نيڻين نظر نينهن، جڙوءن جت جڙن ساهه انين تان صدقو، اندر سين عضبن لاهي تن لطيف چئي انگ پڻ آڇجن قلب قرباني ڪريان، مٿان دل دوسن هينئين ۽ اکين، ڦاهي کاڌي پرينءَ لئه! سر آسا داستان ٽيون ڪلياڻ آڏواڻي مرتب بيت نمبر 10
جواب: دوستو! شاه صاحب جي هن بيت جي سمجهاڻي گهرجي ادا۔۔۔۔ ان سلسلي ۾ سائين نثار ناز، سائين نثار ابڙو، سائين علي شاهه، سائين سليمان وساڻ جهڙن لطيف جي چاهيندڙ دوستن کي گذارش آهي ۔۔۔۔
جواب: دوستو! شاه صاحب جي هن بيت جي سمجهاڻي گهرجي ابا طاهر وڏو استاد آهين پاڻ ته ان شاعري جو مفهوم ڪڍي ڪونه سگهئين هاڻي وري وڃي سنڌ سلامت جو سهارو ورتو اٿئي۔ ڇو ٿو ککر ۾ کڙيون هڻي۔ مون توکي اڳ ۾ ئي چيو هو ته مجاز جي رنگ جي صفا اونچائي آهي شاهه سائين جي هن بيت ۾ هڪ ڀيرو وري اهو ساڳوڻو ونڊ بنا ڪنهن سمجهاڻي جي توکي ونڊي ٿو ڇڏيان۔
جواب: دوستو! شاه صاحب جي هن بيت جي سمجهاڻي گهرجي سائين منهنجا جي سمجهاڻي نه ٿا ڏيو ته پوءِ ٿورڙو صبر ته ڪريو نه مٺا!
جواب: دوستو! شاه صاحب جي هن بيت جي سمجهاڻي گهرجي سڄو سارو مهينو ٿِي ويو آهي انهي بيت جي سمجهاڻي لا جيڪو تون ڇاتي ٿي هٿ هڻي ويو هُئين ته اجهو ٿو ڏيان۔ هاڻي تون چئو ته مان صبر ڪيئن ڪريان۔ هاڻي صبر ڪندس ته اصل ڦاٽِي مرندس۔ ان ڪري : مان ڪيئن ماٺ ڪريان، مان ڪيئن ماٺ ڪريان منهنجو طاهرڙو ٿو توائي ڪري ! نه صرف مونکي پر شاهه سائين جي سڀني پانڌيئڙن کي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ؟ ؟ ؟
جواب: دوستو! شاه صاحب جي هن بيت جي سمجهاڻي گهرجي سائين ايڏي عظيم فلسفي لاءِ ٿورڙو صبر ڪرڻو پوندو آهي سر!
جواب: دوستو! شاه صاحب جي هن بيت جي سمجهاڻي گهرجي لڳي ته دال ۾ ڪارو ٿو ۔۔۔ بلڪ دال ئي ڪاري آهي ۔۔۔ طاهر سنڌي ۽ نثار ناز ۔۔۔۔نثار ناز جو صبر ۽ طاهر جو سوال سنڌ سلامت وارن کي ۔۔۔۔ هاڻ سرپرست اعلا سان ڪيل طاهر جي مقابلي ۾ اسان چپ ئي ڀلا آهيون ۔۔۔ وڙهن سانهه پٽجن ٻوٽآ واري ڪار ٿيڻ جو خطرو آهي ۔۔۔۔ باقي بيت ۽ اهو به لطيف جو ۔۔۔۔ وري ان جي سمجهاڻي ۽ معني ۔۔۔ ڪي سالڪ ئي سمجهن ۔۔۔ ڏسجي ته نثار ناز هن اڱڻ جو سالڪ انجي معني ڪڏهن ٿو ڪري ته اسانکي به فيض ملي پوي ۔۔۔
جواب: دوستو! شاه صاحب جي هن بيت جي سمجهاڻي گهرجي طاهر سنڌي تون هار مڃين نه مڃين پر هن نثار ناز هر دور ۾ هار مڃي آهي، وڏي دام تو ئي چيو هو ته هن عظيم بيت جي سمجهاڻي تون ڏيندين، ذري گهٽ چار پنج مهينا ٿِي ويا آهن تڏهن به تنهنجي ۾ نه مانون لڳي پئي آهي۔ ادا اسان کي جيڪي معلوم هو جڏهن تون ٽنڊو محمد خان آيو هُئين اسان توسان ونڊ ڪري ڇڏيو هو، سنڌ سلامت جي هر ايڊيٽر کي التماس آهي ته هاڻي هن موضع کي تالو هنيو وڃي مون هارايو طاهر سنڌي کٽي ويو۔
