مون کي ناهي خبر ته اڳتي هلي سائيڪل جو وجود برقرار رهندو يا نه ۔۔۔ پر اڄ ڪلهه جي چورن کان سائيڪل کي بچائن لاءِ عنقريب پاڪستاني مارڪيٽ ۾ لاڪس ڪجهه هن طرح جا ايندا۔۔۔۔ http://www.youtube.com/watch?v=pTPFrww6zdA
جواب: سائيڪل جو لاڪ سو به اهڙو۔۔۔! ادا رشيد پاڪستاني چور اصل پورو ٿنڀو ئي ڪٽي ڪري کڻي ويندا گهٻراء نه ۽ نه ئي هڙو تالو وٺڻ جي ڪوشش ڪجانء ۽ دادو ۾ ته اهڙي سائيڪل ڪاهي وڄڻ جو اصل نه سوچجانء
جواب: سائيڪل جو لاڪ سو به اهڙو۔۔۔! ادا علي علي جي ڳاله سورنهن آنا سچ آهي۔ اسان وارا پاڪستاني چور وڌا هوشيار آهن۔ نه هوندو ٿنڀو ، نه هوندي سائيڪل نه وري رهندو اهو تالو۔ هتي ته هڻ کڻ چور ويٺا آهن۔ اصل الله پناه ۾ رکي۔
جواب: سائيڪل جو لاڪ سو به اهڙو۔۔۔! همراه سائيلڪل کي پول تي چاڙهي خوش ٿئي کلندو پيو وڃي پر ان کي خبر ناهي پاڪستان جي چورن جي ها ها ها جڏهن پول ئي نه ڏسندو ته دماغ ئي چڪر کائيندس ، جهونا فقير صلاح ته ادا رشيد کي واه جي ڏني اٿئي ته اهڙي سائيڪل نه وٺي ، باقي رشيد هڪ دفعي مون سان ذڪر ڪيو هيو ته اهڙي سائيڪل وٺندس سو ٻيلي رشيد ڏاهو ٿيجا۽ اهڙي سائيڪل نه وٺجا۽ نه ته ان سائيڪل جي چڪر ۾ اهو پول ئي ڪٽرائيندي ها ها ها ها سدائين گڏ