نثارابڙو
نائب منتظم
ڇا ثقافتي ڏينهن جي ڪا هڪ تاريخ پڪي ڪجي ؟؟؟
پاڪستان ۾ رهندڙ ٻين قومن کي شايد اها گهٽ ڄاڻ هئي ته سنڌي ڪو ايترا باغيرت آهن ۽ پنهنجي ثقافت سان عقيدت جي حد تائين محبت ڪندڙ آهن، انهن قومن ان مغالطي ۾ هجڻ سبب ته سنڌي ماڻهون جيئن گهاڻي جي ڏاند جيئان پاڪستان جي چڪيءَ ۾ ڦيريون پائي رهيا آهن ۽ پنهنجا سڀ مالي وسيلا ڦرائي ويٺا آهن ته هو پنهنجي ثقافت تي آيل حرف کي پڻ خاموشيءَ سان برداشت ڪري ويندا ... انڪري پاڪستان جي ميڊيا جي ڪجهه ماڻهن کي اها جرئت ٿي ۽ هو محترم آصف زرداريءَ جي ٽوپي پائڻ واري عمل تي تنقيد ڪري ککر ۾ کڙو هڻي ويٺا ۽ سندن اهو کڙو کين ايترو ته ڏکيو پيو جو اڄ هو سنڌ جي ثقافت آڏو جهڪڻ تي مجبور ٿي پيا آهن ...
بيشڪ سنڌين گذريل سال هن سال به ثقافت تي آيل حرف تي پنهنجو پاڻ ملهايو آهي، ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين، ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ ڏينهن، سنڌي ايڪتا ڏينهن ملهائي دنيا وارن کي ڏيکاري ڇڏيو ته هو سنڌ جي پٽڪي ۽ ٽوپيِءَ کي پنهنجي عزت سمجهنٿا ۽ انجي بچاءَ ۾ هو ڪجهه به ڪري سگهنٿا ...
گذريل سال سنڌي ٽوپيءَ تي ڪيل حملو تازو هيو ۽ قوم ان حملي جي بچاءَ ۾ پاڻکي ٽوپي اجرڪ سان سنواري ان حملي جو ڀرپور جواب ڏنو هو، ڳالهه آئي وئي اسين خوش ٿياسون ته قوم پنهنجي غيرت جو مظاهرو ڪيو آهي ... هن سال وري سنڌ سڄڻن ان ڏڻ کي متڪبر سمجهندي سنڌي قوم جي ڀلي ۾ سمجهندي، سنڌي قوم جي ٻڌي ۽ ايڪي جي مفاد ۾ سمجهندي وري ان ڏينهن کي ورجائڻ جو سوچيو، سوال اٿيو ته 6 ڊسمبر ممڪن محرم مهيني جي شروعات ٿئي ۽ هي مهينو سنڌ ۾ غم جو مهينو هوندو آهي ۽ ثقافتي ڏينهن خوشيءَ جو ڏينهن انڪري ان ڏينهن کي ٿورڙي ڦير گهير ڪري ملهائڻ جو سوچيو ويو ... پر هت اچي اسين پنهنجي روايتي ناچاڪائيءَ ۽ غير اتفاقائيءَ جو مظاهرو ڪندي ٻن تاريخن ۾ ورهائجي وياسون، هڪڙن ثقافتي عيد کي 4 تي ته ٻين وري ايڪتا جي نالي ۾ 5 کي صحي سمجهي ملهائڻ جو اعلان ڪيو ...
سنڌي قوم جي عوام هن ڏينهن کي پنهنجو ڏينهن ٿي سمجهيو تن انهن ٻنهي اعلانين ڏينهن کي قبول ڪندي اهو چيو ته سنڌ لاءِ سمورو مهينو ملهائيندا ته به ملهائبو ... ۽ الحمد الله سنڌي قوم انهن ٻنهي ڏينهن کي ڀرپور طرح سان ملهائي ثابت به ڪيو ته سنڌ سان اهڙي جند اڙي جو ٻيا سڀ ناتا وسري ويا ... پر هت اچي اهو سوال اڀري ٿو ته ڇا اسين هاڻ اڳتي هن ثقافتي ڏينهن کي ملهائيندا سون يا نه ... جي ملهائينداسون ته ڪهڙي تاريخ تي ملهائينداسون يا وري هن سال جيئان به 4، 5 ۽ 6 جي چڪر ۾ ۽ پنهنجن ڏاهن جي انا جي ڀيٽ چڙهي اڃان به ڪنهن ٻي ڏينهن تي ملهائينداسون ...؟ مٿان وري ايندڙ سال اهي سڀ ڏينهن محرم جي ڏينهن ۾ هوندا ته پوءِ وري اسان اهو ڏينهن ڪڏهن ۽ ڪيئن ملهائينداسون ...؟
سنڌ سلامت جي هن اوطاق معرفت آءُ سنڌ جي ڏاهن کي هڪ صلاح ڏيندس ته اهو ڏينهن سنڌي تاريخن يا چنڊ جي تاريخن سان ملهايو وڃي ؛ مثال گذريل سال اهو 6 ڊسمبر ڪهڙي سنڌي تاريخ تي آيو هو؟ اهو ڏينهن گذريل سال شايد 18 يا 19 ذوالحج تي آيو هوندو ... ان تاريخ کي پنهنجو ڪجي ۽ چنڊ جي تاريخ سان ملهائجي ته محرم جي تاريخن کان به هميشه لاءِ نڪري وڃبو ۽ قوم کي ڪا هڪ تاريخ به ملي ويندي ...
سنڌ سلامت جو ڪم ۽ نعرو آهي سنڌ ۽ سنڌيت انڪري سنڌ سلامت جي هر هڪ رڪن جو اهو فرض آهي ته هو ان طرف پنهنجي سوچ جا گهوڙا ڊوڙائي ۽ سنڌ جي ڏاهن کي ان ڳالهه تي آماده ڪري ته سنڌ جو ثقافتي ڏينهن هڪ مقرر ڏينهن تي ملهايو وڃي ۽ اهو ڏينهن هاڻ ئي طع ڪيو وڃي ....
هي ڏينهن ضرور ملهائڻ گهرجي، هن ڏينهن سان سنڌ جي ثقافت اجاگر ٿئي ٿي ۽ خوشين جو ماحول پئدا ٿئي ٿو، سنڌ جي ثقافت سان لاڳاپيل ڪاروبار ترقي ڪنٿا ۽ قوم ۾ ايڪتا جو تصور روشن ٿئي ٿو، انڪري هن ڏينهن کي هميشه ملهائڻ خاطر هڪ مقرر تاريخ لاءِ سوچڻ به ضروري آهي ته جيئن مستقبل ۾ به واٽون ويهه نه ٿين ۽ ٻڌيءَ ۽ ايڪتا جو احساس وڌيڪ اڀري سامهون اچي ... اميد ته هن ڳالهه ته دوست ٽيڪا ٽپڻي ڪندا ۽ جي منهنجي هن اڻ تڻ کي صحي سمجهن ٿا ته انجي تشريح ٿئي ۽ قوم جي ٻين ادارن تائين ان ڳالهه کي پهچايو وڃي ...
اچو ڙي سورن واريون ڪريون سور پچار ....
ٿورائتو
نثار ابڙو