• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

۽ جڏهن سرسوتي پنهنجي ستار رکي سنڌ کي ٻڌڻ لڳي!

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جي سڏ کي موٽ ڏيندي ڪالهوڪو ڏينهن سنڌ، ايڪتا جي ڏهاڙي طور ملهايو. سڄي سنڌ محبت جي جذبي سان سرشار ٿي محوِ رقص هئي. سڄي سنڌ سرن جي سرهاڻ سان مهڪي رهي هئي. تاريخ ۾ اهو هڪ نرالو ڏينهن هو. شيخ اياز اڄوڪي سنڌ کي ڏسي ها ته ائين ضرور چوي ها ته، ”سرسوتي پنهنجي ستار رکي سنڌ کي ٻڌڻ لڳي آهي.“

ڪي ڏينهن پنهنجي اهميت ۽ افاديت جي لحاظ کان صدين تي محيط هوندا آهن، زمانن تي ڀاري هوندا آهن، ڪالهوڪو ڏينهن به هڪ اهڙو ئي ڏينهن هو، جنهن جي انتظار ۾ سنڌ خواب ٽاڪيا هئا. ڪالهوڪو ڏينهن، هڪ اهڙو ڏينهن هو، جنهن جي سمجهاڻيءَ لاءِ وقت جي ڪنهن ايڪي جو سهارو ڪافي نه آهي. هن ڏينهن جي وصف سيڪنڊن، منٽن ۽ ڪلاڪن جي محتاج نه آهي. ههڙا ڏينهن ڪئلينڊرن ۾ نه پر تاريخن ۾ ملندا آهن. هي ڏينهن عام ڏينهن کان ان ڪري به مختلف آهي، جو ان ڏينهن تي سنڌ ڪر موڙي، آرس ڀڃي جاڳي پيئي هئي. ڪالهه سنڌ ثقافتي ايڪتا جو تاريخي مظاهرو ڪيو. زخم زخم سنڌ وري به پنهنجي شاندار ثقافت ۽ تهذيبي ورثي کي ياد ڪري مرڪي پئي هئي. ڪالهوڪو ڏينهن سنڌ لاءِ عيد جو ڏينهن هو. دراصل جنهن خوشيءَ ۾ ڪالهه سنڌ ٻهڪي رهي هئي، ان کي ڏسي ان ڏينهن لاءِ ”عيد“ لفظ به بنهه ننڍڙو ٿو لڳي. عيد هڪ ڏڻ آهي، پر سچي ڳالهه اها آهي ته هاڻي ان ڏڻ ۾ روح رهيو ئي ناهي.مهانگائيءَ ۽ نارسائيءَ سبب خوشي ان ڏڻ مان غائب ٿي ويئي آهي، پر ايڪتا جو ڏينهن ڪنهن بي روح عيد کان بنهه مختلف هو. ان ڏينهن تي لکين ماڻهن روڊن رستن ۽ شاهراهن تي اچي انساني زنجير ٺاهي دنيا کي اهو پيغام ڏنو ته سنڌي زنده قوم آهي.

ڪالهه سنڌ جنهن پنهنجي اجتماعي قومي شعور جو اظهار ڪيو، يقيناً ان سنڌ جي بدخواهه قوتن کي ڏندين آڱريون ڏيئي ڇڏيون هونديون. سنڌ هن کان اڳ به مختلف وقتن تي اهڙي ئي اجتماعي قومي شعور جو اظهار ڪري انهن قوتن کي بيخوابي ڏيندي رهي آهي، پوءِ اها ون يونٽ واري جدوجهد هجي، 1983 واري ايم آر ڊي تحريڪ هجي، ڪالا باغ ڊيم خلاف سنڌي قوم جي اجتماعي غصي جو اظهار هجي، شهيد بينظير ڀٽو جي قتل خلاف ڪاوڙ جو اظهار هجي، يا وري 6 ڊسمبر 2009ع تي ملهايل سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو، 24 جنوريءَ تي دريا بادشاهه جو ڏهاڙو ۽ 5 ڊسمبر وارو ايڪتا ڏهاڙو هجي. اهڙي هر سرگرميءَ سنڌ جي سرت، ساڃهه ۽ شعور سان وير رکندڙن کي سڪرات ۾ وجهندي رهي آهي.

اها تمام خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته سنڌ جي عوام ڪالهه پنهنجي اجتماعي شعور ۽ ايڪتا جو اظهار ڪري پنهنجي سجاڳيءَ جو پيغام ڏنو آهي. اهو پيغام سجاڳ ٿي وري گهري ننڊ سمهڻ لاءِ ناهي ڏنو ويو، نه ئي سنڌ واسي ” انقلاب آئي تو همين بهي جگا دينا“ جهڙو مزاج رکن ٿا. پر وري به اهو چوڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي ته، ائين نه ٿئي جو اسان پنهنجو ثقافتي ويس پائي جيڪا 5 ڊسمبر تي سرگرمي ڪئي آهي ۽ وري اهو لباس، اهي سنڌي ٽوپيون ۽ اجرڪون هڪ سال کانپوءِ ئي ڪٻٽن مان ساڳيو ڏينهن ملهائڻ لاءِ نڪرن ۽ تيستائين ڊگهو آرام ڪجي.

سنڌي قوم جڏهن به پنهنجي اجتماعي شعور جو اظهار ڪيو آهي ته سنڌي عوام جي شعور کان خائف ۽ خوفزده قوتن انکي ان جي سزا ڏيڻ لاءِ پلاننگ ڪئي آهي. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ سنڌ جي سياسي شعور تي وار ڪرڻ لاءِ ڌاڙيل پيدا ڪيا ويا ۽ شهرن ۾ لساني دهشتگرد گروهه بڇيا ويا. اهڙا اٽڪل نما جرم ڪهڙي انجام کي پهتا، ان جو اندازو ڪالهوڪي سنڌ جي منظرن مان آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو. هن ڀيري به يقينن اهڙيون قوتون سنڌ جي وڌيل شعور ۽ ساڃهه لاءِ تعزيرون تجويز ڪنديون، ڳجهيون رٿابنديون ٿينديون، اهڙي صورتحال جو ادارڪ سنڌي ماڻهن کي هجڻ گهرجي ۽ پنهنجي جوش ۽ خروش کي هڪ ڏينهن جي اظهار بعد سال جي باقي 364 ڏينهن لاءِ طاقت ۾ تبديل ڪرڻ گهرجي، ۽ لطيف سائينءَ جو اهو پيغام به هيئين سان هنڊائڻ گهرجي ته،

”ڇڄ مَ قطاران، ساٿ چڙهندو لَڪئِين“.

ايڪتا جي ڏينهن تي ايڪتا جو شاندار اظهار ڪرڻ تي اسان سنڌ جي عوام کي واڌايون ڏيون ٿا.

ڪاوش
 
Back
Top