هڪڙي ئي سال 2010 منجهه گوگل وارن پنهني برائوزر گوگل ڪروم 0۔4 کان وٺي 0۔7 بيٽا ورجن تائين لانچ ڪري ورتو هو۔۔۔ جنهن کان پوءِ اميد ڪجي پئي ته گوگل پنهنجي برائوزر جو نئون ورجن گوگل ڪروم 0۔8 ايندڙ سال ئي آڻيندو۔۔۔ پر هڪ ته گوگل ڪروم 0۔7 بيٽا مارڪيٽ ۾ ٻوٽو ٻاري نه سگهيو جنهن جا ڪئي سبب هيا خاص طرو جاوا ايپليڪشنس کي درست طريقي سان نه سنڀالڻ (اهڙي شڪايت ادا سليمان پڻ روبرو ڪئي هئي) جڏهن ته ٻيو سبب مائڪرو سافٽ طرفان انٽرنيٽ ايڪسپلورر 0۔9 ورجن کي لانچ ڪرڻ آهي۔۔۔ اهي ئي سبب آهن جو گوگل ڪروم ٽيم نئون ورجن گوگل ڪروم اسٽيبل 0۔8 مارڪيٽ ۾ آندو آهي۔۔۔
جلد بازي ۾ آندل 0۔7 ورجن جي مقابلي ۾ هن برائوزر تي ڪهڙي تبديلي آندي وئي آهي ۔۔۔ اهو ڏسڻ لاءِ پهريان مون خود انسٽال ڪري چيڪ ڪرڻ چاهيو ۔۔۔ چيڪ ڪرڻ کان پوءِ لڳو ته هن برائوزر تي ڪافي محنت ڪئي وئي آهي۔۔۔ پراڻي ورجن جي مقابلي ۾ هن جا خاص فيچرس ڪجهه هي آهن۔۔۔
هاڻي پائداري ۽ ويب ڪٽ لي آئوٽ کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي۔۔۔
ورجن 0۔7 ۾ ايندڙ لڳ ڀڳ 800 بگس کي فڪس ڪيو ويو آهي۔۔۔
سيڪيورٽي کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي۔۔
برائوزنگ رفتار کي پڻ وڌايو ويو آهي۔۔۔
۽ هن جي اضافي خوبي ۾ بلٽ ان پي ڊي ايف ويوئر شامل ڪيو ويو آهي جنهن جي ڪري توهان بغير پي ڊي ايف ريڊر جي فائيلز کي گوگل ڪروم ۾ رهي ڪري برائوز ڪري سگهو ٿا۔۔۔
تفصل لاءِ هي وڊيو ڏسو۔۔
http://www.youtube.com/watch?v=j1cA9oMKljM
هوئن ته آفيشل سائيٽ تي هر آپريٽنگ سسٽمس لاءِ هي نئون ورجن مفت ۾ انسٽالر جي صورت ۾ موجود آهي پر هتي توهان جي سهولت لاءِ بجاءِ انسٽالر جي مڪمل ورجن ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ لنڪ حاضر آهي۔۔۔ هتي ڪلڪ ڪري هاڻي ئي ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