غزل شاعر جبار بوزدار

جبار بوزدار

سينيئر رڪن
جباربوزدار
منهنجي نيڻن ۾ صحرا ٿر جو آ
تنهنجي نيڻن ۾ ڄامشورو آ
ڍاپندا گل ماڪ مان ناهن
جيترو پيار ڏين تون ٿورو آ
انگ تنهنجا پيا پرين ڇلڪن
تنهنجو جوڀن مئ ڪٽورو آ
تنهنجي الهڙ وهي جوسنهن مونکي
چاه منهنجو نئون نڪورو آ
پيار خوشبو هوا جيان هلڪو
۽ وڇوڙو پرين هي ڳورو آ
تو سوا ائن جبار ويو اُجڙي
ڄڻ ت هو ٻار ڪو ئي ڇورو آ
 
ادا جبار اوهان جي شاعري تمام پياري آهي.... اميد ته اهڙيون من پسند لکڻيون لکي ڪري هن سنڌ سلامت جا محبوب بڻجي ويندا......................

تمام پياري شيئرنگ ادا............shal judy hujeen
 
ادا جبار بوزدار تمام بهترين شيئرنگ آهي.
تو سوا ائن جبار ويو اُجڙي
ڄڻ ت هو ٻار ڪو ئي ڇورو آ
 
Back
Top