ٓ؛؛ٓ اسلام عليڪم :-h (سنڌ سلامت) ٓ؛؛ٓ منهنجو نالو خير محمد آهي۔ آئون هن فارم جو نيو ميمبر آهيان۔ مون هن فارم جي باري ۾ ڪنهن ٻئي اردو فارم تي پڙهيو ۽ هو ادي حسن نامي شخص جي پوسٽ هئي۔۔ مان هن جو تمام گهڻو ٿورائيتو آهيان۔۔۔ مهربانيون۔
جواب: منهنجو تعارف (خير محمد ڪنڀر) ادا خير محمد ڪنڀر ۔۔۔ توهان کي سنڌ سلامت جي فورم ۽ محبتي اڱڻ تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چئجي ٿو، اسان لک ٿورائتا آهيون اهڙن دوستن جا، جيڪي سنڌسلامت جي باري ۾ ٻين دوستن کي آگاهه ڪري هن محبتي ميڙ ۾ شامل دوستن جو تعداد وڌائيندا رهن ٿا۔۔ ڪيترن کي اسان ڄاڻون ٿا ۽ ڪيترن کان ته اسان اڻ ڄاڻ آهيون۔۔ اميد ته توهان کي هي سنڌسلامت فورم پسند آئي هوندي، هن جو مقصد ئي اهو آهي ته انٽرنيٽ تي سنڌين جو هڪ مرڪز جوڙيو وڃي، جتي هو گڏ ٿي سنڌ جي ڀلي بري جي باري ۾ سوچين ۽ پنهنجي ٻولي، تهذيب ۽ سنڌيت جي پرچار جي باري ۾گڏيل جدوجهد لاءِ لائحه عمل جوڙين۔۔ توهان جي لکڻ جي انداز کي ڏسي لڳي ٿو توهان پنهنجي لکڻ جي غلطين کي جلدي دور ڪري وٺندو۔۔۔ هڪ ڀيرو ٻيهر دل جي گهرائين سان ڀليڪار
جواب: منهنجو تعارف (خير محمد ڪنڀر) وڏي مهرباني ادا اوهان جي۔۔ معاف ڪجو جو فارم جي جگه تي فارف لکجي ويو۔۔۔ مونکي هي فارم تمام گهڻو سٺو لڳو۔۔۔۔ اوهان جا لک لک ٿورا۔۔۔
جواب: منهنجو تعارف (خير محمد ڪنڀر) [justify] بلڪل ادا، مان به ايئن ئي سمجهيو هو۔۔۔ توهان ان غلطيءَ کي ان تحرير جي هيٺان لکيل ”ترميم“ جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪري درست ڪري سگهو ٿا۔۔۔[/justify]
جواب: منهنجو تعارف (خير محمد ڪنڀر) لک قرب اوهان جا جو هن محبتي ميڙاڪي ۾ شامل ٿيو دل جي گهرائين سان ڀليڪار
جواب: منهنجو تعارف (خير محمد ڪنڀر) ادا مونکي ٿورو گائيڊ ڪندو ته مهرباني ٿيندي۔۔۔ مونکي اهو ٻدايو ته هتي سنڌي سنگيت (ميوزڪ) جو سيڪشن ڪٿي آهي؟؟؟
جواب: منهنجو تعارف (خير محمد ڪنڀر) ادا توهان هن لنڪ جي ذريعي سنڌ سلامت جي آڊيو وڊيو سيڪشن کي ڏسي سگهو ٿا۔۔۔ http://www.sindhsalamat.com/forumdisplay.php?f=49
جواب: منهنجو تعارف (خير محمد ڪنڀر) السلام عليڪم ورحمة الله وبرڪاته ادا خير محمد ڪنڀر صاحب جڙيا هجو شال ڀلي ڀلي ڪري آيا هن سنڌ سلامت فورم جي اڱڻ تي۔
جواب: منهنجو تعارف (خير محمد ڪنڀر) دوست خير محمد اوهان کي ڀليڪار خوشي ٿي جو اوهان جهڙو سهڻو دوست هن ساٿ جو ساٿي ٿيو آهي۔ هي فورم سڀني سنڌين جو آهي جتي سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچارڪ ٿيندي آهي۔ اميد ته اوهان به پنهنجي شيئرنگ ذريعي اسان سان وند ڪندا رهندا۔ لک قرب اوهان جا ، اوهان جي اچڻ جا ، اوهان جي ساٿ جا