نثارناز
سينيئر رڪن
دوستو السلام عليڪم۔ شاهه سائين جي هر سُر تي ڪافي سارن سنڌ جي مصورن ، پنهنجي پنهنجي ديده زيب ڊزائن ۾ چترڪاري ڪئي آهي۔ اڄ فيس بُڪ تي اسان جي محترم دوست سيد علي شاهه جي ڪريئٽ ٿيل شاهه سائين جي فڪر ۽ فلسفي واري صُفحي تي سنڌ جي کاهوڙي اسان جي فيس بوڪ جي دوست محترم شبير ڪُنڀار سندس ئي تخليق ڪيل سنڌي فونٽن سان شاهه سائين جي سُر ڪيڏاري مان تقريبن سمورا بيت چترڪاري ذريعي دنيا جي سمورن سنڌين سان ونڊ ڪيا آهن۔ آئون اهي سمورا بيت سائين سيد علي شاهه جي ٿورن ۽ محترم شبير ڪنڀار جي ٿورن سان هتي ونڊ ٿو ڪريان۔ اميد ته شاهه سائين جو سُر ڪيڏاري وارا سمورا هي بيت شبير ڪُنڀارجي چتر ڪاري جي صورت ۾ توهان کي پسندا ايندا۔