سلامت هجن

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
مصطفي مير سان پيار جيڪي ٿا ڪن
شل سلامت هجن
مرڪندا شل وتن ڏک نه ڪوئي ڏسن
شل سلامت هجن
جن به ڪلمو پڙهيو تن جا ويڙها وسن
شل سلامت هجن
سنڌ ۾ هند ۾ يا ڪٿي ڀي هجن
شل سلامت هجن
در محمد سندو جي ڏسڻ ٿا گهرن
شل سلامت هجن
يا مدينو ڏسي موٽي ٿا جي اچن
شل سلامت هجن
شاعريءَ ۾ ”رفيق“ نعت جي ٿا لکن
شل سلامت هجن​
 
جواب: سلامت هجن

سبحان الله ادا تمام پيارو نعت آهي، الله شل تمام مسلمان مومن ڀائرن کي سلامت رکي
 
جواب: سلامت هجن

جن به ڪلمو پڙهيو تن جا ويڙها وسن
شل سلامت هجن
سنڌ ۾ هند ۾ يا ڪٿي ڀي هجن
شل سلامت هجن

واه سائين ۔۔۔ سبحان الله بهترين ونڊ
 
Back
Top