ڪالهه سنڌ ۾ ڇا ٿيو ! هي اٿئو ظالمن جا ڪم !

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏7 ڊسمبر 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    [justify]هي صرف اڄ جي ڪاوش جون سنڌ لاءِ سرخيون صرف هڪ ڏينهن جون آهن، ۽ اخبار ۾ 100 فيصد رپورٽ ته ٿيندي ناهي جيئن سڀ کي خبر آهي، پوءِ اسان ٻين ڏانهن ڏوهه ڇو ڏيندا آهيون جڏهن ته اسان جا پنهنجا اهڙا ڪم آهن؟!!!


    گڊو ويجهو اغوا ٿيل ٻالڪ بازياب نه ٿي سگهيو، واردات ۾ استعمال ٿيل موٽرسائيڪل هٿ:5 ڄڻا گرفتار

    * مديجي ۾اهلڪار کي شهيد ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس چڙهايون،فائرنگ،5 عورتن سميت 25 ڄڻا گرفتار

    * حيدرآباد ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ واڌ، ڦورن سان مهاڏو اٽڪائيندڙ انعامي بانڊن جو واپاري قتل:7 ڦر وارداتون

    * ڀان سيدآباد ويجهو شادي ۾گهوٽ جو پيءُ پراسرار نموني فوت

    * شهدادپور ۾ ٽنڊو آدم پوليس خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو

    * پريالوءِ ويجهو ڦر جي ڪوشش، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سندن ساٿي زخمي

    * عمران جوکيو بازياب نه ٿيو، مختلف ڌرين پاران احتجاج جاري

    * ڪوٽڙي هاري ڪيمپ ۾ رهندڙ مينا سان 3 ڄڻن جي لڄالٽ

    * پريالوءِ ويجهو هٿياربندن هٿان ڳوٺاڻو اغوا،گولي هڻي ڦٽو ڪري ويا

    * احمد پور ويجهو ڌاڙيلن مغوي هاري کي ڇڏي ڏنو، پوليس پاران مقابلي جي دعويٰ

    * لاڙڪاڻي ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي ڪانواءِ وٺي ويندڙ پوليس تي فائرنگ،اهلڪار شهيد

    *�ٻج ۽ ڀاڻ ڏيو�:ٺل ۾ ٻوڏ متاثرن جو مظاهرو، مختيارڪار جو گهيراءُ

    * شهدادڪوٽ واسي ٻوڏ متاثر ٻارڙو خيمي کي باهه لڳڻ سبب سڙي فوت

    * ڪوٽڏيجي ويجهو انعام رکيل ڌاڙيل جليل جهانگلي گرفتار

    *�قاسم آباد نظر انداز ڇو؟�: قومپرستن جي اتحاد پاران ڌرڻو

    *سنڌ بدامني، بيروزگاري ۽ مهانگائي کي منهن ڏئي پئي:ممتاز ڀٽو

    *لاڙڪاڻي ڀرسان هٿياربندن جي رائيس ملرز کان لکين رپيا ڦر

    *ميهڙ ۾ ٻوڏ سٽيلن پاران واهر نه ٿيڻ خلاف پيادل مارچ، مظاهرو، ڌرڻو، باهيون

    *نوشهروفيروز ويجهو چوري جي ڪوشش،مزاحمت تي گهر ڌڻي قتل

    *شھدادڪوٽ ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان پورھيت قتل

    *خانپور ۾ هٿياربندن جو دڪان تي حملو، فائرنگ، 3 ڄڻا زخمي، شهر بند

    * سوراهه پوليس هٿان درگاهه تان پريمي جوڙو گرفتار، ناري ماءُ حوالي

    * حيدرآباد:حسام قائمخاني جو قتل ڪيس شريف ڪاليا تي داخل، ڪاروبار بند

    * خيرپور جي اڍائي سال اڳ اغوا ٿيل نسيمه لاشاري بازياب:لڄالٽ الزام

    * ڏهرڪي ويجهو ڀاڻ فيڪٽري طرفان زهريلي پاڻي جا تلاءُ تعمير ڪرڻ خلاف ڌرڻو
    [/justify]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪالهه سنڌ ۾ ڇا ٿيو ! هي اٿئو ظالمن جا ڪم !

    ادا طاهر ڇوٿو روئارين ۔۔۔۔۔۔۔۔

    اسان ان ڪري سنڌي اخبارون ۽ نيوز چينل ئي ڪونه پيا ڏسون جو همت نه رهي آهي ۔ يا وري اهي خبرون ٻڌي ٻڌي اسان عادي ٿي ويا آهيون۔ انسانيت ۽ احساسيت ٻئي ختم ٿينديون پيون وڃن۔

    دعا ڪيو ته رب پاڪ ڪا آساني ڪري ۽ هي قوم سڌري باقي اسان جا حال ڪونهن ادا ۔۔۔۔۔
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڪالهه سنڌ ۾ ڇا ٿيو ! هي اٿئو ظالمن جا ڪم !

    ادا اسان جو اڄ هي حال آهي پوءِ به الڳ ديش جي ڳالهه ٿا ڪريون!!!
    ڇا الڳ ديش اهڙين حالن سان وٺبا آهن يا ڪردار سان؟
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪالهه سنڌ ۾ ڇا ٿيو ! هي اٿئو ظالمن جا ڪم !

    ادا طاهر۔۔۔ ڪهڙي ڪهڙي خبر کي هتي ونڊ‌ ڪندو؟؟ سور ته سڀ سوايا آهن،
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڪالهه سنڌ ۾ ڇا ٿيو ! هي اٿئو ظالمن جا ڪم !

    بس ادا ڇا ڪجي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو