• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

الفت حسين (عليه السلام) جي۔۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
لازم آهه هر بشر تي، الفت حسين عه جي۔۔۔
ڄاڻي نه ڪوئي سگهندو، عظمت حسين عه جي۔۔۔

در تي لباس جنتي، آهي کڻي آيو،
جهولو حسين عه جو آ، جبريل جهلايو،
سمجهو آهن فرشتا، رعيت حسين عه جي۔۔

الله جي نبيءَ جو، محبوب آ حسين۔
دل جو سڪون آهي، ۽ آهي نورِ عين،
سنت رسول جي آ، چاهت حسين عه جي۔۔۔

ممنون دين رهندو، زهرا جي لال جو،
ناهي بشر ٻيو ڪوئي، هن جي مثال جو،
اهڙي آ ڪربلا ۾، محنت حسين عه جي۔۔۔

اڪبر عباس قاسم، اصغر ويو ڪُسي،
بي ڏوهه حسين تي آ، خنجر ويو هلي،
بي آسرو آ ٿي وئي، عترت حسين عه جي۔۔۔

سجدي ۾ سر رکيو ۽، وري پاڻ نه کنيو،
تاريخ ۾ نه اهڙو، سجدو اسد ٿيو،
آهي اهڙي عبادت، فطرت حسين عه جي۔۔۔
 
جواب: الفت حسين (عليه السلام) جي۔۔۔

سجدي ۾ سر رکيو ۽، وري پاڻ نه کنيو،
تاريخ ۾ نه اهڙو، سجدو اسد ٿيو،
آهي اهڙي عبادت، فطرت حسين عه جي۔۔۔

بلڪل ادا مست ۔۔۔ اهڙي سجدي جو مثآل ڪٿي ملند۔

قضيو ڪربلا جو نسورو ئي ناز
رند پروڙين راز قضيي ڪربلا جو
 
جواب: الفت حسين (عليه السلام) جي۔۔۔

بلڪل ادا مست ۔۔۔ اهڙي سجدي جو مثآل ڪٿي ملند۔

قضيو ڪربلا جو نسورو ئي ناز
رند پروڙين راز قضيي ڪربلا جو

بيشڪ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بقول سينگار علي سليم جي ۔۔۔
حق جي نماز ۾‌ڏنو، سر شاهه ڪربلا۔۔
سجدو پسي امام جو صلوات پئي روئي۔۔
 
جواب: الفت حسين (عليه السلام) جي۔۔۔


بيشڪ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بقول سينگار علي سليم جي ۔۔۔
حق جي نماز ۾‌ڏنو، سر شاهه ڪربلا۔۔
سجدو پسي امام جو صلوات پئي روئي۔۔
جي ادا مست بلڪل ڪربو بلا جي ڪِيسَ تي ڪائنات پئي روئي۔ اسان جي سنڌي شاعري ۾ امام مظلومين کي پُرسو ڏيڻ ۽ شهيدن جي مصائبن کي بيان ڪرڻ جو اظهار مرثيو ۽ نوحو جو به هڪڙي تمام وڏو ڪردار آهي الله سائين توهان جي اهل بيت سان محبت جي هن اظهار کي قبول فرمائي ۔ شل سدائين اسان سڀني مومن مسلمان ڀائرن جا نيڻ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ نير وهائيندا رهن۔ آمين
 
Back
Top