شهيد مخدوم بلال رح سنڌ جو نامور عالم ۽ درويش

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏10 ڊسمبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شهيد مخدوم بلال رح سنڌ جو نامور عالم ۽ درويش


    صوفي غلام مصطفيٰ ڪانڌڙو

    هر دور ۾ حق پرستن تي امتحان ۽ آزمائشون اينديون رهنديون آهن، حق ۽ باطل جي پرک ڪا ڏکي ڳالهه نه آهي، پر لالچ انسان کي اهڙو ته انڌو بنائي ڇڏي ٿي جو هن کي نه دين جي خبر رهي ٿي، نه ڌرم جي، نه چڱي جي نه بري جي، تميز رهي ٿي. تاريخون پڙهي ڏسبيون ته هر دور ۾ ڪيترن نيڪ دل درويشن تي واجب القتل جون فتوائون جاري ڪيون ۽ اهي حق جا راهي شريعت محمدي جو پاس رکندي جام شهادت نوش ڪندا ويا، منصور، شمس، تبريزي، شاهه عنايت شهيد ۽ مخدوم بلال رح اهڙين سازشن جو نشانو بڻيا، مخدوم بلال رح جي زندگي تي هڪ نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هن بزرگ جو خون ناحق وهايو ويو هو. مخدوم بلال ذات جو سمون هو سندس والد جو نالو مخدوم حسن هو، مخدوم بلال دادو ضلع جي هڪ ڳوٺ ٽلٽي ۾ 4 ربيع الاول 856هه مطابق 16 جون 1451ع تي پيدا ٿيو، مخدوم بلال جو ڏاڏو مخدوم محمد ادريس سمون لس ٻيلي جو حاڪم هو، مخدوم بلال بادشاهي ماحول ۾ نپجڻ جي باوجود سادو هو، دنياوي معاملن ڏانهن سندس توجهه گهٽ رهندي هئي، ديني تعليم ۽ عبادت جو شوق گهڻو هوندو هئس، شروعاتي تعليم سيد شهاب الدين شاهه جي مدرسي ۾ سيد نور حسين شاهه بخاري وٽ حاصل ڪيائين، جنهن ۾ ناظره قرآني ۽ فقهه جا ڪتاب پڙهڻ سان گڏ عربي، فارسي، علم جي تعليم حاصل ڪيائين. سندس ذهانت جي ڪري مخدوم بلال ڪافي ڪتاب بر زبان ياد ڪري ويو، ان ڪري سندس استاد ۽ سمورا طالب علم کيس عزت ۽ قدر جي گناهه سان ڏسندس هئا، پاڻ جڏهن وڏو ٿيو ته ڪورڪو ڪم اختيار ڪيائين، ان زماني ۾ انهيءَ ڪم جو وڏو قدر هو، خدا جو سڀ ڪجهه هوندي به هڏن جي پورهئي کي ترجيح ڏنائين ۽ پنهنجي ڪورڪي پورهئي مان گذران ڪندو هو، انهيءَ نيڪ ڪرت کي ڀلاري ڀٽ ڌڻي به ساراهيو آهي. ”هلو هلو ڪورئين نازڪ جن جو نينهن، ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا“. مخدوم صاحب جا وڏا اصل ٺٽي جا رهواسي هئا، پر پوءِ باغبان لڳ سيوهڻ ۾ اچي رهيا.

