• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مشهور سنڌي لوڪ فنڪار عرس چانڊيو جي گهر تي فائرنگ

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن


urs%20chandio.jpg


0.jpg


24376201.jpg

دوستو خبر موجب (وارهه ۽ وڳڻ) قمبر شهدادڪوٽ جي پوليس ڄامشورو جي ڀريا وليج (ڄامشورو ڦاٽڪ) ۾ مشهور لوڪ فنڪار عرس چانڊيو جي گهر تي چڙهائي ڪري فائرنگ ڪئي۔ جنهن جي نتيجي ۾ سندس ٻه ڀاڻيجا ۽ هڪ ڀاءُ مارجي ويو۔ عرس چانڊيو جو چوڻ‌آهي ته رات جي وقت تي سندس گهر ڀاتي سُتل هئا جنهن دوران پوليس ۽ ٻيا هٿياربند سندس گهر ۾ گهڙي آيا۔ گهر ڀاتين جي سجاڳ ٿيڻ ۽ منهن ماري ٿيڻ‌تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني ۽‌ جنهن جي نتيجي ۾‌عرس چانڊيو جو هڪ ڀاءُ ۽ ٻه ڀاڻيجا فوت ٿي ويا ۽ هڪ ٻيو ڀاءُ سخت زخمي ٿي پيو۔۔ حد جي پوليس جي ڊي پي او جو چوڻ آهي ته قمبر شهدادڪوٽ ٻئي ضلعي جي پوليس آهي ۽ ڪنهن به ڪاروائي ڪرڻ‌کان پهرين انهن کي اطلاع ڏيڻ‌ گهربو هئو پر انهن ايئن نه ڪيو ۽ اها ڪاروائي غير قانوني آهي، جنهن تي اسان قمبر شهدادڪوٽ‌ پوليس خلاف قانوني طور تي ڪاروائي ڪري سگهون ٿا۔ عرس چانڊيو جو چوڻ‌ آهي ته پراڻي سڱاوتي تڪرار جي ڪري اسان قمبر شهدادڪوٽ مان لڏي هتي اچي رهياسين پر ظالمن هتي به اسان جو پيڇو نه ڇڏيو ۽ بي گناهه اسان جي نوجوانن کي ماريو۔۔ پوليس هن واقعي ۾ ڌُر جو ڪردار ادا ڪيو آهي۔
 
جواب: مشهور سنڌي لوڪ فنڪار عرس چانڊيو جي گهر تي فائرنگ

ڀلا ائين ٿي سگهي ٿو ته ڄامشورو پوليس کي خبر نه هجي!!!
 
Back
Top