گوگل ڪروم اسٽيبل 8 ۔۔۔ پي ڊي ايف ريڊر سان گڏ آف لائين انسٽالر

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏7 ڊسمبر 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    هڪڙي ئي سال 2010 منجهه گوگل وارن پنهني برائوزر گوگل ڪروم 0۔4 کان وٺي 0۔7 بيٽا ورجن تائين لانچ ڪري ورتو هو۔۔۔ جنهن کان پوءِ اميد ڪجي پئي ته گوگل پنهنجي برائوزر جو نئون ورجن گوگل ڪروم 0۔8 ايندڙ سال ئي آڻيندو۔۔۔ پر هڪ ته گوگل ڪروم 0۔7 بيٽا مارڪيٽ ۾ ٻوٽو ٻاري نه سگهيو جنهن جا ڪئي سبب هيا خاص طرو جاوا ايپليڪشنس کي درست طريقي سان نه سنڀالڻ (اهڙي شڪايت ادا سليمان پڻ روبرو ڪئي هئي) جڏهن ته ٻيو سبب مائڪرو سافٽ طرفان انٽرنيٽ ايڪسپلورر 0۔9 ورجن کي لانچ ڪرڻ آهي۔۔۔ اهي ئي سبب آهن جو گوگل ڪروم ٽيم نئون ورجن گوگل ڪروم اسٽيبل 0۔8 مارڪيٽ ۾ آندو آهي۔۔۔

    [​IMG]

    جلد بازي ۾ آندل 0۔7 ورجن جي مقابلي ۾ هن برائوزر تي ڪهڙي تبديلي آندي وئي آهي ۔۔۔ اهو ڏسڻ لاءِ پهريان مون خود انسٽال ڪري چيڪ ڪرڻ چاهيو ۔۔۔ چيڪ ڪرڻ کان پوءِ لڳو ته هن برائوزر تي ڪافي محنت ڪئي وئي آهي۔۔۔ پراڻي ورجن جي مقابلي ۾ هن جا خاص فيچرس ڪجهه هي آهن۔۔۔
    هاڻي پائداري ۽ ويب ڪٽ لي آئوٽ کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو‌ آهي۔۔۔
    ورجن 0۔7 ۾ ايندڙ لڳ ڀڳ 800 بگس کي فڪس ڪيو ويو آهي۔۔۔
    سيڪيورٽي کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي۔۔
    برائوزنگ رفتار کي پڻ وڌايو ويو آهي۔۔۔
    ۽ هن جي اضافي خوبي ۾ بلٽ ان پي ڊي ايف ويوئر شامل ڪيو ويو آهي جنهن جي ڪري توهان بغير پي ڊي ايف ريڊر جي فائيلز کي گوگل ڪروم ۾ رهي ڪري برائوز ڪري سگهو ٿا۔۔۔

    تفصل لاءِ هي وڊيو ڏسو۔۔

    http://www.youtube.com/watch?v=j1cA9oMKljM

    هوئن ته آفيشل سائيٽ تي هر آپريٽنگ سسٽمس لاءِ هي نئون ورجن مفت ۾ انسٽالر جي صورت ۾ موجود آهي پر هتي توهان جي سهولت لاءِ بجاءِ انسٽالر جي مڪمل ورجن ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ لنڪ حاضر آهي۔۔۔ هتي ڪلڪ ڪري هاڻي ئي ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: گوگل ڪروم اسٽيبل 8 ۔۔۔ پي ڊي ايف ريڊر سان گڏ آف لائين انسٽالر

    لک لائق پيارا سائين اوهان جي جو نوان نوان سافٽ اول اول اسان لاءِ اوهان سنڌ سلامت جي اڱڻ تي کڻي ٿا اچو ۔
    ڊائونلوڊنگ تي لڳائي ڇڏيو آهي۔
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: گوگل ڪروم اسٽيبل 8 ۔۔۔ پي ڊي ايف ريڊر سان گڏ آف لائين انسٽالر

    تمام بهترين ونڊ‌ آهي سائين۔۔۔۔ اسان ته فائرفاڪس سان دل لڳائي ويٺا‌ آهيون پر توهان جڏهن اهڙا ونڊ ڪندا آهيو ته تجربو ضرور ڪندا آهيون۔۔ لک لائق۔۔​
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: گوگل ڪروم اسٽيبل 8 ۔۔۔ پي ڊي ايف ريڊر سان گڏ آف لائين انسٽالر

    سائين رشيد مهرباني

    اوهان جي ونڊ سبب مون بيٽا ورجن 7 انسٽال ڪيو جنهن ڪافي مسئلا ڪيا۔ مونکي گوگل ڪروم سولو ۽ آسان لڳندو آهي جنهن ڪري اڪثر استعمال ڪندو آهيان۔