    ان وقت مخدوم دانيال نالي هڪ الله لوڪ درويش باغبان ۾ رهندو هو، مخدوم دانيال مخدوم صاحب جي صحبت ۾ گهڻو ايندو هو ۽ مخدوم جو معتقد بڻجي چڪو هو، هڪ ڏينهن مخدوم صاحب پنهنجي ڪم ۾ مشغول هو ۽ مخدوم دانيال نالي هڪ الله لوڪ درويش باغبان ۾ رهندو هو، مخدوم دانيال به سندس ڀرسان ويٺو هو ته سيد حيدر شاهه نالي هڪ سائل قافلي سميت اچي نڪتو، مخدوم صاحب آڏاڻي مان نڪري سندس استقبال ڪيو ۽ مخدوم دانيال کي مهمانن جي رهائش لاءِ الڳ جاءِ ٺاهڻ جو حڪم ڪيو ۽ مهمانن کي رهڻ لاءِ ۽ رهائشگاهه تي وٺي ويو، کاڌي جو به انتظام ڪيائون، مخدوم صاحب ٻه وڏيون ديڳيون تيار ڪرائي کڻائي آيو، هڪ ۾ طاهري ۽ ٻي ۾ ڪڻڪ جو ڏارو هو، چون ٿا ته جن طاهري کاڌي انهن جي قسمت ۾ به خدا پرستي ۽ دنياداري لکجي وئي ۽ جن ڏارو کاڌو تن کي ڪماليت ۽ بزرگي حاصل ٿي. ان وقت مخدوم دانيال شيخ ڀرڪڻ ۽ حيدر شاهه ڏارو کاڌو ۽ صاحب ڪرامت بڻجي ويا. اها خبر ٺٽي جي ميران محمد جونپوري کي پئي، سو ساڙ وچان اچي مخدوم صاحب جي خلاف ڳالهائڻ لڳو. ميران محمد پڪو ارادو ڪيو ته مخدوم بلال کي مارائي ڇڏجي، ٺٽي جا حڪمران ميران محمد جي اثر ۾ هئا، ان کان اڳ هڪ تاريخي تذڪرو هن ريت آهي ته ڄام فيروز جي زماني ۾ 914هه ۽ 927هه جڏهن مرزا شاهه بيگ ارغون 928، 927هه سنڌ تي ڪاهه دوران باغبان وٽان لنگهائو ٿيو ته مخدوم بلال رح ۽ سندس مريدن قومي غيرت وچان مٿس حملو ڪيو، پر شاهه بيگ سر بچائي ڀڄي ويو ۽ ٺٽي ۾ وڃي ڄام فيروز کان هڪ معاهدي تحت سيوهڻ جو علائقو هٿ ڪيو ۽ ٽلٽي ويجهو اچي سرندي وارن ماڻهن کي سڏائي پنهنجي بيعت وٺڻ شروع ڪيائين، ماڻهن بيعت ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڪن ماڻهن شاهه بيگ کي ٻڌايو ته مخدوم بلال ماڻهن کي منع ڪري رهيو آهي، شايد اهي سبب آهن، جن جي ڪري مخدوم صاحب تي مختلف الزام لڳايا ويا ۽ هڪ موچي کان جُتي تيار ڪرائي وئي، جنهن ۾ ڪلام پاڪ جا ورق اندر رکيا ويا ۽ اها جُتي مخدوم صاحب کي نذراني طور ڏني وئي، پر مخدوم صاحب اها جتي پيرن ۾ ڪڏهن به نه پاتي هئي، آخر ڪوڙا گواهه ڪري مخدوم صاحب تي الزام هنيو ويو ۽ عالمن کي ڪلام پاڪ جي بي حرمتي جي ڏوهه ۾ موت جي سزا جي فتويٰ صادر ڪرائي وئي ۽ کيس گهاڻي ۾ پيڙائڻ جو حڪم ڏنو ويو،

    مخدوم صاحب کي وقت جي قاضي صفائي ۾ ڪجهه چوڻ لاءِ چيو ته مخدوم صاحب چيو ته مان ڪجهه چوڻ نه ٿو چاهيان ۽ رضا الاهي تي راضي آهيان، ان بعد جسم کي لوهي گهاڻي ۾ پيرن کان وٺي پيڙهي ڪباب مثل ڪيو ويو، سندس مريدن ۽ معتقدن سندس خون ۽ گوشت کي هڪ مٽ ۾ وجهي موجوده جاءِ تي دفن ڪيو، اها شهادت تاريخ 1 محرم 929هه تي ٿي، شهيد مخدوم بلال امر بڻجي ويو ۽ دشمن نيست و نابود ٿي ويا، مخدوم جي اڄ به روحاني حڪمراني قائم ۽ دائم آهي ۽ ماهه پهريون جمعو احترام سان ملهايو ويندو آهي.

