سنڌ جي قديم جاگرافيائي نقشي جي دريافت قاسم علي شاهه/ حيدرآباد ڪتاب ”غرايب الفنون و مُلح العيون“ هڪ نامعلوم عرب جاگرافي دان لکيو آهي. هيءُ ڪتاب ٻارهين صدي عيسويءَ جي آخر ڌاري يا تيرهين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري مصر ۾ مرتب ڪيو ويو هو. ڄاڻايل ڪتاب پراڻن ڪتابن جي هڪ واپاريءَ سئم فاگ کي هٿ لڳو. هن واپاريءَ 2002ع ۾، ان ڪتاب کي هڪ لک پائونڊن ۾ بوڊليئن ڪتبخاني، آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ کي وڪڻي ڇڏيو ۽ جامع آڪسفورڊ، ان ڪتاب کي پنهنجي پروجيڪٽ ۾ شامل ڪري، ان ۾ ضروري واڌارا ۽ اضافا ڪيا آهن. ان ڪتاب ۾ دنيا جا ٻه نقشا ۽ چند ٻيا جاگرافي جا نقشا ۽ تصويرون ڏنيون ويون آهن. ڄاڻايل ڪتاب جي اهميت ان ڪري آهي ته ان ۾ سنڌ جو قديم نقشو ڏنو ويو آهي. سنڌ جو اهو نقشو ٿٻيٽ (تبت) کان شروع ٿئي ٿو ۽ ”هندي سمنڊ“ تائين واقع قديم تاريخي ماڳن جي واقفيت ڏئي ٿو. هن ڪتاب جو ليکڪ هڪ نامعلوم عرب آهي، جيڪو لکي ٿو ته، ”مون هن سائنس جو بيان، عظيم ڏاهن ۽ اعليٰ ڄاڻ رکندڙ عالمن، جهڙوڪ: جعفر بن محمد البلخي، محمد بن ابراهيم فرازي، خالد بن عبدالمالڪ مرُورُودي، محمد بن موسيٰ الخوارزمي، سند بن علي، حبش الله بن عبدالله، الحسن بن مصباح، بني نوبخت ۽ ٻين جي حڪايتن مطابق ڪيو آهي.“ هن ڪتابَ ”ڪتاب غرايب الفنون و مُلح العيون“ جو ذڪر مون سنڌ جي تاريخ تي دسترس رکندڙ، نامور محقق ۽ اديب عبدالقيوم ”صائب“ سان ڪيو، تنهن صلاح ڏني ته مذڪوره ڪتاب ۾ ڏنل قديم سنڌ جي نقشي سان لاڳاپيل گهربل ڄاڻ، جيڪا مون وٽ هجي، سا لکي اچان! سنڌ جي قديم نقشي جي جملي وضاحتون ۽ تشريحون بوڊليئن لائبريريءَ طرفان جاري ڪيل آهن، تن کي سامهون رکي نوٽس لکيا اٿم. مقصد اهو هو ته سنڌ جي 800 سال قديم نقشي بابت، سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ سان اُنسُ رکندڙ فردن کي آگاهه ڪيو وڃي ۽ انکي وڌيڪ اڀياس هيٺ آندو وڃي. سنڌ جي جاگرافيائي حدن جا ڄاڻو ان راءِ سان سهمت آهن ته سنڌ جون حدون، قنوج (ڪنياڪُبجا) تائين ڦهليل هيون. تنهن زماني ۾ قنوج جو شهر ننڍي کنڊ لاءِ مکيه واپاري مرڪز هو. هتي ڪيتريون ئي مارڪيٽون هيون. انهن ڏينهن ۾، عربن جي آمد وقت قنوج جو راجا راءِ هرچندر هو. هيءُ شهر اتر ۽ اتر -اولهه هندوستان جي راڄڌاني هو . نائين صدي عيسويءَ ڌاري گُرجرَ -پَرتيهارَ گهراڻي جا فردَ هن شهر جا حڪمران هئا. انهن وٽ 370 بوُداد (؟) ۽ 2500 هاٿي هئا. قنوج کي محمود غزنوي 