[justify]سنڌ سلامت جي جاکوڙي ۽ فعال ميمبر ادا طاهر سنڌي کي سنڌ سلامت تي پنهنجي موضوعن جي تعداد 600 ڪرڻ تي دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏجن ٿيون، سندن هر موضوع خاص اهميت وارو هوندو آهي ۽ دوستن جي دلچسپيءَجو باعثهوندو آهي، ۽ سندن ونڊ ڪيل علمي موضوعن جو ته ڪوبه مٽ نه آهي، پاڻ وقت به وقت مڪي ۽ مديني ۾ سنڌي عالمن ۽ انهن جي تحقيق بابت به ڄاڻ ڏيندا رهن ٿا۔۔۔۔۔۔[/justify]
جواب: ادا طاهر سنڌي کي مبارڪون۔۔۔ [justify]سنڌ سلامت جي محترم دوست طاهر سنڌيءَ کي 600 لکڻين پيش ڪرڻ تي واڌايون، اسانجو هي دوست هميشه ان ڪوشش ۾ هوندو آهي ته سنڌ سلامت تي نت نوان رنگ هجن ۽ نت نوان ليک ونڊ ڪري هو پنهنجي ريت نڀائيندو اچي ۔۔۔ دوستن جي دوستي جڏهن پڪي ۽ پختي ٿيندي آهي ته پوءِ ڳالهه حسابن ڪتابن کان چڙهي ويندي آهي ۔۔۔ انڪري اسانجي نظر اڃان اڳتي آهي، ڏسجي ته ڪم ڪٿي ٿو پهچي ۔۔۔ رب العالمين سنڌ سلامت جي دوستن جي سگهه برقرار رکي ته جيئن سنڌ ۽ سنڌيت جي ميدان ۾ ٿيندڙ ڪم اڳ کان اڳرو ٿيندو رهي ۔۔۔ اميدون گهڻيون آهن ۽ منزل اڃان ڏور ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔[/justify]
جواب: ادا طاهر سنڌي کي مبارڪون۔۔۔ ادا طاهر توهان کي 600 لکڻين جي تڪميل تي مبارڪباد چئجي ٿي ۔۔۔۔۔۔ :-bd ۔ :-bd ۔ :-bd ۔
جواب: ادا طاهر سنڌي کي مبارڪون۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت محترم دوست طاهر سنڌيءَ کي 600 لکڻين پيش ڪرڻ تي منهنجي طرفان به دل جي گهرائين سان کوڙ ساريون واڌايون، اسانجو هي دوست هميشه ان ڪوشش ۾ هوندو آهي ته سنڌ سلامت تي نت نوان رنگ هجن ۽ نت نوان ليک ونڊ ڪري هو پنهنجي ريت نڀائيندو اچي پاڻ هڪ سچو ء سنڌي قوم لاء خدمت لاء جذبو رکندڙ دوست آهي وري به کوڙ ساريون واڌيون
جواب: ادا طاهر سنڌي کي مبارڪون۔۔۔ منهنجي پاران به ادا طاهر کي موضوئن جي ڇهين سينچري مڪمل ڪرڻ تي واڌايون ادا طاهر جا موضوع ۽ تحريرون يقينن تعداد جي لحاظ کان ته گهڻيون آهن پر ان سان گڏ انهن م ڄاڻ ۽ علمي خزانو به ڀريل آهي۔ سندس ڏاهپ ، مذهب ۽ شاعري سان گڏ سنڌي شخصيتن تي ونڊ ڪيل موضوع پنهنجو مَٽ پاڻ آهن۔ لکڻ سان گڏ ملڻ ۾ به نفيس ، يارن جو يار ، سار لهندڙ ان کان به وڌيڪ سوال پڇي جاکوڙ ڪندڙ دوست آهي۔ دوستي نڀائن ته ڪو ان کا سکي۔ وري ننڍڙا ننڍڙا پر تکا مٺا سوال ڪري وڌيڪ ڄاڻ وٺڻ جو ڏانء به کيس ڀلو اچي۔ دعا آهي ته سنڌ سلامت جو هي محبتي ميڙ ادا طاهر جهڙن دوستن سان ٽمٽار هجي۔
جواب: ادا طاهر سنڌي کي مبارڪون۔۔۔ ادا خير مبارڪ۔ اها اوهان دوستن جي محبت آهي جو طاهر سنڌي به آهي۔ سنڌ جا مٺڙا دوست مونکي رب عطا ڪيا آهن جن تي مونکي فخر آهي۔ لک لائق پيارا ڀاءُ۔
جواب: ادا طاهر سنڌي کي مبارڪون۔۔۔ سائين رب سائين اوهان سڀ دوستن کي سلامت رکي۔ واقعي منزل اڄان گهڻو اڳي آهي پر اوهان خير خواهن جي سرپرستي ۾ ان شاءَ الله اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن منزل تي پهچندا سون گڏجي۔ لک لائق۔۔۔
جواب: ادا طاهر سنڌي کي مبارڪون۔۔۔ ادا عمران سومرا ڀاءُ اوهان سڄڻن ڏي مولا خير ڪري۔ لک لائق پيارا جو اوهان مونکي ان سيليبريٽ جي قابل سمجهيو۔ يقينن سنڌ سلامت تي ڪم ڪرڻ منهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي۔
جواب: ادا طاهر سنڌي کي مبارڪون۔۔۔ مانَ وارا اها منهنجي خوشنصيبي آهي جو اوهان جهڙا مخلص دوست مليا آهن هن مختصر زندگي ۾۔ مهربانيون مٺڙا۔
جواب: ادا طاهر سنڌي کي مبارڪون۔۔۔ پيارا ڀاءُ اوهان ساري سنگت کي مولا شاد ۽ آباد رکي۔ آءُ هن اڱڻ جو هڪ ادني فرد آهيان۔ منهنجي خوشنصيبي ٿيندي جو منهنجون خدمتون سنڌ امڙ جي ڪم اچي سگهن۔ لک لائق مٺا۔
جواب: ادا طاهر سنڌي کي مبارڪون۔۔۔ هائو ادا طاهر سنڌي اسين اوهان جا گزريل مضمون اڃان مڪمل پڙهي نه سگهيا آهيون ۽ وچ ۾ خبر پئي ته اوهان 600 موضوع مڪمل ڪري چڪا آهيو۔ ادا مون مسڪين جي طرفان به اوهان کي لکين مبارڪون هجن ۽ انشاء الله اوهان جا مضمون هوريان هوريان مڪمل پڙهبا ۔ يقين ڪيو اوهان جي مضمون ۾ ڪافي معلومات ملي پئي جنهن تي اوهان جس لهو ٿا۔ زندگي باقي ملاقات باقي