    هڪ روايت آهي، جڏهن مخدوم بلال رح کي شهيد ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي ۽ موچي کي اهڙي جوتي تيار ڪرڻ لاءِ چيو ويو، جنهن ۾ ورق رکيا ويا هئا، اهو ڪمبخت موچي جڏهن جتي کڻي مخدوم صاحب جن کي تحفي ۾ ڏيڻ لاءِ اچي رهيو ته مخدوم صاحب جن فرمايو ته اسان وٽ ڪلام پاڪ اچي پيو، پاڻ فرمايائون ته اٿي ان جو استقبال ڪيو، ماڻهن ڏٺو ته هڪ موچي اچي رهيو هو، ان جي هٿ ۾ جتي هئي، اها سائين جن کي پيش ڪئي، مخدوم صاحب جن ان موچي کي اوزار کڻي اچڻ جو چيو، موچي اوزار کڻي آيو، مخدوم صاحب جن انهن اوزارن کي غسل ڏيڻ لاءِ چيو، اوزار پاڻي سان پاڪ ڪيا ويا ۽ ان جتي کي کولرائي ورق ڪڍيا ويا ۽ ان چمڙي مان ٽوپي ٺهرائي وئي، جيڪا مخدوم صاحب جن مخدوم ساهڙ جيڪو سندس خليفن مان هو، ان کي ڏني. هن واقعي کان اڳ ڪجهه ملان مخدوم صاحب وٽ آيا ته جيڪو شخص ورق جتي ۾ رکي ۽ جتي پائي ته ان کي ڪهڙي سزا ڏجي. مخدوم صاحب جن فرمايو ته اهڙي گستاخ کي لوهي گهاڻي ۾ پيڙهائجي. ملن اسرار ڪيو ته اها فتويٰ پنهنجي هٿن مبارڪن سان لکي ڏيو. مخدوم صاحب جن لکي ڏني، هاڻي بوبڪن ۾ وقت جي قاضي وٽ مقدمو پيش ڪيو ويو، شاهدن ۾ اهو نالائق موچي به هو، جنهن جتي پيش ڪئي هئي، اهو شاهدي ڏئي ويو ته مخدوم بلال رح جن اها جتي پاتي هئي، انهي دوران ملن جي لکرايل اها فتويٰ جيڪا مخدوم صاحب جن لکي هئي پيش ڪئي وئي، مخدوم صاحب جن خدا جي رضا سمجهندي پنهنجي بچاءُ ۾ ڪجهه به نه چيو ۽ شهادت قبول ڪيائون ۽ کين قاضي قازن جي حڪم تي لوهي گهاڻي ۾ پيڙايو ويو. جڏهن کين پيڙهيو پئي ويو ته اول پاڻ رنائون پوءِ مسڪرايائون، حاضرين پڇيو ته ڇا ڳالهه آهي، ان تي پاڻ فرمايائون ته اول غيب جا پردا هئا، سوچيم هي جان جو نذرانو خداوند ڪريم جي درٻار ۾ پيش ڪيو اٿم قبول پيو يا نه، جڏهن پڪ پئي ته قبول ٿي ويو ته خوشي محسوس ٿي.

    مخدوم بلال رح جي وصيعت تي سندس گوشت ۽ رت هڪ مٽ ۾ وجهي مٽ کي ڏولي ۾ رکي بوبڪ کان سندن آخري آرامگاهه واري جاءِ ڏانهن نيو پئي ويو ته انهن ماڻهن جو تعداد 50 کن هو، جڏهن ڏولي کي ڪلهو ڏنو پئي ويو تڏهن جهنگ مان نامعلوم ماڻهن جو وڏو تعداد نڪرندو آيو ۽ انهن ڏولي کي ڪلها ڏنا ۽ باغبان تائين جنهن اول ڪلهو ڏنو هو ته وري ان جو ٻيهر وارو نه آيو، ماڻهو هئا يا آدم جي صورت ۾ ملائڪ هئا جو انهن کي تر جا ماڻهو سڃاڻي به نه پيا سگهن، آخر سندن مدفن جي جاءِ تي کين دفن ڪيو ويو.

    بشڪريه روزانه عوامي آواز
     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: شهيد مخدوم بلال رح سنڌ جو نامور عالم ۽ درويش

    سائين ماشاالله اسانجي سنڌ ته صوفين جي سر زمين آهي،
    تمام بهترين ونڊ هيو اٿو
    (اهڙا مضمون اسان کي ته گهڻون پسند آهن پر۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    خيال به ڪريو ته وري نه مخالف شروع ٿي وڃن)
    پر ڀلي ڪن خير ڏسي وٺنداسين
     
  3. مطيع الله ميمڻ

    مطيع الله ميمڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏15 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    35
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    HALA NEW
    جواب: شهيد مخدوم بلال رح سنڌ جو نامور عالم ۽ درويش

    ادا سليمان صاحب اها ڳالهه ته ظاهر آهي ته جنهن به الله تبارڪ وتعالئ جي محبت حاصل ڪئي آهي ته ان تي آزمائشون به آيون آهن الله تعالئ اسان کي به هنن سنڌ جي بزرگن جي واسطي اسان کي به دين جو ڪم ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي (آمين) ۽ توهان جي شيئرنگ اسان کي ڏاڍي وڻي اهڙي شيئرنگ لا مان به سوچيان پيو ته روز هڪ اهڙي بزرگ جي تاريخ تي روشني ڏني وڃي ته تمام هڪ دل کي سڪون ملندو توهان جي محنت تي توهان کي دلين سان مبارڪون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شهيد مخدوم بلال رح سنڌ جو نامور عالم ۽ درويش

