• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

الف لام ميم جي۔۔ الف ب ت

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن

الف
الف لام ميم جي، جڏهن واحد ڪئي واکاڻ،
ميڙي سڀ مخلوق کي، ڪيو باريءَ‌رب بيان،
چيئون اسين تابع تنهنجا، تون صاحب رب سبحان،
مليو مانُ‌مٽيءَ‌کي، اٿيو آدم ٿي انسان،
ڪيو شرڪ وڏو شيطان، برهه واريءَ‌بات کان۔۔
ب
برهه واريءَ بات ۾، ڏِسُ ابليس پيو اڙجي،
انا خير مِنهُ چئي، ڪيئن توڙئون ويو تڙجي،
لعنت خدا جي مٿس ويئي، مفت ۾ مڙهجي،
اجازت وٺي الله کان، هليو باهه منجهان ڀرجي،
ڪيئن پٺيان پيو پئجي، تکا حملا تيز ڪري۔۔
ت
تکِا حملا تيز ڪري ، هليو واٽ وٺي وَٽجي،
انڌي هن تقليد ۾، پوءِ انڌا ويا اڙجي،
لالچ سندي لوڀ ۾، ٿي قيد ويا ڪڙجي،
اٿيا گڏ ابليس سان، سڀ پڪا ٿي پڙهجي،
بيٺا گهاٽ منجهان گهڙجي، ثابت قدم جي سامهون۔۔

زوار غلام علي غلام نوحپوٽو
 
جواب: الف لام ميم جي۔۔ الف ب ت

ماشاء الله ۔۔۔ ڪلام جي صورت ۾ آدم جي تخليق، ملائڪن جي سجدي ۽ ابليس جي انڪار کانپوءِ سندس لعنتي ٿيڻ جو قصو ڪمال سان بيان ڪيل آهي ۔۔۔۔ غلام جي غلامي شل قبول پوي ۔۔۔

لک ٿورا سهڻا مست سائين ۔۔۔ رب اوهانکي نيڪيون عطا ڪري ۔۔۔ آمين
 
جواب: الف لام ميم جي۔۔ الف ب ت

ماشاء الله ۔۔۔ ڪلام جي صورت ۾ آدم جي تخليق، ملائڪن جي سجدي ۽ ابليس جي انڪار کانپوءِ سندس لعنتي ٿيڻ جو قصو ڪمال سان بيان ڪيل آهي ۔۔۔۔ غلام جي غلامي شل قبول پوي ۔۔۔

لک ٿورا سهڻا مست سائين ۔۔۔ رب اوهانکي نيڪيون عطا ڪري ۔۔۔ آمين

الاهي آمين۔۔۔۔ ادا نثار بيشڪ هي شاعري دل کي لڳي ٿي۔۔۔ ان ڪري ئي مون هتي ونڊ‌ ڪئي۔۔۔
 
Back
Top