مُحَرَّمَ موٽِي آئِيو، آئِيا تان نه اِمامَ؛ مَدِيني جا ڄاَم مؤلا، مُون کي ميڙِئين! لطيف سرڪار جي سُر ڪيڏارو مان چونڊ
جواب: محرم موٽي آيو ۔۔۔ سُر ڪيڏاري مان چونڊ پياسي مظلوم امام جي صدقي الله تعالى هر مومن جون مشڪلون آسان فرمائي۔۔۔۔ دين اسلام کي سربلندي عطا فرمائي۔۔۔
جواب: محرم موٽي آيو ۔۔۔ سُر ڪيڏارو مان چونڊ ادا بهترين ونڊ ۔ الله شهداءِ ڪربلا تي رحمتون نازل فرمائي۔ آمين۔
جواب: محرم موٽي آيو ۔۔۔ سُر ڪيڏارو مان چونڊ دعا آهي ته رب پاڪ مظلومِ ڪربلا جي واسطي سنڌ ۾ امن قائم جي فضا قائم ڪري۔۔ آمين ۔۔۔ثم آمين
جواب: محرم موٽي آيو ۔۔۔ سُر ڪيڏارو مان چونڊ [justify]دوستو! سنڌ جي سرتاج شاه لطيف سر ڪيڏارو ڳائي جهڙيءَ طرح حسينيت کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي تنهنجو مثال ملڻ مشڪل آهي ۔۔۔ جان خاندان ۽ مال قربان ڪرڻ جو بيان، سورهيائيءَ ۽ بهادريءَ جو بيان، حق ۽ سچ خاطر يزيديت جو مقابلو ڪرڻ وغيره وغيره ۔۔۔ دوستو! حسينيت هڪ اهڙو نظريو ۽ فڪر آهي جنهن جي اوٽ سان يزيديت خلاف پاڻ پتوڙي انسان ظلم جون پاڙون پٽي سگهي ٿو ۔۔۔ حسينيت سورهيائيءَ سان سر ڏيڻ جو فلسفو آهي، حسينيت ظلم آڏو ڪنڌ نه جهڪائڻ جو فلسفو آهي، حسينيت پاڻ گهوري سچ جو سر بلند ڪرڻ جو فلسفو آهي ۔۔۔ اڄ جڏهن اسين پڻ يزيديت جو شڪار آهيون، اڄ جڏهن ڪوڙ جا ساٿي وڏي شان ۽ شوڪت جا مالڪ آهن، اڄ جڏهن ڦورو ۽ ظالم راڄ ڪري رهيا آهن، اڄ جڏهن شيطان جا ساٿي سگهارا ٿي ٿونها هڻي رهيا آهن، اڄ جڏهن منهن ۾ ملان اندر ۾ ابليس جهڙا ماڻهون زورآور ٿيل آهن، تڏهن اسان کي حسينيت جو فلسفو ان ڳالهه طرف اڀاري ٿو ته اسين به حسين جا ساٿي ٿي ظلم خلاف پاڻ پتوڙيو ۽ ان پاداش ۾ جيڪڏهن اسانکي پنهنجا سر گهورڻا پون ته بيشڪ نثار ڪجن ۔۔۔ اچو ته اولاد رسول صلعم کي سچو خراج عقيدت پيش ڪريون ۽ سندس ڏسيل راهه جا راهي ٿي پاڻ ملهايون ۔۔۔ ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ ۔۔۔ سچ نه بيٺو نچ ۔۔۔ سختي شهادت جي نسورو ئي ناز، رند پروڙين راز، قضيي ڪربلا جو۔ دوستو! لطيف سرڪار جي مٿئين بيت تي غور ڪبو ته؛ حق ۽ سچ جي ويڙهه ۾ شهادت ماڻڻ ۽ شهادت جي سختي برداشت ڪرڻ خوشنصيبي آهي، ناز آهي، سورهيائي آهي، ان حق ۽ سچ جي ويڙه جو راز ڪي رند، ڪي سورهيه، ڪي سچ جا ساٿي، ڪي ڄاڻون ئي پرکي سگهن ٿا ۔۔۔ ڪربلا جي ميدان ۾ ٿيل ويڙهه جو راز ڇا هو ۔۔۔؟ ان راز کي ڳولهڻو آهي ۽ ان راز جا ساٿياري ٿي پاڻ ملهائڻو آهي ۔۔۔ رب العالمين کان دعا آهي ته هو اسان کي حق ۽ سچ جي ويڙهه وڙهي شهادت جي سختي سهڻ جي توفيق عطا فرمائي ۔۔۔ آمين[/justify]
جواب: محرم موٽي آيو ۔۔۔ سُر ڪيڏارو مان چونڊ اڄ سائينم نثار ابڙو صاحب دل وٽان ڳالهه ڪئي آهي۔۔۔۔۔ (( شهيد حق امام حسين عليه السلام جن پنهنجي آخري خطاب ۾ فرمايو ته منهن جي جنگ يزيد سان نه پر هر يزيدي ڪردار سان آهي )) ۔ ڇا دنيا ۾ڪوئي اهڙو آهي جنهن الله جي نالي تي پنهنجي اولاد قربان ڪئي هجي۔۔۔ حملو ڪندڙ فوج کي آخري وقت تائين اسلام جي حقيقت کي سمجهڻ جي اپيل ڪئي۔۔۔۔ جنهن وقت قاتلن گهيرو تنگ ڪيو ته مولا حسين مدد طلب ڪئي ڇوته جيڪڏهن مظلوم حسين مدد طلب نه ڪري ها ته هر ڪوئي ايئن چوي ها ته امام حسين اسان کي مدد جي لا نه چيو نه ته اسان ايئن ٿيڻڪونه ڏيون ها۔۔۔۔۔۔۔ افسوس اهو آهي ته قتل ٿيڻ وارو رسول الله جو نواسو ۽ قتل ڪرڻوارا رسول الله جو ڪلمو پڙهڻوارا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: محرم موٽي آيو ۔۔۔ سُر ڪيڏارو مان چونڊ اڄ اسان جي اولاد جو ڪير پاڻي بند ڪري ته ڇا حالت ڪندا آهيو؟ روڊ رستا بند ڪندا آهيون۔ يا اهو علائقو ڇڏي ويندا آهيون۔ پاڻي اسان جي اولاد کي نه ٿو ملي ته اسان ڪٿي هوندا آهيون هوش ۾؟؟ هو ته ابن علي آهي۔ ناني جو لاڏلو۔ سلام حسين۔
جواب: محرم موٽي آيو ۔۔۔ سُر ڪيڏارو مان چونڊ سائين اوهان جون ڳالهيون هجن ، اوهان جا ڏاهپ ڀريا گفتا هجن ۽ موضوع هجي شهيد ڪربلا مظلوم حسين جو ته پوء اوهان کي پيو پڙهجي ۽ ٻڌجي۔ مان اردو جو هڪ شعر ونڊ ڪندس : قتلِ حسين اصل ۾ مرگ يزيد هي اسلام زنده هوتا هي هر ڪربلا ڪي بعد حسين عليه سلام جي شهادت اسان لاء هڪ اعلي نمونو آهي ته ڪيئن باطل جي اڳيان سينو سپر ڪجي۔ دعا آهي ته الله پاڪ اسان کي حوصلو ڏي ته حق جي ڳاله ڪيون ۽ ظالم اڳيان سينو ساهيون
جواب: محرم موٽي آيو ۔۔۔ سُر ڪيڏارو مان چونڊ پيارا عمران اوهان جي مهرباني مان حسين جي شهادت ۽ ان جي ٻچڙن جي قرباني جو تعلق حضرت ابراهيم جي قربانيء سان جوڙيندس جتي حضرت اسماعيل جي جاء تي دنبو قربان ٿيو۔ ان خواب جي تعبير ڪربلا ۾ ٿي جتي حسين ۽ ان جي ٻچڙن جي قرباني اسلام جو سر بلند ڪيو، حق ۽ سچ جو سر بلند ڪيو ، صبر جو درس مليو۔
جواب: محرم موٽي آيو ۔۔۔ سُر ڪيڏارو مان چونڊ ادا بيشڪ صحيح پيا چئو۔۔۔ سال جي آخر به قرباني سان ٿئي ٿي ٿي ته سال جي شروعات به قرباني سان ۔۔۔ هو به نبيءَجو ٻچڙو، هي به نبيءَ جو ٻچڙو۔۔۔۔ هُن کي به صحرا ۾ وسائي حضرت ابراهيم کان قرباني ورتي وئي۔۔۔ هتي وري حضرت امام حسين عليه السلام ناني جو شهر ڇڏي پنهنجي ٻارن ٻچن، جانثار ساٿين سان گڏ ڪربلا جو رڻ پٽ اچي وسايو۔۔ ان کان علاوهه به ڪيتريون ئي مشابهه ڳالهيون آهن ٻنهي قربانين ۾۔۔۔ ۔
جواب: محرم موٽي آيو ۔۔۔ سُر ڪيڏارو مان چونڊ مهرباني ادا مست دعا آهي ته رب پاڪ اسان کي شهيد ڪربلا حسين عليه سلام جي شهادت جي مقصد کي سمجهڻ جي توفيق ڏي۔ قضيو ڪربلا جو نسوروئي ناز رند پروڙين راز قضيي ڪربلا جو
ﻣُﺤَﺮَّﻡَ ﻣﻮٽِﻲ ﺁﺋِﻴﻮ، ﺁﺋِﻴﺎ ﺗﺎﻥ ﻧﻪ ﺍِﻣﺎﻡَ؛ ﻣَﺪِﻳﻨﻲ ﺟﺎ ﭴﺎَﻡ ﻣﺆﻻ، ﻣُﻮﻥ ﮐﻲ ﻣﻴڙِﺋﻴﻦ! سر ڪيڏارو شاه سائين