السلام عليڪم دوستو! دوستو مان فارغ ويٺو هئس سوچيم ته ڪجهه دوستن کي سنهري اقوال ٻڌائيون ان لا هي ڪجهه سنهري اقوال آهن اميد آهي ته توهان کي ضرور سٺا لڳندا۔ سنهري اقوال1۔ جيڪو شخص الله تبارڪ وتعالئ کان ڊڄي ٿو اهو ڪڏهن به بدلو نه وٺندو۔ 2۔ حسد ڪرڻ وارو موت کان اڳ ۾ ئي مري ويندو آهي۔ 3۔ ڪنهن تي به اعنماد نه ڪريو، جيسيتائين ان کي ڪاوڙ ۾ نه ڏسو۔ 4۔ موت کي ياد رکڻ نفس جي تمام بيمارين جي شفا آهي۔ 5۔ خوشي انسان کي ايترو نه سيکاريندي آهي جيترو غم سيکاريندو آهي۔ 6۔ سچائي هڪ اهڙي دوا آهي جنهن جي لذت ڪڙي، پر تاثير مٺو هوندو آهي۔ 7۔ اذان جي وقت خاموش رهندا ڪريو تانته موت جي وقت ڪلمون نصيب ٿئي۔ مون کي توهان جي را کان ضرور آگاه ڪجو۔
جواب: سنهري اقوال توهان کي ڪيئن لڳا بنهنجي را سان ضرور آگاه ڪندا۔ ادا تمام سٺا قول آهن.....اهڙي ونڊ وقت سر ڪندا رهندا ته اوهانجي مهرباني ٿيندي.ا
جواب: سنهري اقوال توهان کي ڪيئن لڳا بنهنجي را سان ضرور آگاه ڪندا۔ وعليڪم السلام ورحمةالله وبرڪاته ادا مطيع الله ميمڻ صاحب جڙيا هجو شال ۔ سائين توهانجا بلڪل سنهري اقوال لکيل آهن ۔ دوستو هڪ ننڍڙو عرض آهي جيڪو دوست السلام عليڪم لکي مهرباني ڪري وعليڪم السلام جو جواب لکندا ڪيو ۽ مان اهو به عرض ڪندس ته السلام عليڪم ورحمة الله وبرڪاته سڀ کان پهريان لکندا ۽ لکڻ وارو دعا ڏئي ۽ دعا وٺي ادا مطيع الله رب العالمين سائين توهان کي اڃا به وڌيڪ توفيق عطا فرمائي جو اسان ڏانهن اهڙا انمول هيرا سنڌ سلامت فورم تي موڪليدا رهو۔
جواب: سنهري اقوال توهان کي ڪيئن لڳا بنهنجي را سان ضرور آگاه ڪندا۔ ادا سائين توهان جي مهرباني سمجهائڻ جي آئنده اسان انهن ڳالهين تي عمل ڪنداسين ۽ انشاء الله تعالئ اهڙا موضوع موڪليندا رهنداسين۔۔۔۔۔۔۔
جواب: سنهري اقوال توهان کي ڪيئن لڳا بنهنجي را سان ضرور آگاه ڪندا۔ بهترين ونڊ آهي ادا پر “۔ ڪنهن تي به اعتماد نه ڪريو، جيسيتائين ان کي ڪاوڙ ۾ نه ڏسو”۔سان گڏ بريڪٽ ۾ لکيو ها ته ڪاوڙ ۾ هن جي قوت برداشت ڇا هوندي صبر ڪندو يا آپي کان ٻاهر نڪرندو“ مان سمجهان ٿو ته عبارت صاف سمجه ۾ اچي وڃي ها ۔ بهر حال تمام سٺي ونڊ لاء مهرباني