    ادا مهرباني

    اوهان جا قرب ٿيندا جو اوهان اهڙي ڪوشش ڪيو۔ سنڌ جوڌن ۽ سپوتن سان ڀري پئي آهي۔ اوهان جي ونڊ جو اسان کي انتظار رهندو
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شهيد مخدوم بلال رح سنڌ جو نامور عالم ۽ درويش

    پيارا عرس مهربانيون

    ادا سنڌ جي سرزمين درويشن ۽ صوفين جي ڌرتي آهي۔ جن امن ۽ محبت جو درس ڏنو آهي۔ ڪنهن جي چوڻ سان ڪو فرق ڪونه پوندو آهي۔ سچائي سچائي آهي۔ بزرگن جي ڪيل عملي ڪم ۽ ڏاهپ کان ڪير انڪار ڪندو‌؟؟

    جي ڇورين ڏنا ڇال ته به لاهوتي لنگهي ويا
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: شهيد مخدوم بلال رح سنڌ جو نامور عالم ۽ درويش

    [justify]ادا بظاهر ته هِي تاريخي مضمون عوامي آواز جو آهي پر ڏٺو وڃي ته سنڌ جي شهيد مخدوم بلاول جو هي ڄاڻ ڀريو مضمون ساري دنيا جي سنڌين جو آهي، توکي جس هُجي تون انهي  سنڌي شهيد مخدوم بلاول جو مضمون کڻي آئين جنهن جي شخصيت جي باري ۾ سن واري سائين جي ايم سيد جو چوڻ هو ته مخدوم بلاول سمون سندس هيرو آهي، سندس مرشد آهي۔ دنيا جي تاريخ گواهي ڏيندي آهي ته الله وارن مٿان سدائين آزمائشون آيون آهن، پر اهي الله وارا سدائين پنهنجي آزمائشن مٿان پورا لٿا آهن۔ مزي جهڙي ڳالهه ته جن اهڙن الله وارن جي ڳچين جا ڳاٽ وڍيا بظاهر ته ڪامياب ٿيا، انهن مردودن جا نالا ڪير به پنهنجي اولاد مٿان محبتن طور نٿا رکن پر جن جا حق ڳالهه چوندي ڳچين جا ڳاٽ وڍيا اهي تاريخ ۾ امر ٿي ويا ماڻهو محبتن سان سندن نالا پنهنجي اولاد مٿان رکندا آهن۔ جن اهو ظلم ڪيو انهن کي تاريخ وساري ۽ ميساري ڇڏيو پر جن پنهنجون جانيون حق خاطر قربان ڪيون اهي هميشهه لا ماڻهن جي دلين ۾ نقش ٿي ويا، ماڻهن جي محبتن ۾ ڪنهن افسانوي ڪردار جيان سدائين زنده ۽ جاويدان رهيا۔ لک شاباسون اٿئي ادا محمد سليمان وساڻ اهڙا معلوماتي ۽ سنڌ جي تاريخي ڪردارن جي باري ۾ مضمون ڏيڻ تي۔ ۽ لکين ٿورا صوفي غلام مصطفى ڪانڌڙو صاحب جا به جنهن اهڙو تاريخي مضمون عوامي آواز جي پليٽ فارم تان ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊ ڪيو۔[/justify]
     
  7. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: شهيد مخدوم بلال رح سنڌ جو نامور عالم ۽ درويش

    سائين زبردست

    منهنجي لاء هن مضمون ۾ گهڻي نئين ڄاڻ هئي، اهڙا ڪالم توڻي جو اخبارن يا رسالن جا هجن پر دوستن کي عرض آهي ته سنڌ سلامت تي آنيو جو سنڌ سلامت هڪ سنڌي انسائيڪلو پيڊيا ٿي وڃي ۔ جتي اسان کي سنڌ جي هر شخصيت ، وستي ، واهڻ جو ذڪر ملي۔ مان ڪٿي هي شعر پڙهيو هو يا ڪنهن ڳايو آهي پر مونکي مخدوم بلال جي ايتري ڄاڻ نه هئي

    اي شوخ هوا ، اي شوخ هوا
    مخدوم بلال کي چئجان ٽلٽيء جا ڌڻي ڪا واهر ڪر
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شهيد مخدوم بلال رح سنڌ جو نامور عالم ۽ درويش

