ماشاءالله ادا ابوزين اوهان جون ايمان افروز تحريرون.... سائين اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته سائين الله جي فضل و ڪرم سان اهي 5 ئي سورتون مون ياد آهين.. پر سائين اوهان جي اهڙي ناياب تحرير کي اصل پنهنجي ڪمپيوٽر تي لاهي ڇڏيوسين... ۽ هاڻي روزاني تلاوت به ڪندس پر سنڌي ترجمي سائين... مهرباني ادا...... الله سائين آباد رکندو اوهان کي......
وڏي خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو هي پنج ئي سورتون توهان کي ياد آهن. افسوس ويسر جي خوف کان آئون اڃان تائين انهن کي ياد ڪري نه سگهيو آهيان. ڇاڪاڻ ته نبي پاڪ صلي الله عليہ وسلم جي هڪ حديث مبارڪ آهي ته قيامت جي ڏينهن بدترين ماڻهو اهو هوندو، جنهن کي قرآن جي هڪ آيت به ياد هوندي ۽ انهيءَ ان کي وساري ڇڏيو هوندو.