هل ته حيدر چوڪ کان سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي (نثارناز)

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏6 ڊسمبر 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    هَلُ ته حيدر چوڪ کان ، سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي ! (نثارناز)​

    [JUSTIFY]
    سنڌ سلامت جا ساٿيو، ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو، ڪالهه ٽنڊو محمد خان جي ايڪتا ڏينهن کي سنڌ سلامت لا ڪوريج ڪري تقريبن ڏينهن جي ٽين وڳي دل چاهيو ته حيدرآباد وڃجي ، حيدرآباد سنڌ جنهن جون شامون ساري دنيا جي شامن کان وڌيڪ سُندر هونديون آهن انهي سنڌ جي خوبصورت شهر ۾ جتي سنڌي پنهنجون مُرڪون ، جتي منهنجون سنڌياڻيون پنهنجا ٽهڪ اجرڪون اوڍي، سنڌي ٽوپيون پائي، سنڌي ڀرت ڀريل گج پهري، پنهنجي ساري سنڌ مٿان نڇاور ڪرڻ لا ايڪتا ڏينهن جي حوالي سان گڏ ٿيا هوندا انهن جِي مُرڪن، انهن جي ٽهڪن، انهن جي ٻهڪندڙ چهرن کي سنڌ سلامت تي ونڊ ڪجي، عبدالغفور کي فون ڪيم ان چيو ته مان حيدرآباد ۾ پريس ڪلب واري علائقي ۾ سنڌ سلامت لا ڪوريج ڪري رهيو آهيان توهان اتي پهچو، حيدرآباد ۾ سارا روڊ سارا رستا منهنجي سنڌي سپوتن جي اونچن ڳاٽن سان ڀريا پيا هُئا، روڊ رستا سنڌي ماڻهن جي ايڪتا جو وڏو ڏيک ڏئي رهيا هئا، مون رڪشا واري کي چيو ته مونکي پريس ڪلب تي هلي ڇڏ رڪشا واري چيو ته سائين ساري حيدرآباد شهر ۾ سنڌي پُٽڙن ۽ نياڻين لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿي هڪ زنجير ٺاهي آهي، توهان پنڌ وڃو ته وڃي سگهو ٿا باقي رڪشا يا ڪار يا بس جو اتي وقت سر وڃڻ محال آهي۔ دوستو توهان کي ٻُڌائيندو هلان ته حيدرآباد جي سبزي منڊي ڪالِي روڊ کان غريب نواز پل وارو رستو وٺي پيرين پيادو منهنجي سنڌين جو ميلو ڏسڻ لا پريس ڪلب جو رُخ رکيم، مون سان گڏ ڪافي سنڌي ڀائر ۽ ڀيڻون هٿن ۾ ايڪتا جا جهنڊا، لبن تي سنڌ جي سلامتي جا نعرا هڻندا هيج مان سنڌ جا ڳيچ ڳائيندا جهمريون وجهندا هلندا هليا، مان پنهنجي جيجل سنڌ جي هن خوبصورت سنڌين جي چهرن جون اهي مُرڪون ڪڏهن به وساري نه سگهندس اندر مان جيجل سنڌ جي سينڌ سائي هُجڻ جون دُعائون نڪري رهيون هُيون، 10 منٽن وارو مفاصلو اسان تقريبن 45 منٽن ۾ پورو ڪيو۔ حيدرآباد سنڌ جي حيدر بخش جتوئي چوڪ تي پهتس ته رش جي ڪري پريس ڪلب تائين پهچي نه سگهيس، سنڌ سلامت جي ڪئميرا جي اک کولي ڇڏيم غفور کي فون ڪيم ته حيدر چوڪ کان پريس ڪلب تائين اچڻ محال آهي بس مان حيدر چوڪ کان سنڌ سلامت جي لا سنڌي ماڻهن جي ايڪتا جا رنگ ڪور ڪري ٿو ڇڏيان۔ هاڻي پيش آهن حيدر آباد سنڌ جي حيدر چوڪ تي ٿيل سنڌ سلامت جي خادم نثار ناز جو ڪوريج ٿيل تصويرن جي ونڊ۔ خالص سنڌ سلامت جي پنهنجي پيش ڪش[/JUSTIFY]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هل ته حيدر چوڪ کان سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي (نثارناز)

    شال سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي۔

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هل ته حيدر چوڪ کان سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي (نثارناز)

    جنهن وقت هي جوڳي جاڳيا هن ڀون سندي جا ڀاڳيا، ڪندا سڀ مست قلندر دما دم مست قلندر

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هل ته حيدر چوڪ کان سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي (نثارناز)

    واه سائين نثار ۔۔۔!!!!“““خوبصورت رنگ

    ڇا ڏسي ڇا ڏسان

    سنڌ منهنجي امان سونهن تنهنجي مٿان ڇا لکي ڇا لکان
    هڪ قلم هڪڙو مان ڪيئن پورو پوان ڇا لکي ڇا لکان

    جيڏانهن ڏسان ٿو سنڌ جا رنگ هزار۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هل ته حيدر چوڪ کان سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي (نثارناز)

