گوگل، ٽي وي، کي عالمي، نشرياتي، ادارن ، به رد ڪري، ڇڏيو،

'گوگل جا راز' فورم ۾ رياض حسين گلال طرفان آندل موضوعَ ‏9 ڊسمبر 2010۔

  1. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    روزاني ڪاوش جي ٿورن سا.
    انٽرنيٽ جي سڀ کان وڏي سروس ”گوگل“ پنهنجي صارفين کي هر طرح جي معلومات ڏيڻ سان گڏوگڏ تفريح جو به مڪمل بندوبست ڪيو آهي ۽ ان ڏس ۾ گوگل سرچ انجڻ تي يوزر کي هر قسم جي معلومات اک ڇنڀ ۾ ملي وڃي ٿي، گوگل ڪجهه عرصي کان ٽي وي نشريات پڻ شروع ڪئي آهي، جنهن تي دنيا جي وڏن وڏن ٽي وي چئنلن جي نشريات سڌي سنئين ڏيکاري وڃي ٿي، گوگل جي هن سروس کي هاڻي ڪجهه ڏکيايون پيش اچي رهيون آهن، ڇو ته ”گوگل“ جي ٽي وي نشريات کي وڏن چئنلن پنهنجي ٽرانسميشن ڏيکارڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، آمريڪي ٽي وي نيٽ ورڪ سي بي سي، اي بي سي ۽ اين بي سي کانپوءِ هاڻي فاڪس ٽي وي به ”گوگل“ ٽيليويزن تي پنهنجا پروگرام هلائڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي. فاڪس ٽي وي جي انتظاميا جو ان بابت اهو چوڻ آهي ته ٽي وي اشتهارن جي ڀيٽ ۾ آن لائن ايڊورٽائزنگ وڌيڪ نفعي واري ناهي. فاڪس ٽي وي جي انڪار تي ”گوگل“ کي پنهنجي مقصد ۾ وڏو ڌچڪو لڳو آهي. ”گوگل“ ٽي وي آڪٽوبر جي مهيني کان شروع ڪئي وئي هئي، جنهن کي هڪ ٽاپ باڪس ٽي وي تي لڳائي ڏسي سگهجي ٿو. ”گوگل“ جي پراڊڪٽ مئنيجر موجب اهڙا ڪيترائي چئنل آهن، جن ”گوگل“ ٽي وي تي پنهنجي پروگرامن جي نشريات نه روڪي آهي. هن چيو ته اهو چوڻ غلط آهي ته ”گوگل“ ٽي وي ڪيبل جي صنعت کي ختم ڪري ڇڏيندي.
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: گوگل، ٽي وي، کي عالمي، نشرياتي، ادارن ، به رد ڪري، ڇڏيو،

    ادا بهترين معلوماتي ونڊ۔۔۔۔شيئر ڪرڻ جي مهرباني پيارا۔
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: گوگل، ٽي وي، کي عالمي، نشرياتي، ادارن ، به رد ڪري، ڇڏيو،

    ادا عاشق پسند ڪرڻ جي مهرباني .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو