جواب: اوباما ملهايو ثقافتي ڏيهاڙو۔۔۔۔۔
اڄ اها ساڳي تصوير منهنجي نياڻي فيس بڪ تي لڳائي هئي ۔۔۔ ته مون سوچيو ڏسو ٻارن کي به ڪنهن ڌارئي کي به پنهنجي ثقافت ۾ ڏسي خوشي ٿئي ٿي ۔۔۔ مون شايد هڪ دفعو اڳ به چيو ته هڪ ٻه ڏينهن اڳ هڪ ٽڪروني (هت آفريڪين کي ٽڪروني چون) سنڌي ٽوپي پائي آيو هو، قد جو ڊگهو ۽ رنگ بلڪل ايئن جيئن ڪارو مٿو پر مٿي تي ٽوپي اهڙي ته سهڻي ٿي لڳس جو هڪ ويرم لا دل چاهيو ته وڃي چلڪندڙ ڪاري ڳٽي تي چمي ڏيانس ۔۔۔
سنڌي ثقافت آهي ئي ايتري سهڻي ۽ معزز جو ڪنهن کي به پارايو ته سهڻو ۽ معتبر لڳندو آهي جيئن هاڻ اباما پيو لڳي ۔۔۔