هري موٽواڻي سنڌي شوڪت حسين شورو تصوير ۔ ۔ رضوان گل جي مهرباني ء سان [JUSTIFY] هري موٽواڻي ڪو وڏو واپاري يا شاهوڪار نه هو، پر هن هڪ ڌاريءَ ڌرتيءَ تي سنڌي زبان ۽ ادب کي جهڙي ريت شاهوڪار بنايو، سو تمام وڏو ڪارنامو آهي. جڏهن هري موٽواڻي جو نالو وٺجي ٿو ته ذهن ۾ هڪدم ”ڪونج“ جو لفظ خودبخود اچي وڃي ٿو. هري موٽواڻي ۽ ڪونج هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا هئا. ”ڪونج“ هند توڙي سنڌ جو واحد غير سرڪاري رسالو آهي، جيڪو 1960ع کان وٺي هڪ ئي شخص پنهنجي مٿي ڪٿي باقائدي شايع ڪندو رهيو آهي. هري موٽواڻي 20 نومبر 1929ع ۾ لاڙڪاڻي جي نوان تڪ محلي ۾ ڄائو، سندس پيءُ نارائڻ سنگهه جو دلي لڳاءُ گرو نانڪ سان هو، ان ڪري هو پاڻ خالصه پنٿ سک ٿي ويو هو. هن چاهيو ٿي ته سندس پٽ هري به سک ٿئي، پر گهر وارن ۽ مائٽن جي مخالفت سبب هن جي اها خواهش پوري نه ٿي سگهي. هري اڃا چوٿين درجي سنڌي ۾ هو ته هردوار ۾ رهندڙ سندس ناني کيس پاڻ وٽ سڏائي ورتو. سندس ناني جو هردوار ۾ ڪپڙي جو دڪان هو. هري ناني سان گڏ ڪم ڪرڻ لڳو ۽ 14 سالن جي ڄمار ۾ هڪ هوشيار سئلز مئن بڻجي ويو. لاڙڪاڻي ۾ هريءَ جي پيءُ ۽ چاچن جو ڪاروبار اناج، ڪرياني، کير، ڏڌ ۽ مئدي جي سيئن جو هو. هري اڃا 15 سالن جو هو ته سندس مڱڻو قمبر جي ڇوڪريءَ ڪوشيليا سان ڪرايو ويو. جيڪا پڻ سندس هم عمر هئي. جلدي ٻنهي جي شادي به ڪرائي وئي. هري پنهنجي زال، ماءُ ۽ ڀيڻ سان گڏجي هردوار ۾ ناني وٽ موٽي ويو. پويان ملڪ جو ورهاڱو ٿيو ته سندس پيءُ به لڏي هردوار هليو ويو. هن هردوار ۾ مٺائي جو دڪان کوليو، پر سندس ڌنڌو نه هلي سگهيو ته گهر ڀاتين کي پاڻ سان گڏ وٺي ڪلياڻ ڪئمپ ۾ وڃي رهڻ لڳو. هري ناني سان گڏ ئي هو، پر ڪنهن سبب جي ڪري ساڻس ڪاوڙجي لکنو ڀڄي ويو. سندس پيءُ کيس اتي اچي ڳولي هٿ ڪيو ۽ پاڻ سان گڏ ڪلياڻ ڪئمپ وٺي ويو. هريءَ اتي پهرين بسڪوٽن وڪڻڻ جو ڪم شروع ڪيو. هڪ دٻي جيترا بسڪوٽ وڪڻي اچڻ تي کيس خالي دٻي جا ساڍا چار رپيا ملندا هئا. هن پهرئين ڏينهن ٻن دٻن جا بسڪوٽ وڪيا، جن مان هن نوَ رپيا ڪمايا، پر ماڻهن اوڌر پئي رکي ۽ اوڌر جا پئسا ٻڏي ٿي ويا. هريءَ اهو ڪم ڇڏي هوٽل وارن کي جليبين وڪڻڻ جو ڌنڌو شروع ڪيو. وري اتي به اوڌر وارو مسئلو پيدا ٿي پيو. سندس پيءُ کي ممبئي جي فورٽ ايريا ۾ هڪ دڪان ملي ويو، جنهن ۾ هن مٺائي ۽ پڪوڙن جو ڌنڌو شروع ڪيو. ڪراچي سوئيٽ مارٽ جي نالي سان اهو دڪان ڪاميابي سان هلڻ لڳو. هريءَ جو پيءُ تمام سٺو ڪاريگر هو، سندس هٿ ۾ چس هو، مٺاين جا ڪيئي قسم ٺاهيندو هو، پڪوڙا به تمام سٺا ۽ سوادي ٺاهيندو هو، خاص طور سنڌي سنها پڪوڙا. انهن پڪوڙن ۽ ڦودني جي چٽڻي سبب ٻنپهرن جي لنچ وقت ڪيترائي سنڌي هنن وٽ اچي ڊبل روٽي ۽ پڪوڙا چٽڻي کائي پيٽ ڀريندا هئا. ان دور ۾ رات جو ڪلياڻ ڪئمپ وڃڻ ۽ صبح جو