    سائين نثار ناز سلام

    بلڪل مخدوم بلاول اسان جو هيرو آهي۔ سنڌ سلامت تي اخباري مضمونن جو ذڪر ان ڪري ڪندا آهيون جو هڪ ته اهي تاريخي آهن ٻيو وري ڄاڻ سان ڀرپور آهن۔ اسان جا ڪجه دوست مون سميت انهن کي اخبار پڙهن جو شوق ڪجه گهٽ هوندو آهي تنهنڪري هتي انهن کي سٺي معلومات ملي ويندي آهي۔

    اوهان جا ٿورا
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شهيد مخدوم بلال رح سنڌ جو نامور عالم ۽ درويش

    مهرباني اوهان جي هن ڳاله تي اسان ۽ سنڌ سلامت خاص ڌيان ڏينداسون

    اسان سنڌ سلامت تي وڌيڪ بهتر ڪرڻ لاء جستجو ۾ آهيون جتي اسان سنڌ جي عظيم شخصيتن تي لکيل ليک گڏ ڪري ونڊ ڪري رهيا آهيون
     
  10. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: شهيد مخدوم بلال رح سنڌ جو نامور عالم ۽ درويش

    [justify]محترم سليمان وساڻ سان گڏ سڀ اهي دوست جيڪي سنڌ جي تاريخي شخصيتن جي ڄاڻ ۽ انهن تي لکيل ڪالم يا مقالا گڏ ڪري هت پيش ڪنٿا تن کي ٻنهي هٿن جو سلام ۔۔۔ قومي تاريخ لکڻ ۽ محفوظ ڪرڻ ۾ هونءَ به سنڌ ڪجهه ٻين قومن کان پوئتي آهي، انڪري اسانجي موجوده نسل کي پاڻ ملهائي اهڙا ليک لکڻ ۽ پڙهڻ گهرجن ۽ انهن ليکن کي لائبرريءَ جي زينت ۽ خاص ڪري اڄ جي هن اليڪٽرونڪ ميڊيا جي دور ۾ انٽرنيٽ تي محفوظ ڪرڻ پڻ قومي خدمت ٿيندي ۽ پنهنجي جاءِ تي تاريخي ڪم ۔۔۔

    مخدوم بلاول سڳورو پڻ يزيديت واري سوچ جو شڪار ٿيو ۽ پنهنجو سر ڏئي هميشه لاءِ امر ٿي ويو، جيتوڻيڪ يزيديت ۽ حسينيت ٻئي تا قيامت هلندا رهندا پر اهڙا سورهيه انسان وقتي طور ظالمن کي شڪست ڏيڻ لاءِ پنهنجي سرن جا نذرانا ڏيندا رهيا آهن ۔۔۔

    سلام هجي انهن سڀني ڏاهن انسانن کي جي حق ۽ سچ جي راهه ۾ پنهنجيون سسيون نيزي پاند تي، تلوار جي نوڪ تي ۽ گهاڻي ۾ پيڙجڻ واري روش برداشت ڪري اسان لاءِ راهون روشن ڪري وڃن ٿا ۔۔۔

    عاشق زهـــــر پيــــاڪ، وهه ڏســـــي وهسن گهڻو،
    ڪــــڙي ۽ قاتـــــــــل جـــــا، همــــيشه هــــيراڪ،
    توڙي چڪن چاڪ، ته به آهه نه سلن عام سين۔[/justify]
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شهيد مخدوم بلال رح سنڌ جو نامور عالم ۽ درويش

    سائين نثار اوهان جا لک قرب جو هيڏي ساري پيار مان پنهنجا ڪمينٽس پيا لکو۔ سنڌ ۾ اهڙا ڪيئي ڪردار آهن جن ظلم ۽ ڏاڍ جي اڳيان ڄمي مقابلو ڪيو ۽ شهادتون ماڻيون پر آڻ نه مڃي۔

    اوهان مرتضي جي مٿين چيل ڳالھ کي ڌيان ۾ رکو ۽ گڏجي سنڌ سلامت تي سنڌي شخصيتن واري سيڪشن تي ايترو مواد گڏ ڪيون جيئن سنڌ سلامت جو اهو سيڪشن سنڌي انسائيڪلو پيڊيا بنجي وڃي
     
  12. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: شهيد مخدوم بلال رح سنڌ جو نامور عالم ۽ درويش

    ادا مهرباني اوهان جي .......
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو