• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مهمند ايجنسي ۾جرڳي دوران 2 آپگهاتي حملا،50 ڄڻا مارجي

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن

پشاور(رپورٽ: خدا ڏنو شاهه) مهمند ايجنسي جي تعلقي غلا نئي جي هيڊڪوارٽر ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ جي آفيس ۾ طالبان مخالف جرڳي دوران پوليس ورديون پهريل ٻن آپگهاتي بمبارن جي حملن ۾ 50 ڄڻا مارجي ويا آهن، جن ۾ 2 صحافي به شامل آهن، آپگهاتي حملن ۾ هڪ سئو شهري زخمي ٿي پيا آهن، طالبان آپگهاتي حملن جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي، ان سلسلي ۾ اکين ڏٺن شاهدن موجب غلا نئي جي تعلقي هيڊڪوارٽر ۾ طالبان مخالف جرڳو ٿي رهيو هو ته ان دوران هڪ خودڪش حملي آور داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن روڪي ورتو، ان دوران ٻيو حملي آور آفيس ۾ داخل ٿي ويو، جنهن بعد ٻنهي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، ڌماڪن ۾ آفيس مڪمل طور تباهه ٿي وئي ۽ 20 ماڻهو موقعي تي مارجي ويا، ڌماڪي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن ۽ عام شهرين امدادي سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون، مقامي اسپتالن سوڌو پشاور مان به ايمبولينسون پهچي ويون ۽ زخمين کي تعلقي هيڊڪوارٽر غلا نئي اسپتال آندو ويو، جتي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت ٿي ويا، باقي 100 زخمين کي پشاور منتقل ڪيو ويو، ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، اکين ڏٺن شاهدن جو اهو به چوڻ هو ته ڌماڪا ايترا ته شديد هئا جو پري پري تائين آواز ٻڌڻ ۾ آيو، حملن کانپوءِ انساني عضون جا ٽڪرا پري پري تائين پکڙجي ويا، زوردار آپگهاتي حملن سبب علائقو ڌڏي ويو، هر طرف رت جا نشان هئا، واقعي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ مقامي ماڻهن ملبو هٽائي مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي ٻاهر ڪڍيو، ڌماڪي واري واقعي کانپوءِ ايجنسي سوڌو پشاور اسپتال ۾ پڻ ايمرجنسي لاڳو ڪندي عملي کي هنگامي بنيادن تي گهرايو ويو، ماڻهن کي رت جوعطيو ڏيڻ جون اپيلون ڪيون ويون، مهمند ايجنسي جي پوليٽيڪل انتظاميا جي عملدار امجد علي چيو ته آپگهاتي بمبارن کي پوليس ورديون پهريل هيون، هڪ بمبار پوليٽيڪل ايجنٽ جي آفيس جي گيٽ ۽ ٻِئي بمبار پاڻ کي آفيس ۾ ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، هن چيو ته مارجي ويلن ۾ 10 حڪومتي عملدار ۽ 2 صحافي عبدالوهاب ۽ پرويز خان به شامل آهن، عملدارن موجب جرڳي ۾ طالبان مخالف لشڪر جي ميمبرن ۽ قبائلي اڳواڻن جو وڏو انگ موجود هو، ٻئي طرف خيبرپختونخوا جي سڌ سماءَ واري وزير ميان افتخار چيو ته آپگهاتي حملن ۾ هڪ سئو ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، جن مان ڪيترن ئي جي حالت نازڪ آهي، هن چيو ته اسان خطي ۾ اڻ اعلانيل ٽين عالمي جنگ وڙهي رهيا آهيون، ملڪي حالتن جو دارومدار افغانستان جي حالتن تي آهي، دهشتگرد ڪمزور ٿيا آهن پر ختم ناهن ٿيا، هن چيو ته دهشتگرد ڪٿي به هجن انهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، ميان افتخار چيو ته اسان اهڙن حملن کان ڊڄڻ وارا ناهيون، دهشتگردن جي خاتمي تائين انهن خلاف ڪارروائي جاري رهندي، ٻئي طرف مهمند ايجنسي ۾ ڪالعدم تحريڪ طالبان جي سربراهه عمر خالد چيو ته اسان جي ٻن ماڻهن انهن کي نشانو بڻايو آهي، جيڪي طالبان جي خلاف ڪم ڪري رهيا آهن، هن چيو ته جيڪي ماڻهو اسان جي خلاف ڪم ڪندا لشڪر يا امن ڪاميٽيون ٺاهيندا انهن کي نشانو بڻايو ويندو.
ڪاوش جي ٿورن سان۔
 
Back
Top