1018ع ۾ تاراج ڪري ڇڏيو. سنڌ کان قنوج ويندڙ شاهراهه تي هيٺ ڄاڻايل شهر آباد هئا: تطيز، داوربور (ديپالپور) ايروي، دوراز، باناشور (ٿانيسور) سوروه ، مهروه، بروَر ۽ قنوج کان چين ويندڙ رستو بابِ چين China gate)) کان ٿيندو چين جي شهر شِيان ۾ داخل ٿيندو هو. قنوج جي اتر طرف فريان ( الهه آباد) بنارس، نقذ (پٽنا) ۽ اڳيان ولهاس (لهاسا -تبت ) ۽ بابِ چين آباد هئا. ڪتاب جي خالق جاگرافيدان نشاندهي ڪئي آهي ته ”ساحل هند“ تي ديبل، سندان، نيرون آباد هئا. ان وقت منصوره عربن جو مکيه شهر ٿي ويو هو ، جنهن کي اڳ ۾ برهمڻ آباد چوندا هئا. ان شهر کي 771ع ۾ راڄڌانيءَ جو درجو ڏنو ويو. عباسي بادشاهت جي عرب گورنر عمر بن حفص بن ابي سوفره المُهَلبِي، عباسي خليفي المنصور جي نالي جي مناسبت سان، ان شهر جو نالو منصوره رکي ڇڏيو (مسعودي). هن ماهر جاگرافيدان ڄاڻايو آهي ته، سنڌوءَ کي 6 ٻيون نديون هيون. هي درياه جبال اڪبيت (هماليه- ٿٻيٽTibet ) مان وهي نڪري ٿو ۽ سندس منزل ”ساحل هند“ آهي. هن ملتان بابت لکيو آهي ته هي شهر سون جو کلندڙ دروازو آهي. هن شهر ۾ حجاج بن يوسف جو ڀاءُ محمد بن يوسف فاتح ٿي داخل ٿيو هو، تنهن هتان 400 بهار سون لٽيو ۽ هڪ بهار هڪ مڻ جي برابر هو. هن نقشي ۾ نوٽنگ ڪندي تحرير ڪيو آهي ته ملتان شهر کي هڪ لک ڳوٺ هئا. ملتان جي حدن اندر تطيز شهر جا رهواسي بت پرست هئا ۽ هن اهو به لکيو آهي ته هن شهر جو اصل نالو مولتان (مولسٿان) هو. هتان هندوستان جي پهرين حد شروع ٿئي ٿي. هي شهر مسلم سنڌ جو مکيه مرڪز ۽ سينٽرل سنڌ جو دارالخلافه هو. ملتان کان 124 ميل پري اتر -اوڀر ۾ داوربور (ديپالپور) شهر واقع هو، جتان هڪ ندي نڪري سنڌوءَ کي ڀريندي هئي. هتي جي راجائن کي بوُره جي لقب سان سڏيو ويندو هو. (مسعودي) اسان ان نامعلوم عرب عالم کي وساري نٿا سگهون، جنهن پهريون ڀيرو سنڌ جو ابتدائي جاگرافيائي نقشو ٺاهي دنيا کي عجب ۾ وجهي ڇڏيو، ڪتاب جو نالو به ائين ئي ظاهر ڪري ٿو، مثلاً ”اکين کي حيرت ۾ وجهندڙ ۽ عجيب مهارتن جو ڪتاب“ يعني ”ڪتاب غرايب الفنون و مُلح العيون“. هن ڪتابي نسخي تي هڪ صحيح الفقير مصطفيٰ المعروف بڪبري زاده جي ۽ ٻي صحيح ڪتاب جي مالڪ يحيٰ بن محمد الملاح جي ٿيل آهي. اهو ڪتاب بوڊليئن ڪتبخاني، آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ رکيل آهي، جنهن جو ڪئٽلاگ نمبر MS Arab c 90 آهي. هن کان اڳ ابن حوقل 943ع ۾ سنڌ جو جاگرافيائي نقشو پڻ پيش ڪيو هو . روزانه ڪاوش جي ٿورن سان