• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪربلا جي شهيدن جي مصيبت کي ياد ڪجي يا نئي سال جي مبارڪباد ڏجي؟

علي ظفر

نائب منتظم
انتظامي رڪن
السلام عليڪم

مون کي تعجب آهي ان مسلمان تي جيڪو خود کي مسلمان سڏائي ٿو ۽ خاندان رسالت تي آيل مصائبن تي ڏک جو اظهار ڪرڻ بجاء هڪ ٻئي کي مبارڪباد ڏئي ٿو ۔ ڇا اسان وٽ اجر رسالت ادا ڪرڻ جي لاء اها نوبت اچي پهتي آهي جو اسان هڪ غير اسلامي رواج ۽ يهودين جي سيرت تي هلندي هڪ ٻئي کي مبارڪباد ڏيون ۽‌اهلبيت رسول جي مصيبت کي ڀلائي چڏيون ۔ اڄ جي ڏينهن ۾ نواسه رسول دشمنن جي گهيري ۾ آهي پاڪ بيبيون پريشان آهين ننڍا ٻار پياس کان الاتش جون صدائيون بلند ڪري رهيا آهين ۽ اسان مسلمان هڪ ٻئي کي مبارڪباد ڏئي رهيا آهيون نو سال جي افسوس صد افسوس


ڇا سڄي سال مان اسان اهي ڏه ڏينهن هڪ ٻئي کي مبارڪباد ڏيڻ کان صبر نٿا ڪري سگهون؟
 
جواب: ڪربلا جي شهيدن جي مصيبت کي ياد ڪجي يا نئي سال جي مبارڪباد ڏجي؟

سائين مونکي به انهن مسلمانن تي تعجب آهي،
پهرين محرم کان مبارڪ جا ميسج منهنجي موبائيل تي اچڻ شروع ٿي ويا،
منهنجي خيال ۾ ته ڪجھ هتي به دوستن مبارڪون هڪ ٻئي کي ڏنيون آهن۔۔۔افسوس افسوس
 
Back
Top