• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بدين شهر

محمد رمضان منڌرو

سينيئر رڪن
:bzبدين شهر ۾ ايڪتا ڏهاڙو وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو ويو
جنهن جون ڪجه تصويرون توهان ڀائرن لاء حاضر آهن

v7cl5w.jpg

اسان جو مهان استاد سائين عبدالله شيدي صاحب اٺ تي چڙهي ايڪتا ريلي ۾ شريڪ آهن
jiknxl.jpg

ايڪتا ريلي ۾ شريڪ گهوڙا ء ڍڳا گاڏيون
22aijm.jpg

ايڪتا ڏهاڙي نوجوان جهمريون هڻندي ء ريلي جو منظر
33584gn.jpg
 
جواب: بدين شهر

ادا رمضان اوهان جا لک قرب

سنڌ جي روايت اجرڪ ، ٽوپي ، پَٽڪو ، اُٺ ، ڏاند گاڏي ، گهوڙا سڀ وري رنگين رنگن سان رنگيل۔ سنڌ جي سونهن هن ڏينهن تي ڏسڻ وٽان آهي۔ دعا آهي ته سنڌ هيمشه آباد رهي ۔ سڌدعا آهي ته سڀ سنڌي هڪ ٿي پنهنجي حقن لاء جدوجهد ڪن۔

بهترين ونڊ تي اوهان کي واڌايون
 
جواب: بدين شهر

بدين شهر جي باشعور سنڌين کي سنڌ سلامت پاران ثقافتي عيد ۽ ايڪتا ڏنهن ملهائڻ تي لک لک واڌايون ۔۔۔ سنڌ جي هر شهر، هر گهر ۽ فرد جهڙي نموني سنڌي ثقافت سان پيار جو اظهار ڪيو آهي، اهڙي طرح جيڪڏهن اسين سنڌ جي هر مسئلي تي ايڪتا جو اظهار ڪريون ته هوند سنڌ جا موجوده سڀ مسئلا حل ٿي وڃن ۽ سنڌ جو مان ملڪن ۾ اوچو ٿي وڃي ۔۔۔۔

سلام آهي اوهان سڀني دوستن کي جن سنڌ جي هن ثقافتي عيد کي سنڌ سلامت جي دوستن سان ونڊ ڪيو آهي ۔۔۔

ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: بدين شهر

اد توهان جي وڏي مهرباني توهان کي ايڪتا ڏينهن مبارڪ هجي ء سڄي سنڌ سلامت کي ايڪتا مبارڪ هجي
جئي سنڌ جئي سنڌ وارا جيئن
سنڌي ٽوپي اجرڪ وارا جيئن
 
جواب: بدين شهر

پر ادا هن ۾ هڪ سنڌ سلامت جو ميمبر به آهي جيڪو پنهنجي جذبن تي قابو پائي نه سگهيو آخري تصوير جي آخري حصي ۾
جيئن ته ان جو ٻيو ڀاءُ به هن سٿ جو رڪن آهي
 
جواب: بدين شهر

پر ادا هن ۾ هڪ سنڌ سلامت جو ميمبر به آهي جيڪو پنهنجي جذبن تي قابو پائي نه سگهيو آخري تصوير جي آخري حصي ۾
جيئن ته ان جو ٻيو ڀاءُ به هن سٿ جو رڪن آهي

وچ وارو، هن پاسي وارو يا ٻي پاسي وارو يا پويان وارو ۔۔۔ ڪهڙو آهي اهو سڄڻ ۔۔۔ ڳجهارت ڀنڃو ۔۔۔؟
 
جواب: بدين شهر

ادا رمضان الله اوهان کي خوش رکي۔
سائين ابڙي صاحب وارو سوال ورجائيندس ته تصوير ۾ نشاندهي ڪريو ته خبر پوي نه!
 
جواب: بدين شهر

الاهي ڇووووووو منهنجي به دل چوي پئي ته ادو رمضان اهو ئي هوندو۔۔۔
 
جواب: بدين شهر

نه سنڌي صاحب ادا توهان ڀليا آهيو اهو آئون نه پر اصغر بجير آهي ادا جن عيد جي سڳوري رات سنڌ سلامت تي عيد جي چنڊ جيان ظاهر ٿيا هئا
 
جواب: بدين شهر

اوهان سميت سنڌ سلامت جي پياري دوست اصغر بجير کي سنڌ سلامت پاران سلام ۔۔۔ ۽ سنڌ ڏڻ تي نچي ۽ نچائي پاڻ ملهائڻ تي مبارڪباد ۔۔۔ سلام آهي انهن سنڌ دوستن کي جي سنڌ جي غيرت ۽ مان اجرڪ ۽ ٽوپيءَ واري ڏينهن کي پنهنجي وس آهر ملهائي دنيا ۾ قوم جو مان اوچو ڪيو آهي ۽ غيرن کي اهو يقين ڏياريو آهي ته ڀل اوهان اسانجو مال کائو پر اسانجي عزت تي هٿ وجهڻ سان اوهانجو ڪاريءَ تي پير پوندو ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
Back
Top