يونيورسٽيء جي هڪ ئي ڪلاس ۾ پڙهندڙ چئن شاگردن جي ٻئي ڏينهن ٽيسٽ هئي پر هو سڄي رات تاش جا پتا کيڏندا رهيا. جنهن ڪري هنن ٻئي ڏينهن بهانو ڪري استاد کي چيو ته ڪالھ هو چار ئي ڄڻا گڏجي ٽيسٽ لاء اچي رهيا هئا ته رستي تي ڪار جو ٽائر پنڪچر ٿي پيو. جنهن ڪري هو وقت سر نه پهچي سگهيا ۽ ٽيسٽ ٻيهر وٺڻ جو عرض ڪيائون.
استاد سندن پريشاني ۽ مجبوري ڏسي کين ٻئي ڏينهن ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيو. شاگرد ڏاڍو خوش هئا ۽ خوب تياري ڪيائون.
ٽيسٽ واري ڏينهن استاد سڀني شاگردن کي الڳ الڳ ڪمرن ۾ ويهاريو ۽ هڪ ئي سوال پڇيو ته اوهان جي ڪار جو ڪهڙو ٽائر پنڪچر ٿيو هو. اڳيون يا پويون ، ساڄي پاسي وارو يا کاٻي پاسي وارو....... ان جي وضاحت لکو ............
بس پوء ته شاگردن جا پگهر پئي نڪتا ....ڪنهن ساڄو لکيو ته ڪنهن کاٻو .... ڪنهن اڳيون ته ڪنهن پويون ....

( سبق : ڪڏهن به استادن سان استادي نه ڪندا ڪريو )