سويل ممبئي پهچي دڪان کولڻ ممڪن ڪو نه هو. ان ڪري هري هفتي ۾ هڪ دفعو ڪلياڻ ڪئمپ ۾ پنهنجي گهر ويندو هو، باقي سڄو هفتو هو ممبئي جي فوٽ پاٿ تي سمهي گذاريندو هو. 1960ع ۾ سندس پيءُ کي ممبئي ۾ گهر ملي ويو ته پوءِ اتي رهڻ لڳا. هري جڏهن اڃا لاڙڪاڻي ۾ چوٿون درجو سنڌي پڙهندو هو، تڏهن کان هن کي قصن ڪهاڻين جي ڪتابن پڙهڻ جو چشڪو لڳي ويو هو. سندس اهو شوق انڊيا وڃڻ کانپوءِ نه رڳو قائم رهيو، پر پاڻ وڌي ويو. ڪتابن ۽ رسالن پڙهڻ جي ڪري ڪلياڻ ڪئمپ ۾ رهندڙ ڪجهه ليکڪن سان هن جي ڄاڻ سڃاڻ ٿي، تڏهن ممبئي ۾ سنڌي ساهت منڊل جي ادبي ڪچهري ٿيندي هئي. هڪ ڏينهن سنڌيءَ جو مشهور شاعر سڳن آهوجا ان ڪچهري ۾ هريءَ کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو. اتي هن جي ملاقات پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، اُتم، سندري ۽ ارجن شاد سان ٿي. ممبئي کانپوءِ هري ڪلياڻ ڪئمپ واري هفتيوار ادبي گڏجاڻي ۾ به وڃڻ شروع ڪيو، جنهن جو صدر پرسرام ضياءُ هو. هري موهن ڪلپنا، لعل پشپ ۽ ٻين ليکڪن سان مليو، اڳتي هلي هن کي ادبي مخزن ڪڍڻ جو خيال آيو. ”ڪونج“ جو پهريون پرچو ڊسمبر 1960ع ۾ ظاهر ٿيو. هريءَ مخزن جو ايڊيٽر موهن ڪلپنا کي بنايو، جنهن جا ٻانهن ٻيلي گنو سامتاڻي ۽ ارجن چاولا هئا. ڪجهه عرصي کانپوءِ هري پنهنجي رسالي جو پاڻ ايڊيٽر ٿيو. ڪونج کي پختن پيرن تي بيهارڻ جي لاءِ هن کي وڏا جتن ڪرڻا پيا، شروع ۾ ڪيترن مٿس ٺٺوليون ڪيون ته هيءُ پڪوڙائي ڇا ڄاڻي ادب مان، ڪونج اجها ٿي دم ٽوڙي. هن تي ٺٺوليون ۽ چٿرون ٿينديون رهيون، پر هريءَ جي لاءِ ڪيترا به گٿا ۽ اگرا لفظ گل هئا. وقت پوندي اهي حرف هيڻا پوندا ويا. ”ڪونج“ اڏامڻ جي سگهه حاصل ڪري اڏاڻي ته بس اڏامندي رهي ۽ آڪاس جي حد ڇُهڻ تائين. ڪونج خاص طور نئين پيڙهي جي ليکڪن کي همٿايو ۽ ادب ۾ آيل نوَن لاڙن کي متعارف ڪرايو، ڪونج ۾ زنده اديبن تي پهريون ڀيرو شخصيات نمبر شايع ڪيا ويا، جن جو تعداد اٽڪل ويهه کن ٿيندو. هري موٽواڻي صبح جو سويل مٺائي جي دڪان تي وڃي ويهندو هو، ڏهين وڳي کانپوءِ هو سڄو ڏينهن ڪونج جي بلي هوندو هو. مواد جي چونڊ، پنو، اشتهار، پروف، ڇپائي، ٽپال، اهي سڀ ڪم هو اڪيلو ڪندو رهيو. ڪونج نه رڳو هند، پر سنڌ ۾ پڻ هڪ معياري ادبي رسالي جي حيثيت مڃائي ورتي ۽ ان هند ۽ سنڌ جي ادب جي وچ ۾ هڪ پُل جو ڪم ڏنو. هريءَ ڪونج رسالي کانسواءِ ڪونج پبليڪيشن طرفان هڪ سئو ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا. ان سان گڏ ڪونج ٿئٽر ۽ ڪونج فلمس پڻ وجود ۾ آيا. ڪونج ٿئٽر طرفان ٽيڪنيڪلر ناٽڪ ”ننڊ نه ڪر نادان“ پيش ڪيو ويو. ان کانپوءِ هريءَ کي سنڌي فلم ٺاهڻ جو شوق ٿيو، هن گوورڌن محبوباڻي ۽ راجن چاولا جي صلاح سان ”هو جمالو“ فلم ٺاهي. هن جا ٻه لک رپيا خرچ ٿي ويا ۽ کيس فقط ستر هزار رپيا