ادا سائين سموري سنگت کي سلام ۔عرض آهي ته ورلڊ ۾ هڪ اسلامي ڪئلينڊر جوڙيو اٿم ان کي پي ڊي ايف ۾ ڪئين آڻجي سولو ۽ آسان طريقو هجي ته ٻڌايو سنڌ سلامت جي دوستن سان ونڊيان۔ مهرباني۔ سڀ جو خير!
جواب: ايم ايس ورلڊ جي ڊيٽا پي ڊي ايف ۾ ڪيئن آڻجي؟ ادا توهان هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري پي ڊي ايف فيڪٽري پرو سافٽ ويئر ڊائون لوڊ ڪري ان جي ذريعي ورڊ جي ڪنهن به مٽيريل کي پي ڊي ايف ۾ ڪنورٽ ڪري سگهو ٿا، يا وري ٻي صورت ۾ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري ادا ابوزين جي موضوع جي اندر پي ڊي ايف جي مختلف سافٽ ويئرن جي بابت تجزيا پڙهي سگهو ٿا۔
جواب: ايم ايس ورلڊ جي ڊيٽا پي ڊي ايف ۾ ڪيئن آڻجي؟ سائين ابو زين جا سافٽ ويئر ڏٺا اٿم انهن مان ڪهڙو بهتر آهي اها به رهنمائي ڪندا ته نوازش ٿيندي
جواب: ايم ايس ورلڊ جي ڊيٽا پي ڊي ايف ۾ ڪيئن آڻجي؟ [justify] ادا ۔۔۔ پي ڊي ايف فيڪٽري بهترين سافٽ ويئر آهي۔۔۔ مان پاڻاهو استعمال ڪندو رهيو آهيان۔۔۔ مٿي ان جو لنڪ ڏنو اٿم ۔۔ ڊائون لوڊ ڪري وٺو۔۔ ان کي توهان انسٽال ڪري پرنٽر وانگر يوز ڪري سگهو ٿا۔۔ مطلب ته پرنٽر مينيو ۾ پرنٽر جي جڳهه تي پي ڊي ايف فيڪٽري جو آپشن اچي ويندو، جنهن سان فائل پي ڊي ايف ۾ڪنورٽ ٿي ويندي۔۔[/justify]