غلام مرتضى وساڻ
سينيئر رڪن
ڀائرن کان معذرت جو گهڻين مصروفيتن ۽ ڪجه ڪوتاهين سبب سنڌ سلامت کان ڏور رهياسين۔ اڄ لاگ ان ٿياسين ته مٿي ئي اهو ميسيج پڙهيوسين ته اوهان سنڌ سلامت کان هفتن کان غائب آهيو ، ڪا تحرير موڪليو۔
اوهان سان دادن فقير جو ڪلام جيڪو حضرت امام حسين جي قصيدي جي صورت ۾ آهي۔ هت ڏجي ٿو
ڪجهه لک اي قلم قصئه ستم راز عيان ڪر
ڪنهن ياد ۾ اڄ پيدا ڪو عبرت جو جهان ڪر
مَس جا جيڪي وهن ڳوڙها پني تي سي روان ڪر
ڪر چوب زبان واقعي ڪربل جو بيان ڪر
ڇا حال ٿيو آل جو امت جي هٿائون
ڪيڏيون نه گهليون وڇوڙي جون هوائون
ٿي نقش قيامت جو ويو منظرِ دعوت
دعوت جي بهاني ۾ هئي پوشيده عداوت
قاتل ٿي امامت جي مسلمان جماعت
عالم ڀي ها حافظ ڀي ها ڪي اهل بغاوت
ڪئي پاڪ نه منظور نجاست جي اطاعت
باطل جي اڳيان ڪين جهڪيو شانِ امامت
ڏاري ها فلڪ حشر کي برپا ڀي ڪري ها
ٿي پئي ها ايئن شاهه اگر ڇا ڀي ڪري ها
پاڻي جو ٻيو پيدا هو دريا ڀي ڪري ها
في النار همه لشڪر عادا ڀي ڪري ها
برداشت ڪيئن سڀڪي مڃي امر قضا کي
سر پنهنجو ڏئي راضي رکيائين پنهنجي خدا کي
لبيڪ چئي سر ڀي ڏنائين گهر ڀي ڏنائين
قاسم ڀي ڏنائين علي اڪبر ڀي ڏنائين
معصوم ٻچو بي خطا اصغر ڀي ڏنائين
ڪنهن کان جي محبت ۾ وفا ٿئي ته ايئن ٿئي
ميدان ۾ عاشق جي ادا ٿئي ته ايئن ٿئي
الله ڪان قرباني ڪرڻ ۾ نه گهٽايئين
جيڪي به هيو شاهه کي سو سڀ کي لٽايئين
نانا جو ڇڏي روضو وڃي ويران وسايئين
ماتم نه ڪيائين حال تي ڳوڙها نه وهايئين
امت کي نه احساس ٿيو فرزند نبي جو
صحرا ۾ لٽيئون ساٿ حسين ابن علي جو
امت نه ڏنو پاڻي محمّد جي چمن کي
موتيي کي چنبيلي کي ۽ رابيل رتن کي
ڇڏيو نه خزان گل کي نڪي شاخ کي پن کي
خارن جا لڳا تير ئي بلبل جي بدن کي
مالهي به گلستان مان ٿي مايوس هليو ويو
ڪو شام هليو ويو ڪو وري طوس هليو ويو
اوهان سان دادن فقير جو ڪلام جيڪو حضرت امام حسين جي قصيدي جي صورت ۾ آهي۔ هت ڏجي ٿو
ڪجهه لک اي قلم قصئه ستم راز عيان ڪر
ڪنهن ياد ۾ اڄ پيدا ڪو عبرت جو جهان ڪر
مَس جا جيڪي وهن ڳوڙها پني تي سي روان ڪر
ڪر چوب زبان واقعي ڪربل جو بيان ڪر
ڇا حال ٿيو آل جو امت جي هٿائون
ڪيڏيون نه گهليون وڇوڙي جون هوائون
ٿي نقش قيامت جو ويو منظرِ دعوت
دعوت جي بهاني ۾ هئي پوشيده عداوت
قاتل ٿي امامت جي مسلمان جماعت
عالم ڀي ها حافظ ڀي ها ڪي اهل بغاوت
ڪئي پاڪ نه منظور نجاست جي اطاعت
باطل جي اڳيان ڪين جهڪيو شانِ امامت
ڏاري ها فلڪ حشر کي برپا ڀي ڪري ها
ٿي پئي ها ايئن شاهه اگر ڇا ڀي ڪري ها
پاڻي جو ٻيو پيدا هو دريا ڀي ڪري ها
في النار همه لشڪر عادا ڀي ڪري ها
برداشت ڪيئن سڀڪي مڃي امر قضا کي
سر پنهنجو ڏئي راضي رکيائين پنهنجي خدا کي
لبيڪ چئي سر ڀي ڏنائين گهر ڀي ڏنائين
قاسم ڀي ڏنائين علي اڪبر ڀي ڏنائين
معصوم ٻچو بي خطا اصغر ڀي ڏنائين
ڪنهن کان جي محبت ۾ وفا ٿئي ته ايئن ٿئي
ميدان ۾ عاشق جي ادا ٿئي ته ايئن ٿئي
الله ڪان قرباني ڪرڻ ۾ نه گهٽايئين
جيڪي به هيو شاهه کي سو سڀ کي لٽايئين
نانا جو ڇڏي روضو وڃي ويران وسايئين
ماتم نه ڪيائين حال تي ڳوڙها نه وهايئين
امت کي نه احساس ٿيو فرزند نبي جو
صحرا ۾ لٽيئون ساٿ حسين ابن علي جو
امت نه ڏنو پاڻي محمّد جي چمن کي
موتيي کي چنبيلي کي ۽ رابيل رتن کي
ڇڏيو نه خزان گل کي نڪي شاخ کي پن کي
خارن جا لڳا تير ئي بلبل جي بدن کي
مالهي به گلستان مان ٿي مايوس هليو ويو
ڪو شام هليو ويو ڪو وري طوس هليو ويو