سنڌ جا تاريخي ورثا محفوظ ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن سان معاهدو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏7 ڊسمبر 2010۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    [justify]سنڌ حڪومت گڏيل قومن جي اداري يونيسڪو سان قديمي آثار جيڪي سنڌ جي ثقافت جا اهڃاڻ آهن انهن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو معاهدو ڪيو آهي. سنڌ جي سدا حيات شاعر شاهه لطيف ڀٽائي جي نالي سان منسوب ٿيل يونيورسٽيءَ ۾ سنڌ حڪومت ۽ يونيسڪو ۾ هڪ سيمينار دوران ٺاهه ٿيو آهي جنهن تي سنڌ ثقافت کاتي جي ڪنسلننٽ شمس جعفراڻي ۽ يونيسڪو جي ڊائريڪٽر وارين ايل ميلر صحيحون ڪيون آهن. ان موقعي تي سنڌ جو وڏوو وزير سيد قائم علي شاهه پڻ موجود هو. جنهن خطاب ڪندي چيو ته ٽوپي ۽ اجرڪ سنڌي ثقافت جي سڃاڻپ آهي ٺاهه سان عظيم ثقافت ۽ 5 هزار سال پراڻن آثارن کي بچائڻ توڙي سنڌي ثقافت کي عالمي سطح تي نروار ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته 5 هزار ورهيه پراڻو شهر موهن جو دڙو اسان جي مهذب تهذيب ۽ تمدن جي نشاندهي ڪري ٿو. ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پيلجو به سيمينار ۾ خاطري ڪرائي ته تاريخي ماڳن جي تحفظ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. يونيسڪو سان ٺاهه مان ثابت ٿئي ٿو ته حڪومت پنهنجا تاريخي ثقافتي ماڳ محفوظ ڪرڻ ۾ سنجيده آهي.
    اها به حقيقت آهي ته 5 هزار سال پراڻا موهن جي دڙي جا آثار اڄ جنهن به حالت ۾ موجود آهن انهن ۾ يونيسڪو ۽ ٻين عالمي ادارن جو اهم ڪردار آهي، ڇاڪاڻ ته موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪري ان جي اهميت بابت سڄي دنيا کي ڄاڻ ڏيڻ ۾ يونيسڪو جو اهم ڪردار آهي. ان سان گڏ جرمنيءَ جي ماهرن جي پڻ ڪوشش شامل آهي جيڪي وقت به وقت موهن جي دڙي جي سارسنڀال لهندا ۽ ان کي محفوظ ڪرڻ لاءِ پنهنجيون تجويزون ڏيڻ سان گڏ مالي مدد ڪندا رهيا آهن. اها به حقيقت آهي ته ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ به موهن جي دڙي تي اهم ترقياتي ڪم ٿيا ۽ آثارن کي محفوظ ڪرڻ واري ڪم سان گڏ تاريخي ماڳ کي عالمي سطح جو تفريحي ماڳ بڻائڻ جي سلسلي ۾ به ڪافي ڪم ٿيو جنهن بعد دنيا جي قديم آثارن وارن ماهرن جو موهن جي دڙي ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڇڪجي ويو پر ملڪ ۾ تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ حالتن خاص طور مارشل لا وارن ايامن ۾ هن تاريخي ماڳ کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو جنهن سبب ان کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ته وڌيڪ اڳڀرائي نه ٿي پر جيڪو ڪم ڪيو ويو هو اهو به بي ڌيانيءَ سبب تباهه ٿي ويو. هينئر جمهوري حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر قديم سنڌ ماٿريءَ جي تهذيبي اهڃاڻ موهن جي دڙي ڏانهن ڌيان ڏئي سڄاڻ ڌرين کي آٿت ڏنو آهي ته سنڌ جا قديم ماڳ وڌيڪ برباديءَ جو شڪار نه ٿيندا. اسان جي خيال ۾ هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٺاهه جي روشنيءَ ۾ عملي قدم کنيا وڃن.
    موهن جي دڙي تي ئي عالمي سطح جا سيمينار ڪرايا وڃن جن ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي ماهرن کي گهرايو وڃي ۽ موهن جي دڙي کي محفوظ ڪرڻ بابت تجويزون حاصل ڪري ان تي عملي ڪم شروع ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته قديمي آثار وڏي عرصي کان عام ماڻهن جي لتاڙ ۽ بي ڌيانيءَ سبب ڀڄي ڀري رهيا آهن جن کي وڌيڪ زبون حاليءَ کان بچائڻ لاءِ ترت عملي قدم کڻڻ جي گهرج آهي. ڇاڪاڻ ته موهن جو دڙو عظيم سنڌي ثقافت هجڻ جو چٽو ثبوت آهي. اڄ جيڪا ثقافت موجود آهي ان جون پاڙون موهن جي دڙي ۾ کتل آهن. ان ڪري موهن جو دڙو ڪنهن ڌر يا حڪومت جو نه پر سنڌ جي هر رهواسيءَ کي موهن جي دڙي سان محبت آهي. ان ڪري سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي جي کنيل قدم واکاڻ جوڳو آهي پر ان جو احساس تڏهن ٿيندو جڏهن هر ماڻهو اکين سان عملي اڳڀرائي ڏسندو.
    [/justify]

    عوامي آواز
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو