اسان جا ڪافي دوست نين ٽيڪنالاجيز رکڻ جا شوقين هوندا آهن۔۔۔ انهن دوستن کي ٻڌائيندو هلجي ته هاڻي ليپٽاپ جو دور ختم ٿيڻ وارو آهي ۔۔۔ ۽ رولٽاپ جو دور اچڻ وارو آهي ڇو ته هاڻي اهڙي قسم جا فليڪسيبل پي سي تيار ڪيا پيا وڃن جن کي هر وقت پاڻ سان گڏ رکڻ به آسان هجي ۽ انهن ۾ جديد ٽيڪنالاجي پڻ استعمال ٿيل هجي۔۔۔ ٿورو هن وڊيو کي ڏسي پنهنجي خواهش کي دٻايو جو في الحال اهي اسان جي وس ۾ نه آهن۔۔۔