهه ڀلي لڳي ته ٻڌائجو۔۔۔
جواب: ڀلا هنن کي سڃاڻو ته ڪير آهن؟؟!! تصوير سڃاڻڻ ۾ سائين فقير سائين تمام تيز آهي مان يقين سان فقط ٻه تصويرون سڃاڻي سگهيس هڪ سائين عبدالرشيد ٻيو سائين محمد سليمان باقي ٻن ۾ ٿورو شڪ هو بهرحال فقير سائين جي مهرباني جو سنگت جو تعارف ڪرايائين باقي هڪ دوست ڪهڙو آهي ادا مست ان جي متعلق ٻڌائيندو يا اهو دوست پاڻ ئي اشارو ڪندو. سائين طاهر سنڌي پيارا اوهان جي به مهرباني جو ان ڏهاڙي تي توهان هي خوبصورت تصويرون اسان سان شيئر ڪري سنڌيت جي جذبي کي اجاگر ڪيو. شال سنڌ سلامت هجي . ســــهڻا ماڻهو سنڌ جا جڳ جڳ شال جيئَن ڳــاڙهــا ڳل ڳــــڀــرو لــوهـا لـنـــــڱ سَـنـدَن سـنـڌي سـٻاجهڙن سونهن وڌائي سـنـڌ جي.
جواب: ڀلا هنن کي سڃاڻو ته ڪير آهن؟؟!! ادا طاهر کي ته سڃاتوَ، باقي ڪل خير وارن کي به اميد آهي هاڻ سڃاڻي ويا هوندا۔
جواب: ڀلا هنن کي سڃاڻو ته ڪير آهن؟؟!! پيارا سائين مهرباني اوهان جي واقعي اوهان ماشاءَ الله جلد سڄاڻي ويا سنگت کي۔ اوهان کي رب سائين پنهنجي حفاظت ۾ رکي۔ بلڪل سائين اوهان جي ته واقعي وڏي ڪمي محسوس ٿي نه ته پنجتن جو نارو حيدري ٿي وڃي ها۔ پر ڇار يارن به خوب پاڻ ملهايو۔
جواب: ڀلا هنن کي سڃاڻو ته ڪير آهن؟؟!! پيارا سائين اوهان جي به مهرباني جو پنهنجو ديدار ڪرايوَ۔ آءُ پاڻ کي خوشنصيب سمجهان ٿو ته هي زندگي منهنجي اجائي نه وئي۔ لک شڪرانا مالڪ جا جو اوهان جهڙا پيارا دوست (جن سان نينهن ۽ خالص سنڌيت جو ناتو آهي) اسان کي مليا آهن۔
جواب: ڀلا هنن کي سڃاڻو ته ڪير آهن؟؟!! ادا اهو اسان جو محترم مرتضي وساڻ صاحب آهن، پاڻ سنڌ سلامت جا پيارا دوست ۽ رڪن آهن۔ سندن خدمت خلوص ۽ محبت وسرڻ جوڳي نه آهي۔ مهرباني ادا مرتضي وساڻ صاحب۔