    شاهه جي سورمي سهڻي سسئي ۽ مارئي جو قسم سنڌ جاڳي پئي سنڌ جاڳي پئي۔

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هل ته حيدر چوڪ کان سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي (نثارناز)

    اي پڻ چڱو ڪم۔۔۔۔۔، سائين نثار ناز اصل قرب ٿي ويا جو حيدرآباد جي شهر جي سهڻن سنڌين جي ثقافتي عيد جي ديد به ٿي ۔۔۔۔ ڪڏهن ڪڏهن اوهان سان رشڪ ٿيندو آهي جو منهنجي من پسند شهر حيدرآباد ۾ وڃي گهمندا آهيو، کائيندا آهيو ۽ بيت ڳائيندا آهيون ۔۔۔ خئير آهي نثار ئي ته آهي، هي نه ته هو ۔۔۔ مون ۾ آهين تون، تون ۾ آهيان مان ۔۔۔۔

    سنڌ سموري سون لڳي پئي آهي ۔۔۔ رب بري نظر کان بچائي ۔۔۔ آمين
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هل ته حيدر چوڪ کان سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي (نثارناز)

    سنڌ سان اهڙي جند جَڙي جو ٻيا دل وارا وسِري ويا۔

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    اميد ته حيدرآباد جي حيدر چوڪ جا هي سنڌ جا رنگ توهان کي پسند آيا هوندا توهان جي مهرباني
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هل ته حيدر چوڪ کان سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي (نثارناز)

    پيارا سليمان وساڻ شل سدائين آباد هُجين اهي محبتون سدائين سنڌ تان نڇاور ٿينديون رهن اهي قرب امڙ سنڌ مٿان واربا رهن، شل سنڌ امڙ جي هنج سدائين سائي هُجي۔ آمين
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هل ته حيدر چوڪ کان سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي (نثارناز)

    جي ادا اي پڻ چڱو ڪم جنهن سان سُونهن پسجي سنڌ جي !(نثارناز) ادا نثار مان پنهنجي غريباڻي حال سان جيجل سنڌ سان ۽ منهنجي مٺي سنڌ سلامت سان اجهو اهڙو ناتو نڀايو، شل منهنجي هي حقيراڻي سنڌ مٺي سان محبت مالڪ کي منظور پوي۔ تنهنجا ٿورا جو مون سان رشڪ ڪري به سنڌ مٺي کي خوشحال ڏسڻ جي ڳالهه ڪرين ٿو، حيدرآباد جي رستن ۾ رُلندي رُلندي ايترو ته گُم ٿِي ويندا آهيون، جو سموري سنڌ کي پنهنجي وجود ۾ سمائجندو ڏسندا آهيون پو تون هُجين يا مان هُجان !
    ڪونه ٻيو ڪو فرق، سنڌ ٻنهي جي ساڳئي (نثار ناز)
     
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: هل ته حيدر چوڪ کان سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي (نثارناز)

    سائين ناز صاحب الله اوهان کي سلامت رکي۔
    حيدر آباد منهنجو پيارو شهر آهي، جنهن ۾ جيترو ايندو آهيان سڪ ئي نه لهندي آهي۔
    الله تعالي ساري سنڌ کي پنهنجي حفظ وامان ۾ رکي۔
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هل ته حيدر چوڪ کان سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي (نثارناز)

    مهرباني ادا۔ الله توهان کي به سلامت رکي آمين
     
  12. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هل ته حيدر چوڪ کان سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي (نثارناز)

    سائين نثار ناز!‌ اوهان جي هن ونڊ جي تعريف ڪرڻ‌لاءِ لفظ مست وٽ نه ٿا ملن۔۔۔ توهان صحيح لکيو آهي ته ڪندا سڀ مست قلندر دما دم مست قلندر مست۔۔۔ ته بس مست جي به اها ئي دعا آهي ته اهي سمورا سنڌي جيڪڏهن جاڳي پون ته سنڌ ڪڏهن به ڌارين هٿان يرغمال نه ٿيندي۔۔ هي سنڌ جا ننڍا وڏا شهر، سنڌين جي پنهنجي ملڪيت ئي ته آهن، اڄ نه ته سڀاڻي انهن کي انهن جي سار لهڻي پوندي۔۔ پوءِ‌ڀلي ڌاريا ماڻهو پنهنجي وڏن جون ڪيتريون به تصويرون ڇو نه هڻن انهن چوڪن تي۔۔۔
    توهان حيدرآباد شهر جي گلي چوڪن تي موجود وڏن، سنڌي ڀينرن توڙي ننڍڙن ٻارن جون، سنڌي‌‌ثقافت واري لباس ۾ اهڙيون تصويرون ونڊي اصل دل خوش ڪري ڇڏي۔۔ مولا ڪندو توهان جي اسان جي دعا قبول پوندي ۽ سنڌي سدائين اهڙي طرح جاڳندا۔۔
    سنڌي عوام کي اهڙي بهترين ڏهاڙي کي عيد جي طور پرامن ملهائڻ تي ۽ دنيا کي حيران ڪرڻ تي دل جي گهرائين سان مبارڪون ۽ سُرخ سلام۔۔
    سائين اسان شينهن سمون جي ورتل تصويري ونڊ جا به منتظر آهيون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو