ڪجهه ڏينهن اڳ ڪنهن دوست کي ڪار جي ضرورت هئي ته سنڌ سلامت وارن کي گذارش ڪيائين ۔۔ سائين رحيم بخش جن پڻ جوابي پيشڪش آندي۔۔۔ سائين نثار ابڙو سان ملاقات ٿي ته انهن به ڪار خريد ڪرڻ جو سوچيو پئي۔۔۔ پر اهي دوست جيڪي مون وانگر ڪار وٺڻ جي سگهه نه رکندا هجن انهن لاءِ اهڙين تصويرن جي ونڊ ڪري رهيو آهيان جن کي ڏسي کين کان جڏهن به ڪير سوال ڪري ته جواب ۾ اهو چون ته ”ڪار وٺبي پر اهڙي جيڪا هر ضرورت پوري ڪري۔۔۔۔!“ جهڙوڪ هن ڪار کي ئي ڏسو۔۔۔
جواب: ڪار وٺبي پر اهڙي جيڪا هر ضرورت پوري ڪري۔۔۔۔! سائين اهڙي ڪار وٺڻ لاءِ پاڻ کي آمريڪا جو صدر ٿيڻو پوندو، جيڪا ڪار هيلي ڪاپٽر ۾ تبديل ٿئي ته مطلب ته اها ضرور ته ايتري مهانگي هوندي۔۔۔۔۔۔
جواب: ڪار وٺبي پر اهڙي جيڪا هر ضرورت پوري ڪري۔۔۔۔! سائين ڪار ته الله مون سميت سنگت کي نصيب ڪري پر هت ته بش ڪار چوري ڪري اڏامندو پيو وڃي!! شايد ان ۾ وڪيليڪس هجن!!
جواب: ڪار وٺبي پر اهڙي جيڪا هر ضرورت پوري ڪري۔۔۔۔! ادا رشيد تمام بهترين ڪار آهي يار پر آهي گهڻي جي ؟ ته وٺڻ جي سوچجي ۽ ڪٿان ملندي ؟ اهڙي معلومات ونڊ ڪريو ته جيئن گهمڻ ڦرڻ ۾ سولائي ٿئي سدائين گڏ
جواب: ڪار وٺبي پر اهڙي جيڪا هر ضرورت پوري ڪري۔۔۔۔! ادا رشيد مهرباني سٺا خواب ڏسجن ۽ پوء پنهنجون توانايون ۽ منصوبه بندي ان جي حاصل ڪرڻ لاء ڪرڻ کپي۔ اوهان جا خواب ۽ سوچون ڀليون آهن۔ دعا آهي ته رب اوهان کي جهجهو حلال رزق ڇئي جيئن اوهان پنهنجي گهروارن ۽ دوستن سان خوش رهو۔ باقي يار هي ڪار ڏکي ٿي لڳي جو هت روز جهاز پيا ڪرن۔ اسان جو دوست ادا طاهر ۽ ادا عمران به جهاز جي اڏي جي ڀڪ ۾ پيا رهن۔ دعائون آهن ته سڀ آبد ۽ امن ۾ هجن