فقير: بيگم صاحبه! اوهان وٽ هڪ بکي لاءِ ماني هوندي؟ بيگم صاحبه: ها آهي پر اهو بکو اڃان دفتر مان موٽي ناهي آيو!!
جواب: فقير ۽ بيگم صاحبه سائين اهو الائي ڪنهن ڏانهن اشارو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر الله سڀني کي اهڙي بيگم کان بچائي۔
جواب: فقير ۽ بيگم صاحبه ادا سليمان صاحب ، توهان کي توهان جو جواب هن ٿريڊ ۾ ملي ويندو پر هڪ ڳالهه جي پارت اٿئو ٻئي ڪنهن کي نه ٻڌائجو ها ها ها http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=6404 سدائين گڏ
جواب: فقير ۽ بيگم صاحبه ادا اڄ ڪلهه اسلام آباد ۾ آهي ڪلهه ئي رابطو ڪيو هئائين چئي پيو ته نمبر به نئون ورتو آهي سڄي سنگت کي ايس ايم ايس ڪيو آهي پر فقير تون ڏي ڪال ڪئي آهي ها ها ها مان به ڏاڍو کڻڪايو مانس ته سنڌ سلامت تي غير حاضر آهين ڇو ؟ چيائين پئي ته ڪجهه نوان پروجيڪٽس کنيا آهن انهن جي سلسلي ۾ مصروف آهيان وڌيڪ الله بهتر ڄاڻي ٿو سدائين گڏ
جواب: فقير ۽ بيگم صاحبه ادا ڦلپوٽه ڀاء تنهنجا لک قرب جو دوست عبدالوهاب جي خبر ڏنئي۔ پر يار مون وٽ ته اڃان سندس پراڻا نمبر آهن۔ نه وري ڪو ايس ايم ايس ڪيو اٿس۔ مهرباني ڪري سندس نمبر مونکي ايس ايم ايس ڪيو ته لک قرب