• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وائي

جبار بوزدار

سينيئر رڪن
جبار بوزدار
دل پنھنجي جا درد
ڪير ڀلا ڄاڻي ٿو سگھي
ڪيئن گذريو ٿا وڃن،
موسم گرم ۽ سرد
ڪير ڀلا ڄاڻي ٿو سگھي
تنھنجا ئي ويچار ڪي
ويڙھي ويا چئوگرد
ڪير ڀلا ڄاڻي ٿو سگھي
دنيا ساري بي خبر
ڀوڳي ٿو ھڪ فرد
ڪير ڀلا ڄاڻي ٿو سگھي
ڪير ڀلا ڄاڻي ڀو سگھي
 
واه ادا جبار جاني واه تمام بهترين معياري شاعري اها به پهنجي واه ادا واه اصل پڙهي ڪري اسان کي ڏاڍو لطف آيو ۽ اسان کي خوشي به ٿي ته اوهان جهڙو باذوق ماڻهو سنڌ سلامت فورم تي آيو ادا ڀلي ڪري آئين اسان کي اوهان جي نڪور لکڻڳن جو انتظار رهندو
 
ادا جبار بوزدار توهان جي غزل ڪير ڀلا ٿو ڄاڻي پڙهي ڪري دل ۾ گهري وئي آهي.
ادا سنڌ سلامت فورم تي ڀلي آئين، پري پرين پنهنجو باري ۾ تعارف واري سيڪشن ۾ ٿورو ڪجهه ٻڌايئدا ته توهان جا اسان مسڪينن تي لک احسان هوندا.
 
Back
Top