    اوهان جا قرب جو هاڻي منهنجو مسئلو حل ٿي ويندو۔ بهترين وند تي اوهان کيرون لهنيون
     
  5. نواب خان ڪيريو

    نواب خان ڪيريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    378
    ڌنڌو:
    BSC PASS
    ماڳ:
    SAKRAND
    جواب: گوگل ڪروم اسٽيبل 8 ۔۔۔ پي ڊي ايف ريڊر سان گڏ آف لائين انسٽالر

    [​IMG]
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: گوگل ڪروم اسٽيبل 8 ۔۔۔ پي ڊي ايف ريڊر سان گڏ آف لائين انسٽالر

    تمام بهترين برائوزر آهي هون ته مان به گهڻو ڪري موزيلا کي ئي استعام ڪندو آهيان پر وري به هن تي تجربو ڪري ضرور ڏسندس

    اهو ان ڪري جو ادا رشيد جي هر شي جيڪا ادو شيئر ڪندو آهي اها ڪم واري هوندي آهي

    سدائين گڏ
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: گوگل ڪروم اسٽيبل 8 ۔۔۔ پي ڊي ايف ريڊر سان گڏ آف لائين انسٽالر

    ادا رشيد انسٽالر ڊائونلوڊ ٿيڻ کانپوء انسٽاليشن ڪانه پئي ٿئي۔ ان کي ڏسجو۔ مون ڪوشش ڪئي آهي پر ناڪام ٿيو آهيان۔
     
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: گوگل ڪروم اسٽيبل 8 ۔۔۔ پي ڊي ايف ريڊر سان گڏ آف لائين انسٽالر

    پهريون ورجن ان انسٽال ڪيو اٿوَ۔۔۔۔ جي نه ته اهو ان انسٽال ڪري وٺو۔۔۔ ۽‌ ڪمپيوٽر ريسٽارٽ ڪري ٻيهر ڪوشش ڪريو۔۔
     
  9. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: گوگل ڪروم اسٽيبل 8 ۔۔۔ پي ڊي ايف ريڊر سان گڏ آف لائين انسٽالر

    ادا مان ته ان کي ڊائونلوڊ ڪري انسٽال به ڪري ڇڏيو آهي هت ته ڪو اهڙو مسئلو پيش نه آيو آهي باقي وري به توهان برائوزر کي انسٽال ڪري سسٽم کي ري اسٽارٽ ڪري ڏسو

    اميد ته توهان جو مسئلو حل ٿئي ويندو

    سدائين گڏ
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: گوگل ڪروم اسٽيبل 8 ۔۔۔ پي ڊي ايف ريڊر سان گڏ آف لائين انسٽالر

    مهرباني

    پهريون وارو ورجن ان انسٽال ڪري ٻيهر انسٽال ڪيم ته ٿي ويو

    مهرباني ادا رشيد
     
  11. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: گوگل ڪروم اسٽيبل 8 ۔۔۔ پي ڊي ايف ريڊر سان گڏ آف لائين انسٽالر

    ڳالهه صرف ايتري هجي ته کڻي بس ڪجي پر 16 ڊسمبر تي گوگل وارن Google Chrome 10 (Beta) پڻ لانچ ڪري ڇڏيو۔۔۔ هاڻي اها ڳالهه ڪنهن کي وڻي نه وڻي مون کي پسند نه آئي ته بس ڪجهه تبديليون ڪري ۽‌ هڪ ئي مهيني ۾ ٻيو ورجن ٺاهي لانچ ڪجي۔۔۔
    ڪجهه ماڻهن کي شڪايت هئي ته گوگل ڪروم جي ٽولس جا آپشن نه سمجهه ۾ ايندڙ ۽ مختصر آهن ان ڪري گوگل وارن ان تي ٿورو ڪم ڪيو ۽ ٽولس جي آپشن Under the Hood ۾ ونڊوز ورجن ۽ ڪجهه گوگل ڪلائوڊس سميت ڪجهه اضافي فيچرس لڳائي نئون ورجن مارڪيٽ ۾ آڻي ڇڏيو۔۔۔

    [​IMG]

    دوستن جي سهولت لاءِ حاضر آهي هن تازه ترين ورجن جو آف لائين انسٽالر۔۔۔ انسٽال ڪري چيڪ ڪري وٺو۔۔
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: گوگل ڪروم اسٽيبل 8 ۔۔۔ پي ڊي ايف ريڊر سان گڏ آف لائين انسٽالر

    ادا وند ته زبردست آهي ۽ گوگل وارن به ڪم کي کڻي ڏنو آهي.

    پر ادا رشيد اوهان پاڻ انسٽال ڪري ڏٺو آهي ؟؟؟

    ڇو ته مان گذريل دفعي جڏهن بيٽا ورجن استعمال ڪيو هو ته ڪجه مسئلا آيا هئا۔۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو