هو استاد هو، هو صرف ٻن ٽن هزار شاگردن جو نه پر، سموري سنڌ جو استاد هو. هُو ڊبل استاد هو، هڪ ته هو پروفيشنل استاد هو، ٻيو ته ڄڻ هن جو نالو ئي استاد هو. هُن جي ڏات ڏونگرن کي ڏاڪائي ڇڏيندي هئي ۽ اٻوجھن لاءِ ڏڍ هئي. هاڻي توهان بلڪل سمجهي ويا هوندا ته سن 1930ع جي جنوري مهيني ۾ 16 تاريخ دادو ضلعي جي ڳوٽ غلام چانڊيو ۾ سيد حاجن شاه جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سيد احمد شاه استاد بخاريءَ جي ڳاله پئي هلي. جيئن ته استاد پنهنجو ٻالڪپڻ درياءَ ويجهو، ڪانهن جي اڇن گلن ۽ سرنهن، ٻاجھر، جوئر، ڪڻڪ توڙي مٽرن جي کيتن ۾ ڊڪندي ڊوڙندي گذاريا، ان ڪري سندس طبيعت ۾ رنگيني ۽ ميٺاج جو سمائجي وڃڻ فطري عمل هو. هو ننڍپڻ کان ڏاڍو ذهين هيو، تعليمي لحاظ کان پهرين درجي کان سنڌي فائينل تائين پهرين پوزيشن کڻندو رهيو. استاد، عالم ، فاضل ۽ اديب واريون ڊگريون حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1946ع ۾ پهرين نوڪري روينيو کاتي ۾ تپيدار طور ڪئي. پر هر ڪو ڄاڻي ٿو ته هن نوڪري ۾ رهي، ڪير ڪيترو به چاهي، ڪنهن درد مند جي دوا نٿو ڪري سگهي. ان ڪري استاد جي طبيعت کي به هي نوڪري بلڪل ڪونه وڻي ۽ جلد ئي هو اداري کان ناتا ٽوڙي تعيلم کاتي سان رشتو جوڙي ويٺو. استاد پرائمري استاد بڻجي مستقبل جي معمارن کي سکيا ڏيڻ شروع ڪئي. هونئن ته استاد شاعري 1946ع ۾ شاگردي واري زماني کان شروع ڪئي هئي، پر 1951ع ۾ جڏهن کيس ايليسمينٽري ڪاليج ميٺاڻي ۾ ٽريننگ وٺڻ لاءِ موڪليو ويو، جتي کيس نامور شاعر عبدالله اثر جي صحبت نصيب ٿي ته استاد جي اندر جي ڏات تڙپي اٿي. سندس من ۾ متل مانڌاڻ نيٺ اٻري ٻاهر نڪري پئي، مشاعرن جون محفلون مچي ويون. پهريون استاد پنهنجو تخلص ” آسي“ ۽ ”دردي“ استعمال ڪيو، پر پوءِ جلد ئي پاڻ کي استاد سڏائڻ تي رضامند ٿيو. استاد جي شاعريءَ جي ڪچي ڪلي کڙي گل ٿي پئي، جنهنجي خوشبو سموري سنڌ ۾ واسجي وئي. استاد ڌرتي، دل وارن ۽ سونهن جو شاعر بڻجي ويو. سندس گيت نگر نگر گونجڻ لڳا. سچ ته استاد جي شاعري ۾ سلاست، بلاغت ، جماليت ۽ هر اُها خوبي موجود آهي، جيڪا علم ادب جي دنيا ۾ هڪ شاعر کي اعلى درجي ۽ مقام تي آني بيهارڻ لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. استاد جي شاريءَ مان جماليت ائين اڀري نڪري ٿي جو محسوس ٿئي ٿو ڄڻ هاڻي هاڻي سونهن مشڪ عنبر سان وهنجي سهنجي ريشم جو ڀرت ڀريل رنگين پڙو اوڙهي آئي آهي. استاد نه صرف سونهن پرست هو، پر ڌرتيءَ کي پنهنجي سرتي بڻائي ويٺو هو. ياد ٿو اچي ته استاد پنهنجي ڪتاب ” ڌرتيءَ ــــــ سرتي“ جي ارپنا ڪجھه هن طرح ڪئي آهي: پنهنــــــــــــــــــــــجي دل جي نالي منهنـــــــــــــــــــــــجي دل دادو