جواب: منهنجو نالو راجا بهلڪاڻي آهي سنڌ سلامت تي پرجا ته هئي پر راجا ڪون هو سو اسانجا ڀاڳ ڀلا جو اڄ راجا به اچي ويو ۔۔۔ سنڌي پٽ راجا بهلڪاڻي کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار ۔۔۔ دعا آهي ته سنڌ کي سهڻا ۽ هڏ ڏوکي اڳواڻ (راجا) ملن ته جيئن قوم جي موجوده حالت جو تدارڪ ٿئي ۔۔۔ سهڻا سائين هيءَ اوهان دوستن جي اوطاق آهي، اوهان لاءِ ٺهيل آهي، طاهر سنڌيءَ جي دوستيءَ ۾ رنڱيل دوست بهلڪاڻيءَ مان اميد ڪجي ٿي ته هو به هن اڱڻ جي رنگن ۾ اڃان وڌيڪ اضافو ڪندو ۔۔۔ دوست وڌن ميلا لڳن ۔۔۔ هو جمالا ڳائجن ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: منهنجو نالو راجا بهلڪاڻي آهي ادا سائين اوهان کي هن محبتي اڱڻ تي ڀليڪار اسان جو دوست ادا طاهر جهڙو پاڻ مٺڙو آهي ته ان جا دوست به اهڙائي هوندا۔ اوهان کي سنڌ سلامت جي ساٿ ۾ گڏ ڏسي خوشي ٿي ۽ اميد آهي ته اوهان اسان سان لکڻ ۾ اهڙوئي ساٿ ڏيندا جهڙو ادا طاهر پيو ڏي۔ لک قرب اوهان جا
جواب: منهنجو نالو راجا بهلڪاڻي آهي [justify] ادا راجا بهلڪاڻي۔۔۔ اوهان کي سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ٿو چئجي، اسان ٿورائتا آهيون سنڌ سلامت جي پياري، جاکوڙي ميمبر ادا طاهر سنڌي جا، جيڪو سنڌ سلامت جي باري ۾مختلف وقتن ۾ پنهنجي سڃاڻو ۽ دوستن کي ٻڌائيندو رهي ٿو۔۔۔ اسان کي سائين طاهر سنڌيءَتي ناز آهي۔۔۔ اميد ته جهڙي طرح سائين طاهر سنڌي هن فورم جي رونق آهن، اهڙي طرح اوهان به وسان ڪين گهٽائيندا ۽ سنڌ سلامت جي هڪ فعال ميمبر طور سامهون ايندا۔۔۔[/justify]
جواب: منهنجو نالو راجا بهلڪاڻي آهي ادا اوهان کي هن محبتي اڱڻ تي ڀليڪار اسان جو دوست ادا طاهر جهڙو پاڻ پيارو ان جا دوست به اهڙائي هوندا۔
جواب: منهنجو نالو راجا بهلڪاڻي آهي ادا لڳي ٿو اوهان کان هي پيارو دوست وسري ويو۔ ادا رشيد سان گڏ اوهان کي منهنجي اڱڻ تي ڪنوارن هٿڙن سان چانهه ڪنهن پياري هئي؟