السلام عليڪم دوستو! آءُ ڪجهه ضروري ڪمن لاءِ ڳوٺ وڃان پيو۔ ان ڪري ساري سنگت کان موڪلاڻي۔ دعاء جو طلبگار طاهر سنڌي
جواب: سنگت کان موڪلاڻي ادا الله اوهان کي پنهنجي امان ۾ رکي۔ بلڪل ڳوٺ وڃو ، پنهنجا ڳوٺ آهن پاڻ کي ئي انهن کي ڏسڻو آهي۔ باقي هاڻي مان ادا عرس پريي کي عرض ڪندس ته ڀلي استاد بخاري جي شاعري ونڊ ڪري۔
جواب: سنگت کان موڪلاڻي ادا هائو هاڻ اصل دل کولي بخاري کي پڙهبو۔۔۔۔۔۔۔ اسان جو دوست دل جو مريِض آهي کيس ڪجهه ٿي ويو ته به اسان لاء مسئلو۔۔۔۔ ادا طاهر ڀلي ڳوٺان ٿي اچ الله ڪندو اهي ڳوٺ ، ويڙها وستيون وري جلد آباد ٿينديون بخاري چوي ٿو ته سور ۾ تولي نه ساريان ڇا ڪريان باهه تي پاڻي نه هاريان ڇا ڪريان اوچتو محفل ۾ اوندهه ٿي وئي دوستو دل کي نه ٻاريان ڇا ڪريان۔۔۔۔۔۔ ادا تهنجو ء منهنجو سور هڪ جهڙو آهي اسان ٻنهي جا ڳوٺ ٻڏل آهن الله توهان ء اسانکي صبر ڏئي آمين