آهي دادو ســــــــــــــــــــــنڌ جي دل آهي سنڌ وري ڪائنات جي دل آهي. ان مان صاف ظاهر ٿي ٿو ته استاد رڳو سنڌ لاءِ نه پر سموريءَ ڌرتيءَ جي گولي تي آباد ٽئين درجي جي ماڻهن لاءِ تڙپيو آهي هو سموري ڪائنات جو شاعر آهي، پر هن ڪڏهن به اها دعوى نه ڪئي هئي (هاڻي به ڪجھه حال حيات شاعرن جيان) ته هُو شيخ اياز کان وڏو شاعر ۽ لطيف ثاني آهي. استاد ته ڪڏهن به پاڻ کي وڏو شاعر به محسوس نه ڪيو، هو هر نئين لکندڙ سان بنا ڪنهن هت ڀيد ۽ فرق ڏيکارڻ جي ائين ئي سڪ ۽ اڪير مان ملندو هو، ڄڻ پاڻ به انهي ٽهيءَ جو آهي. جڏهن ته اسان جا گهڻا سينئر جونيئرن کي منهن پري ڪري آڳرن جو هٿ ڏيندا آهن. ان ڀيٽ ۾ استاد ته هر هڪ کي ڀاڪر ۾ ڀري وٺندو هو. هو هڪ عظيم شاعر هو. ادبي ڪسوٽيءَ موجب عوامي شاعر ئي سڀني کان وڏو شاعر هوندو آهي، ڇو ته عوام جنهن کي گهڻو مان مرتبو ڏئي اهو ئي وڏو آهي. وقت ثابت ڪيو آهي ته استاد جي شاعري هر هنڌ، پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل ۾ ايتري ئي مقبول آهي، جيتري شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري عوام ۾ مقبول آهي.استاد پروفيشنل حساب سان سورنهن سال گلن جھڙن ٻارڙن جي تربيت ڪرڻ کان پوءِ پهريون سيڪنڊري ۽ 1963ع ۾ ليڪچرار ٿيو. هن دوران هن ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ ڊگري ڪاليج دادو ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. ليڪچرار کان پوءِ اسسٽنٽ پروفيسر به بڻيو، جنهن تان 60 سالن جي ڄمار ۾ رٽائر ڪيائون. سندن علمي خدمتن عيوض سنڌ سرڪار ڊگري ڪاليج دادو جو نالو استاد بخاري ڊگري ڪاليج رکيو آهي. استاد بخاري نه صرف لائق استاد ۽ سٺو شاعر هيو، پر هُو هڪ سٺو موسيقار پڻ هو. هن پنهنجي ڪيترن ئي گيتن جون ڌنون ترتيب ڏنيون. استاد سموري حياتي شاعري جي جھول ۾ تازا توانا گيت ڀيٽا ڏنا. شاعري سندن رت ۾ رڌم بڻجي ڊوڙندي رهي. استاد بخاري بلڊ ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي چڪو هيو، سالن کان چنبڙيل ڪينسر جا جراثيم سندس حياتي پيئندا رهيا. پر پاڻ ڪڏهن به هنيانءَ نه هاريائون. مرڪ سندن چپن تان ڪڏهن مٽجي نه سگهي. موت سان وڙهندي استاد لنڊن مان بلڊ ٽرانفريشن به ڪرائي، پر موت جو راڪاس سندن حياتي مٿان ٽڪ ٻڌي بيٺو رهيو ۽ نيٺ 9 آڪٽوبر 1996ع ۾ اوچتو ڀڙڪو کائي استاد جي حياتيءَ کي جھپي اڏامي ويو. اها شام سمنڊ ماٺيڻو ٿي ويو، وڻ ٽڻ اداس نظر اچڻ لڳا، پکين جي نڙين ۾ سندن لاتيون اٽڪي بيهي رهيون، سنڌ سموري سوڳوار بڻجي وئي ۽ هينئر جڏهن 13 سال گذري چڪا آهن تڏهن به استاد جي شاعريءَ ساڳي پاٻوهه ۽ شوق سان پڙهي ويندي آهي. سچ ته ڏات امر آهي. ويڪيپيڊيا تان ورتل..................