وصول ٿيا، هري صفا پٽ پئجي ويو. پيءُ ۽ گهر وارا الڳ ڪاوڙجي ويا. هن سالن تائين وڌيڪ مشڪل سان قرض لاهي پاڻ کي ۽ گهر وارن کي آجو ڪرايو. سنڌي ادب ۾ پبلشر ۽ ايڊيٽر جي حيثيت سان داخل ٿيڻ کان گهڻا سال پوءِ هري موٽواڻي کي اوچتو لکڻ جو خيال آيو. هن ڪجهه ڪهاڻيون لکيون ۽ ان بعد هن جو قلم ڪڏهن ڪو نه رڪيو. هن جي ڪهاڻين جا پنج مجموعا، ٻه سفرناما ”جڙيل جن سان جند“ ۽ ”ماٽيءَ منجهه مهي“، سندس آتم ڪٿا ”آخري پنا“، پنج ناول ”ابو“، ”اجهو“، ”پاڻيارا پکي“، ”ٻاهر نڪرڻ جو رستو“ ۽ ”ڪوِڙو سچ“، هڪ ناولٽ ”ڀنگار“ شايع ٿيا. کيس سندس ناول ”اجهو“ تي ساهتيه اڪادمي طرفان انعام ڏنو ويو. ان کانسواءِ کيس بهترين ناول لکڻ تي هڪ انعام مدر ٽريسا جي هٿان پڻ مليو. هري موٽواڻي کي سنڌ جي ڇڪ ۽ سڪ هميشه رهي. اهو ئي سبب هو جو سنڌ مان جيڪو به سنڌي ممبئي گهمڻ ويندو هو ته هري هن کي جيءَ ۾ جايون ڏيندو هو. هو سنڌ مان آيل مهمانن خاطر پنهنجا ڌنڌا ڌاڙي ڇڏي هنن جي خدمت ۽ گهمائڻ ڦيرائڻ ۾ لڳي ويندو هو. هري ان ڳالهه کي پنهنجو فرض ڪري سمجهندو هو. هري موٽواڻي چاليهن سالن جي جلاوطنيءَ کانپوءِ 1986ع ۾پهريون ڀيرو سنڌ ۾ آيو ته هتي به دل جان سان سندس آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. هو ڄڻ سنڌ وارن جو گهر ڀاتي بنجي ويو ۽ سنڌ هن جو ٻيو گهر ٿي ويو. ان کانپوءِ هو پنج ڇهه ڀيرا سنڌ ۾ آيو. جڏهن پهريون ڀيرو سنڌ مان ٿي ويو ته هن پنهنجي نالي سان گڏ ”سنڌي“ لکڻ شروع ڪيو، ماڻهن چيس ته سنڌي هاڻي ٿيو آهين ڇا؟ ته وراڻيائين ”مسلمان حج ڪري اچڻ کانپوءِ پاڻ کي حاجي سڏائيندا آهن، مان سنڌ جو درشن ڪري آيو آهيان ته هاڻي پاڻ کي سنڌي ٿو سڏايان.“ ”ڪونج“ هريءَ جو جياپو هو. پڇاڙيءَ واري عمر ۾ بيمارين سبب هلڻ کان عاجز هوندي به هو ڪونج خاطر رڙهندو رهيو. هن جي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي خواهش اها هئي ته هو ڪونج جو گولڊن جوبلي نمبر ڪڍڻ تائين زنده رهي. بيمار، نٻل، هلڻ کان لاچار هوندي به ان خوشيءَ جي آسري ۾ رڙهندو، ٿڙندو، ڦاٻڙندو هلندو رهيو ته ڪونج جي پنجاهه سالن واري منزل ماڻيندو، پر ان کان ٽي سال اڳ 7 مئي 2006ع تي هو هڪ اڻ کٽ سفر تي روانو ٿي ويو. سندس اها خواهش نند ڇڳاڻي گولڊن جوبلي نمبر 2009ع ڇپائي پوري ڪئي. هريءَ کي پيار ڪندڙ ۽ ڪونج جي چيف پئٽرن دادا مورجمل منگهناڻي ڪونج جي گولڊن جوبلي پرچي ۾ کيس شرڌانجلي ڏيندي لکيو ته ”پٺيان نهاريون ته پنجاهه سالن جي ادب ۾ اڪيلي ڪونج ڇا نه ڪيو آهي؟ هريءَ جي ادبي خدمتن جي هڪ وڏي دريائي ۽ سُڪ پُل (Bye-Pass) ممبئي کان ڪراچي پئي وڃي، نه سيمنٽ، نه ڪانڪريٽ، نه لوهه، نه ٿنڀو نه ٿوڻي، پر غبئي طور جذبات جي مضبوط ڏور، سچائيءَ سان اُڻيل پُل، اهو هڪ شخص جو ڪرشمو چئي سگهون ٿا...“[/JUSTIFY] روزانه ڪاوش جي ٿورن سان