جواب: دوستو! شاه صاحب جي هن بيت جي سمجهاڻي گهرجي جيستائين ڪو ايڊيٽر صاحب هن تحرير کي تالو هڻي، آئون سائين نثار ناز جي پاس ڪيل انهي تصوير جي مطابق ڪامينٽس ڪٿان چوري ڪري هتي لڳايان ٿي مون کي خبر آهي ته چورِي وري به چورِي آهي پر هتي سائين نثار ناز جا ڪامينٽس پيسٽ ٿي ڪريان، الائي ادا اسد مست ،ا دا طاهر سنڌي ، يا ادا نثار ابڙو مطمئن ٿيندا يا نه باقي ادا نثار ناز ڄاڻي ۽ ادا طاهر سنڌي ڄاڻي۔ [JUSTIFY]” زيب صاحبه هن تصوير کان وڌ شاهه سائين جي بيت سان مطابقت ڪهڙي ٿيندي پر مون ته هن بيت جي تشريح گهري هُئي. هن تصوير ۾ نظرن جي ڳالهه آهي نينهن جي ڳالهه آهي، ، پرين تان صدقو ڪرڻ جي ڳالهه آهي اندر جا عُضبا ڪهڙا ٿيندا آهن مونکي خبر ڪانه ٿي پوي انهن جي ڳالهه آهي، هن تصوير ۾ تن لاهي انگ آڇڻ جي ڳالهه آهي، دل کي دوستن مٿان قربان ڪرڻ جي ڳالهه هن تصوير کان وڌ ٻي ڪهڙي تصويرن ۾ هنئين ۽ اکين جي ڦاهي کائڻ جي ڳالهه هوندي.“[/JUSTIFY]
جواب: دوستو! شاه صاحب جي هن بيت جي سمجهاڻي گهرجي [justify] سڀ کان پهريان ته دوستو، مون اڄ ڪلياڻ آڏواڻيءَ جو مرتب ٿيل رسالو ڳولهيو ته هي بيت نه مليو، وري آنلائين رسالو ڀرڳڙي صاحب جو ڏٺم ۽ سمورو سر آسا ڦولهيم پر هي بيت ڪون مليو ۔۔۔ دوست ٻڌائيندا ته هي بيت کين ڪٿي نظر آيو آهي ۔۔۔ حوالو ڏين ته ٿورا ۔۔۔ هاڻ اچجي بيت تي بيشڪ هن بيت ۾ موجود فڪر ته لطيف جو ئي آهي ۔۔۔ ۽ سر آسا ۾ ئي نيڻن ۽ اکڙين ذريعي عشق جون جڙون پاتال تائين وڃن ٿيون ۔۔۔ جيئن محترمه نسيم حيدريءَ پنهنجي هڪ نظم ۾ چيو آهي ته؛ اکڙيون يا نيڻ انسان جي اندر جي هڪ اهڙي دري هجن ٿيون جنهن مان هن دنيا جا سڀ عڪس اندر تائين اثر ڪن ٿا ۔۔۔ انڪري لطيف سڳوري پڻ ساڳين اکڙين کي وسيلو ثابت ڪيو آهي۔ هاڻ جڏهن نيڻن ذريعي جڙون پاتال ۾ وڃي لڳن ٿيون ته عشق پرورش وٺي ٿو ۽ جڏهن عشق انسان جي اندر ۾ پرورش وٺندو آهي ته ان وقت انسان جي هر شئي ان تان نثار ٿئي ٿي ۔۔۔ ظاهر عضبا يا باطني عضبا ۔۔۔ اندر جا عضبا جن ۾ جيرا جگر بڪيون ته لطيف سڳوري ڪيترن ئي جاين تي محبوب تان نثار ڪيون آهن ۔۔۔ بلڪ محبوب سان پيغام رساني واي عمل ۾ اهو شيون ڪانون کي کارائڻ جون ڳالهيون پڻ ٿيل آهن ۔۔۔ انگ آڇڻ پڻ عاشقن جو وڙ آهي ۔۔۔ لطيف سڳوري سر سورٺ راءِ ڏياچ ۾ ته انگن ڏيڻ واري عمل کي ايترو ته سهڻي انداز سان ڳايو آهي جو هوند انسان پنهنجي جسم جو هر عضبو نثار ڪري ڇڏي نه فقط ايترو پر شڪر ڪيا اٿس ته فقير سر گهريو آهي ۔۔۔ سو عضبا ۽ انگ محبوب تان قربان ڪرڻ لطيف جو عام پيغام آهي ۔۔۔ بلڪ پروانا ۽ پتنگ ئي اصل عاشق ٿين ٿا ۔۔۔ پنهنجو جيءُ اچي آڳ ۾ اڇلائين ٿا ۔۔۔ باقي قلب مطلب دل ته عشق ٿيڻ کانپوءِ قربان نه ٿي ته باقي عشق ڪهڙو ۔۔۔ دل يا قلب ئي ته اصل محبوب جي حوالي ڪرڻو هوندو آهي ۔۔۔ دل تي هڪ هندي گانو مون ٻڌو ته مونکي الائجي ڇو وڻيو، دل تو پاڳل هي ۔۔۔ دل ديوانا هي ۔۔۔ سو اکڙيون ۽ دل ؛ انسان جون ٻه اهم شيون آهن، جيڪي عشق جا ٻه اهم وسيلا آهن ۔۔۔ اکڙيون دروازا ته دل شهر آهي عشق جو ۔۔۔ عشق ناهي راند جو کيڏن ڳڀرو سسي نيزي پاند اڇل ته اڌ ٿئـــي دوستو! عشق جي حام هڻڻ الڳ شئي آهي ۔۔۔ عشق ٿيڻ الڳ شيون آهن ۔۔ خبر کاڌن کان پڇ ۔۔۔ مطلب ناز کان پڇو ۔۔۔ جو پاڻ ته کاڌل آهي پر ٻين کي به گهايل ڪندو وتي ۔۔۔ الامان الامان[/justify]
جواب: دوستو! شاه صاحب جي هن بيت جي سمجهاڻي گهرجي ادا نثار ابڙا توهان شايد تصوير ۾ غور سان ڏٺو ڪونهي ته اهو بيت سُر آسا جي داستان اٺون مان ورتو ويو آهي سائين نثارناز جي چواڻي مطابق الائي ڇو انهي بيت کي ادا طاهر سنڌي سُر آسا جي داستان نمبر ٽيون جو ڄاڻايو آهي باقي توهان جي تشريح وري به مجاز جي ترجماني ڪري ٿي، هاڻي آئون ڇا لکان بس ادا نثار ناز وانگر هار مڃان ٿي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جي سچ لکنديس ته ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هن بيت ۾ لطيف سائين مجاز جي انتهائي مٿاهين چوٽي سر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي۔ مون کي خوشي آهي ته سنڌ سلامت تي توهان جهڙا ڏاها ۽ ادا نثار ناز جهڙا بقول توهان جي ته کاڌل پر ٻين کي گهايل ڪندڙ ماڻهو موجود آهن۔
جواب: دوستو! شاه صاحب جي هن بيت جي سمجهاڻي گهرجي [justify]ادي اصل ڳالهه ۾ لطف ته هاڻ اچڻ شروع ٿيو آهي، سو ڪجهه وقت اڄان به هن ٿريڊ کي رهڻ ڏنو وڃي، سائين ناز صاحب جي ان فرمائش ته هن کي تالو لڳائجي جي حمايت نه ڪندس۔۔۔[/justify]
جواب: دوستو! شاه صاحب جي هن بيت جي سمجهاڻي گهرجي پليز هن موضع کي تالو لڳايو وڃي جيڪڏهن هن موضع جي تشريح ۾ مونکان ڪا غلط ڳالهه نڪري وئي ته ساري عمر پنهنجو پاڻ کي معاف ڪري نه سگهندس۔ پليز ايڊيٽر صاحبو هن موضع کي تالو لڳايو وڃي۔
جواب: دوستو! شاه صاحب جي هن بيت جي سمجهاڻي گهرجي سائين توهان جي تشريح جي ئي ته انتظار ۾ اڃان آس لڳايو ويٺا آهيون، ان کان پوءِ ئي اسان ڪجهه چئي سگهندا سين!