• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڀٽائي آباد ۾ اي اين پي جي بدمعاشي

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
دوستو!
اڄ جيئن پيارن دوستن کان موڪلائي گهر پهتس ته ڪجهه وقت کان پوءِ يعني مغرب کان پوءِ گهر کان نڪري بازار جو رخ ڪيم۔
ڇا ڏسان ته ساري بازار بند ۽ هر طرف اوندهه۔
پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته سهراب ڳوٺ ۾ پٺاڻ مئا آهن، اي اين پي وارن وري ڀٽائي آباد ۾ فائرنگ ڪري بازار بند ڪرائي ڇڏي آهي۔
مون چيو ته اهڙي جيئڻ تي ئي لعنت آهي، جو گهر ۾ اسان سان اهي ويڌن پيا ٿين۔
اها منهنجي ڳالهه ڪجهه ديشي جوڌن ٻڌي ورتي۔
شابس هجنين انهن سهڻن مجاهدن کي، ڪجهه ئي دير ۾ ساري بازار انهن کولائي ڇڏي۔
ڪجهه وقت کان پوءِ وري اي اين پي وارا اچي فائرنگ ڪري بازار بند ڪرائي ويا۔
پوليس اسان جي تماشو ڊرامي باز، 10 روپين وارا، بس ڪار تي چڙهي هر هن طرف ته هر هن طرف۔
هن چوڪ تي چانهه ته هن چوڪ تي ڪچهريون لڳيون پيون هجن پوليس وارن جون۔
آخري اطلاع مطابق ڪنهن دڪاندار دڪان نه کوليو۔
 
جواب: ڀٽائي آباد ۾ اي اين پي جي بدمعاشي

اهو ته ٿيڻو ئي آهي ادا۔۔ سنڌين جي هيڏي ساري ٻڌي ايڪي کي ڏسي دشمنن کي نيٺ ته ڪجهه ٿيندو نه، پوءِ ڪو ڪهڙي انداز سان ردِ عمل ڏيکاريندو ته ڪو وري ڪهڙي انداز سان، پوءِ بهانو ڀلي ڪهڙو به هجي۔۔​
 
جواب: ڀٽائي آباد ۾ اي اين پي جي بدمعاشي

اهو ته ٿيڻو ئي آهي ادا۔۔ سنڌين جي هيڏي ساري ٻڌي ايڪي کي ڏسي دشمنن کي نيٺ ته ڪجهه ٿيندو نه، پوءِ ڪو ڪهڙي انداز سان ردِ عمل ڏيکاريندو ته ڪو وري ڪهڙي انداز سان، پوءِ بهانو ڀلي ڪهڙو به هجي۔۔​

ادا مست ساري رات سخت فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو۔
 
Back
Top