• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

محرم موٽي آيو آيا تان نه امام !

نثارناز

سينيئر رڪن
محرم موٽي آيو آيا تان نه امام
شاهه سائين جو سُر ڪيڏارو شهيدن مظلومن جي شهادت جو اکين ڏٺو احوال آهي، لطيف سائين جا هي بيت ڪافي عرصو سنڌ فورم تي ونڊ ڪيا هُئا، اهي بيت وري سنڌ سلامت تي کڻي آيو آهيان سنڌ فورم جي ٿورن سان۔ من ڪا منهنجي هي غريباڻي نماڻي ونڊ ڪربلا جي شهيدن جي حضور قبول پوي۔ دوستو دعائن ۾ ياد رکندا۔​

155320_482254738215_794048215_5704943_8065335_n.jpg


154682_482254983215_794048215_5704946_4263286_n.jpg


156380_482255068215_794048215_5704947_1545173_n.jpg


156613_482255253215_794048215_5704949_5878523_n.jpg


162692_482255443215_794048215_5704952_578391_n.jpg


154141_482256158215_794048215_5704956_7066159_n.jpg


69546_482256268215_794048215_5704957_1313878_n.jpg


154635_482256373215_794048215_5704958_4286604_n.jpg


72610_482256583215_794048215_5704961_1635078_n.jpg


155867_482256748215_794048215_5704964_2062350_n.jpg
 
جواب: محرم موٽي آيو آيا تان نه امام !


سائين اوهان جي هن دل سان ڪيل محنت کي ڏسي ۽ محرم مهيني جي آمد جو سوچي اکين مان لڙڪ وهي آيا۔۔۔۔ الله توهان جي هن پرخلوص عبادت کي قبول فرمائي۔۔۔

حسن مير حسين کي، رُنو ٽن ٽولن،
جهنگ مِرُن، گهر ماڻهُن، اُڀن ۾ ملڪن،
پکين پاڻ پڇاڙيو، لڏيو هوت وڃن،
الا شهزادن، سوڀون ڏيئين سچا ڌڻي۔۔
 
جواب: محرم موٽي آيو آيا تان نه امام !

سائين نثار ناز سلام

سُر ڪيڏارو چون ٿا ته لطيف سرڪار جي زندگيء جي آخري ايامن ۾ چيل آهي۔ اوهان پنهنجي رنگن ۾ سجائي جيڪا لطيف سرڪار کي ڀيٽا ڏني آهي ۽ حسينيت جي جيڪا ياد ڏياري آهي ان لاء قرب

دوسِتَ ڪُهائي دادُلا، مُحِبَ مارائي؛
خاصَن خَلِيلَنِ کي، سَخِتـيُون سَھائي؛
اَللهُ اَلصَّمَدُ بي نيازُ، سا ڪَري، جا چاھي؛
اِنَھِين مَنجِھ آھي، ڪا اُونھي ڳالھِ اِسرارَ جي
 
جواب: محرم موٽي آيو آيا تان نه امام !

الله تعالي شهداءِ ڪربلا مظلومين تي پنهنجون رحمتون امت محمد جي صدقي نازل فرمائي۔ آمين۔
سندن کي اسان گنهگارن طرفان لک سلام
 
جواب: محرم موٽي آيو آيا تان نه امام !

الله تعالي شهداءِ ڪربلا مظلومين تي پنهنجون رحمتون امت محمد جي صدقي نازل فرمائي۔ آمين۔
سندن کي اسان گنهگارن طرفان لک سلام
شايد ! پر منهنجي حقير لبن تي ته اها دُعا آهي ته ” حضور اڪرم محمد صلي الله عليه وسلم جي امت مٿان شهداءِ ڪربلا مظلومين جي صدقي مٺو رب سائين جل جلالہ رحم ڪري۔ آمين
 
Back
Top