ادا زاهد سومرو صاحب توهان جي وڏي مهرباني جو توهان اسان کي سائين استاد بخاري بابت اهڙي قيمتي معلومات ڏني اها حقيقت آهي ته سائين استاد بخاري هر نئين لکندڙ سان بنا ڪنهن هت ڀيد ۽ فرق ڏيکارڻ جي ائين ئي سڪ ۽ اڪير مان ملندو هو ، هڪ عظيم شاعر هو ادا زاهد تمام سٺي شيئرنگ آهي توهان جي اهڙي شيئرنگ جو انتظار رهندو . lajwab-sharing sindhsalamatsaathsal
ادا زاهد اسان جي گرو جي زندگي تي روشني وجهڻ لاءِ يار تنهنجا لک قرب مٺا استاد جي ڳالهه ئي ٻي هئي استاد اوهان جا جملا ته سڄي سنڌ جو استاد هو ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ادا الله تعالي کان دعا ته وري ڪا ماء استاد جهڙو ڄڻي جو اسان کي پنهنجي سرن تان استاد جي هٿ جي ڪمي محسوس نه ٿئي آمين
واهه الجميلي واهه، تمام بهترين استاد بخاري جي باري ۾ ٻيو ته توهان اسان کي استاد بخاري جا ديدار ڪرائي اصل عيدون ڪرائي ڇڏيون. مٺا ايتري معلومات توهان ڪٿان حاصل ڪئي وري استاد بخاري جي تصوير. ٻيلي جلدي ٻڌاءِ نه ته ........؟
فقير سائين اوهان جي ٿورائتا آهيون جو اوهان کي اسان جي تحرير پسند آئي۔۔۔ ايندي به ڇونه سائين آهي جو بخاري سائين۔۔۔۔۔۔
سهڻا علي علي سائين۔۔۔۔ ياعلي مدد! بابلا جهڙو پيارو آهين، تهڙو من گهريو به آهين پر جاني مان اوهان کي هٿ ٻڌي عرض ڪندس ته ادا پنهنجي تحرير کي لکڻ کانپوءِ ۽ موڪلڻ کان اڳ پڙهندا ضرور ڪيو۔۔۔ جاني معافي جي طلبگار آهين۔۔۔۔ اوهان اسان جا محسن آهيو انهي جي لاءِ مون اوهان کي عرض ڪيو آهي۔۔ اميد ته منهنجو عرض اوهان وٽ قبول پوندو۔۔۔۔
جاني اوهان کي محترم استاد بخاري جو تعارف پسند آيو انهي جي لاءِ مان ٿورائتو آهيان۔۔۔ پر دادلا وهاب سائين جو تعارف مون ويڪپيڊيا تان ورتو هيو۔۔۔ جاني باقي pasand جڙيو هجين مٺا
ادا زاهد مهرباني توهان جي جو توهان اهڙي ناياب شيئرنگ ڪئي. پر اهو ته ٻڌاءِ علي علي کي ڇا ٿي ويو آهي. جو غلطي مٿان غلطي ٿو ڪري.
ادا زاهد سومرا شال جُڙيو هُجين ؛ مونکي ياد پيو اچي ته اهو ساڳيو مضمون توهان ڪٿي شيئر ڪيو آهي، ٿي سگهي ٿو مان غلط هُجان باقي اُستاد بخاري هڪ اهڙو عوامي ۽ قومي شاعر آهي جنهن جي شاعريءَ کي هر ماڻهو آرام سان سمجهي سگهي ٿو، اُستاد بُخاري جي باري ۾ ايترو تفصيل سان لکي سنڌ سلامت جي دوستن سان شيئر ڪرڻ ادا زاهد ڪنهن ڪارنامي کان گهٽ ڪونهي، مونکي خبر آهي ته جنهن وڪيپيڊيا تان تون اهو مضمون ريفرنس طور هتي ڪوٽ ڪيو آهي، ان وڪيپڊيا تي اهي مضمون موڪلڻ وارا به اسان جا جوڌا سنڌي هوندا، جيڪي اسان جي سنڌي شاعرن جو قدر ڪري ڄاڻن ٿا۔ جس لهڻو اهڙو معلوماتي مضمون شيئر ڪرڻ لاءِ ادا زاهد۔
فقير سائين اوهان جي ننگري ۾ آهيون۔۔۔۔ صرف پنهنجين اکڙين کي کڻي اسان ڏانهن نهاريو۔۔۔ اوهان جا خادم آهيون هاڻي ته پنهنجن خادمن کي به وساري ڇڏيو اٿو۔۔۔۔۔۔۔ دعائن ۾ ياد فقير سائين۔۔۔۔۔shal judy hujeen
استاد بخاري مهرباني ادا زاهد استاد جي تعريف ڪرڻ سج کي ڏيئو ڏيکارڻ مثل آهي واقعي استاد هڪ محان شاعر هيو shal judy hujeen
سائين زاهد اوهان جو مضمون واقعي تمام معلوماتي آهي ان ۾ جيڪو ادبي سٽاء آهي سو پڻ قيمتي لفظن تي مشتمل آهي اوهان جي مهرباني جو سنگت سان اهڙي سهڻي ونڊ ڪيو ٿا الله توهان کي خوش رکي۔