امام ابوبڪر احمد بن حسين بيهقي هڪ عظيم ۽ مبسوط ڪتاب بنام ”الجامع لشعب الايمان“ تصنيف فرمايو. هن ڪتاب جو مرڪزي مضمون نبي صلي الله عليہ وسلم جو هي فرمان عاليشان آهي ته: ”ايمان جون ستر کان ڪجهه وڌيڪ شاخون آهن.“ امام موصوف مذڪوره حديث پاڪ جي مڪمل تشريح ڪندي ٻڌايو آهي ته ايمان جون اهي شاختون ڪهڙيون ڪهڙيون آهن ۽ هرهڪ شاخ کي قرآني آيتن، حديث پاڪ ۽ اقوال سلف سان کولي کولي بيان ڪيو آهي. پنهنجي موضوع تي هي ڪتاب لاجواب ۽ بينظير علمي خزانو آهي. منجهس حديثون سند سان آهن.
ٿوري علم وارن جي استفاه لاءِ وري علامه ابو جعفر عمر بن عبدالرحمٰن قزوينيءَ ان کي مختصر ڪري ايمان جي هر شاخ ۽ شعبي کي ٿورن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي ته جيئن ان کي ذهن نشين ڪرڻ آسان ٿئي.
مولانا محمد جونا ڳڙهي ميمڻ اردو زبان ۾ ”ايمان محمدي“ جي نالي سان ترجمو ڪيو، جنهن مان غير عرب مسلمانن کي ڪافي فائدو پهتو. مگر ڪيترا اهڙا ڀائر به آهن، جيڪي اردو نٿا ڄاڻن. انهن جي آسانيءَ خاطر هي ڪتاب اردوءَ مان سنڌي زبان ۾ منتقل ڪيو ويو.
اميد ته اسان جا سنڌي ڀائر ان جو مطالعو ڪري فيض پرائيندا ۽ پنهنجي ۽ پنهنجي اولاد جي لاءِ تهذيب نفس ۽ تربيت اخلاق جو سامان حاصل ڪندا. الله تعاليٰ مسلمانن کي توفيق ڏي ته اهي عام ناولن، افسانن ۽ آکاڻين جا ڪتاب پڙهي پنهنجي اخلاق ۽ تهذيب جو جنازو پنهنجي هٿن سان ڪڍڻ بجاءِ اسلام ۽ اسلامي ڪتابن جو مطالعو ڪري، پنهنجي اصلاح جو فڪر ۽ اهتمام ڪندا.
(سيد ابو محمد بديع الدين شاهه راشدي)