ڍونڍو گي اگر ملڪون ملڪون، ملني ڪي نهين ناياب هين هم

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏7 ڊسمبر 2010۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    [justify] شڪر ٿيو جو اينجو پلاسٽيءَ جي علاج اسان جي ليجينڊ ڳائڻي عابده پروين جي سون جهڙي زندگي بچائي ڏني آهي. لاهور ۾ هڪ تقريب ۾ پيل دل جي دوري ۾ عابده پروين ذري گهٽ اسان کان موڪلائي چڪي هئي. سندس راڳ ۽ فن سندس ئي هڪ ڪلام ”ڍونڍو گي اگر ملڪون ملڪون، ملني ڪي نهين ناياب هين هم“ جيان واقعي به ناپيد آهي ۽ ناپيد رهندو. سنڌي موسيقيءَ کي جيئن وري استاد منظور علي خان، گلزار علي خان، محمد جمن، محمد ابراهيم، مائي ڀاڳي، علڻ فقير، زرينه بلوچ، محمد يوسف ۽ سليمان شاهه نه ملي سگهيا آهن تيئن عابده پروين به وري پيدا نٿي ٿي سگهي. عابده پروين سنڌي سنگيت ۽ خاص ڪري صوفي راڳ جي ملڪي ۽ عالمي سطح تي نمائندگي ڪندڙ اڪيلي وڏي ڳائڻي وڃي بچي آهي. ان لحاظ کان هوءَ اڄ سڀ کان وڏي ثقافتي سفير پڻ آهي. تنهن ڪري سندس ڪلام چواڻي ته ”اي اهل زمانه قدر کرو، ملني کي نهين ناياب هين هم.....” عابده پروين ننڍي کنڊ جي عظيم صوفي شاعرن کي هن انتهاپسندي ۽ بنياد پرستي واري دور ۾ ڳائي صوفياڻو ماحول پيدا ڪرڻ جي جيڪا بي لوث خدمت ڪري رهي آهي تنهن جي اهميت جو اسان کي صحيح معنيٰ ۾ لڳي ٿو اڳتي هلي احساس ٿيندو. اسان کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته سنڌي فنڪارن ۽ ڏات ڌڻين لاءِ اسان ڪڏهن زندهه قوم بڻجنداسين. اسان کي پاڻ مٿان لڳل مرده پرستي وارو ليبل گهٽ ۾ گهٽ عابده پروين جي حوالي سان ته فوري طور تي لاهڻ گهرجي ۽ سندس جيئري ئي سندس لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ گهرجي جيڪي اسان عام طور تي فنڪارن جي مرڻ پڄاڻان ڪندا آهيون. مهدي حسن، نورجهان ۽ فريده خانم وغيره کي ڏسو ته ڪيئن نه کين جيئري ئي ٽربيوٽ ڏنا ويا آهن پر اسان عابده پروين کي اڃا اهڙو شاندار ۽ يادگار خراج نه ڏئي سگهيا آهيون. اسان جي سنڌ ثقافت کاتي کي تجويز آهي ته عابده پروين جي صحتيابي کانپوءِ پهرين فرصت ۾ عابده پروين کي مانائتو ٽربيوٽ ڏيڻ جو ڪو پروگرامترتيب ڏنو وڃي. بهرحال اها ته اڳتي جي ڳالهه آهي. هن عابده پروين بيمار آهي ۽ لاهور جي هڪ اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. هن وقت کيس دعائن، نيڪ تمنائن ۽ مدد جي ضرورت آهي. پر نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته پنجاب حڪومت وقت سر جيڪا عابده پروين جي سار لڌي آ تهڙي وقتائتي وک اسان جي سنڌ حڪومت ۽ سنڌي ميڊيا عابده پروين لاءِ بلڪل به نه کڻي سگهي آهي. [/justify]
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڍونڍو گي اگر ملڪون ملڪون، ملني ڪي نهين ناياب هين هم

    ادا عرس ۔۔۔ هي قوم مرده پرست آهي۔۔
    آهستي ڳالهايو۔۔۔ هي قوم ستي پئي آهي۔۔۔۔

    [​IMG]

     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ڍونڍو گي اگر ملڪون ملڪون، ملني ڪي نهين ناياب هين هم

    سائين لاجواب ڪري ڇڏيو توهان
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڍونڍو گي اگر ملڪون ملڪون، ملني ڪي نهين ناياب هين هم

    ادا عرس مهرباني

    سائنڻ عابده پروين نه صرف پاڪستان پر دنيا جي سڀ کان وڏن ڳائڻن ۾ شمار ٿئي ٿي۔ رب پاڪ کيس نئين زندگي ڏني آهي۔ باقي هت هن قوم وٽ شخصيتن جو ڪو قدر ڪونهي يار۔۔۔۔۔۔۔۔

    دعا آهي الله پاڪ کين سٺي صحت ڏي ۔۔۔۔ آمين۔۔۔۔ثم آمين
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڍونڍو گي اگر ملڪون ملڪون، ملني ڪي نهين ناياب هين هم

    ادا عرس مهرباني اوهان جي ........ اهڙي ونڊ لاء
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو