فوٽو شاپ جي مڊل ايسٽ ورزن ۾ ڊائريڪٽ سنڌي لکي سگهجي ٿي ۽ جيڪڏهن مڊل ايسٽ نه آهي ته پوءِ سڀني کان پهريائين ڪو پي ڊي ايف سافٽويئر انسٽال ڪريو ۽ پنهنجي ورڊ ڊاڪومينٽ کي پي ڊي ايف ۾ تبديل ڪريو.
هاڻي جيڪڏهن انهيءَ پي ڊي ايف فائل کي فوٽو شاپ ۾ کولبو، تڏهن به صحيح آهي، پر جيڪڏهن اڃان وڌيڪ آسان بنائڻ چاهيو ته ٿا پوءِ ايڪروبيٽ رائيٽر انسٽال ڪريو. انهيءَ ۾ مطلوبه فائل کي کوليو ۽ فائل کي save as ڪريو. Save as type ۾ eps (encapsulated postscript) سليڪٽ ڪري، فائل ڪي سيو ڪريو.
آخر ۾ فوٽو شاپ ۾ save as ڪيل فائل کي کوليو.
فوٽو شاپ ۾ سنڌي اچي ويئي هاڻي مزا ڪريو.